مرحوم استاد هدايت الله سمون صاحٻ

مرحوم هدايت الله سمون صاحب جي شاعري 

ڪجهه غزل

مان ته آيس سڪ سچيءَسان سور پايون ٿو وڃــان،
سک ڏئيءَ سارا توهان کي، ڏک پرايون ٿو وڃـان،
مان ملنگهه آهيان هدايت الله منهنجو ڪــم اهـــــو،
لڙڪ مڙي اٿم رکيا، مرڪون ورهــائيندو وڃـــــان.
***
رکيم ياري مٺا توسان يقينن سان نــبـاهـيـــنـدس،
ڪيل انجام الفت جا، پرين پــورا پـڄـائـيــــنـدس،
ڀلي چريـو چون عالم، لکي مون تي لمـبو ڪالم،
اسان جو هوش آ سالم، رقيبن کي مـڃـائـيـنــــــدس.
***
وئـي دلـــڙي اکـيـن جـي آ اشــارن ئـي اشــارن تـــــــي،
اسان آهيون ڇڪن ٿي پيا ڪنڍين ان قربدار تـــــــي،
هدايت الله هيئن تي هٿ رکي تڪ حسن وارن ڏي،
پيوڏس چنڊ ڪيئن چمڪي وسيهر وار ڪارن تي.
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
ڪجهه بيت

ڪــوڙو دنــيــا هــيءَ، ڪــــــوڙو ســــــارو مـــــذڪــــــور،
اڄ جو معتبر ماڳ ۾، سو صبحاڻي مرحوم مشهور،
هڙئي آهن هـدايـت الله چـوي، سمجهه کي ئي ســــــور،
ڪــيـان ڇـــا مــــذڪــــور، حـــــيــــرت ۾ حـــيـــران مــــان.
***
گـهوٽـيل ڏسِـيِ نه گُهرُ، پنهنــجـي گـهـوٽـي پــــــيءُ،
اصــل کــان عــاشـــقـــن جـــــــــو، امـــــر آهــــــي ايءُ،
هن جڳ ۾ هدايت الله چوي، مهڻي هاب نه ٿيءُ،
مــزو مـاڻـج هــيءُ؛ جـو پـــــــاڻ پـيـارج ٻـيـن کـي.
 ***
مـــاڻــهـــو مــڙوئـــي عيــدون ڪن ڪهڙيون مون عيدون،
هــــنــــن جــــــــي طــلب طـــعــــام آ، مــنـهـنـجي طلب تـون،
تو ڪيون چَنڊَ- لِڪُون، هدايت الله ڪيئن عيد ڪـيان.
 ***
نـه ڪـي ڏمـر ڏيرن تـي، نـه ڪـي ڏونـگـر ڏوهـُــه،
هـي تـان هـدايــت الله چـوي، لالـڻ لکـيـو لـوهــــه،
مون ريءَ ڪر ڪوهُه، ٻي ڪا دانهون درد جون.
***
اڻ تـڻ ابـاڻـن جـي، ڪـئــي نــنــڊ حــــــــرام،
نه ئي سک ساهه کي، نه طلب رهي طعام،
هدايت الله انڌام، ٻرن مون ٻڪرارن لـئه.
***
گُـهـورِ نـه گهـڙو گـهـيـڙ تـي، گـھـوريـن تـان نـه گِـھـڙُ،
هيئر وهي هدايت الله چوي، پهرين منجهه پيئي لُڙُ،
مريـن تـان بــه نـه مُـــڙُ، عـقـل واريـون ويـون اوڙاھـه ۾.                              
***                                                         
راڻـا تـنـهـنـجـون رهاڻيون، سڏ ڪا ڀريو ساريـــــــان،
کوڙي اکڙيون کڙھ ۾، هدايت الله هنجون هاريان،
پـئـي پـل پـل پـوڪـاريـــــــــان، موٽي آءُ تون مينڌرا.
***
رسـي ويـھه نـه راڻـا، لنـوء لنــوء تـنهنجي لات،
پـائي ڀـاڪـرَ پـاون کـي، روئـــان سـاري رات،
هدايت الله عورت ذات، هيئن نه مارج مينڌرا.
***
ويــٺـي اڱـــــڻ ٻــھــاريـــان، مـيـو مـوٽـائـــي آڻ؛
هيڪر هدايت الله چئي، ڪئيون روح رهاڻ؛
ســوڍا سـنڱ ســڃـاڻ؛ آءُ عـيـبن ڀـري آهـــيـان.
***
ڪڏهن گوتم، ڪڏهن ڪرشن، ڪڏهن مسجد ۽ مندر ۾،
پکيڙي ڄار مذهب جا مِڙوئي ماڻـهـو مُـنـجـهـائـي ويٺين،
ڪـــري الــيٰ اڱــڻ آيــئـــن، ڪــٿـــي صـوفـي سـڏائــيـن ٿو،
     گهمي گهٽيون، سوالي ٿي، هــــدايـــت الله سڏائي ويٺين
***                                                         
هيءُ قوت نه آهي ڪنهن جو، جنهن کي ڀليل ڀاڪر پائين،
چـــٽـــي چُــــوپــــي جــن ڇــڏيـو، ســو ڪـيـئـن کـلـيـو کائـيـن،
حـــرام مــنــجـهـه هــدايــت الله چــوي، ڇــو ٿـو وات وڃائين،
جــــي هــئــيـن ســيــن هـنـڊائـيـن، تـه هَـٿُ نه لائين هَڏِيءَ کي.
***
ڪانگ، ڪتا ۽ ڳجهون، ڍونڍ مٿي ڍرڪن،
پـٽـيـنـدي پـلـيـد کـي، پـيـا گَـنـدَ مٿي گُرِڪَنِ،
حرام ۾ هدايت الله چوي، وڏا وات وجهن،
چـکـيو ڪـيـن چرين، جو هئو مزو حلال ۾.
جيئن ٿو نمي نماز ۾، تـيـئـن هــر وقــت هئـيج،
چَــوَنــدَنِ جــي اڳـيـان چَـريـــا، لاش جـيـان لـڳـيـج،
هڙئي ڪم هدايت الله چوي، واحد سين واڳيج،
ڪـيـنـو، ڪـوڙ ڪــڍيـج، ته ڏک به ڀَـڄَـنِ ڏور تـو.

***                                                                       
ڪــالــهــوڪــي پٽن تي، ڪانهي پرديسين پَـهــَرَ،
هو هليا هدايت الله چوي، سوجهي ڪنهن سفر،
جـن جيءَ نينهن نــــظـــــر، روئـــاريو آهـــي راڄ ۾.
 ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو