سنڌ جي تاريخ

آڳاٽي سنڌ ۽ سندس جاگرافي
زماني جي هر پل بدلجندڙ ڌارائن سبب هر قوم ۽ ملڪ کي جيتوڻيڪ ڪڏهن نقصان رسيو آهي ته ڪڏهن نفعي جا اهڃاڻ به نظر آيا آهن. پر ملڪ سنڌ جيڪو اڄ هڪ ننڍڙي زمين جي ٽڪري جو نالو آهي، ان کي شايد وقت جي هٿان تمام گهٽ ڪڏهن فائدو پلئه پيو هجي. دريائن جو بادشاهه ”سنڌ“ جنهن نالي پٺيان هي ملڪ سکيو ستابو آهي. انهيءَ به ڪڏهن ائين منهن موڙيو جو زمانو هر روز سنڌ کي برباد ڪندو رهيو ۽ پڇيائين به ڪونه!
هن ملڪ جي مظلوميت جو داستان سندس نالي سان ئي شروع ٿو ٿئي. شروعات ۾ اتر هندوستان هن ئي نالي سان سڏيو ويندو هو. بعد ۾ اهڙو دور آيو جو اپر ٻيٽن واري هندوستان جا رڳو الهندا پرڳڻا ئي هن نالي سان مخصوص ٿيا ۽ اڄ هن وقت لفظ سنڌ هندوستان جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي رڳو هڪ ننڍڙي ريگستاني زمين، خطي جي مصيبتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.
افسوس جو اسان کي اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته آرين جي اچڻ کان اڳ هتي جي اصل رهاڪن ۽ غير آريائي ماڻهن ۾ هي ملڪ ڪهڙي نالي سان سڏبو هو. پر آريا جڏهن هندوستان ۾ داخل ٿيا ته سندن هٿياربند لشڪر پهريان هن سڄي ملڪ تي قابض ٿيو، جنهن کي اٽڪ درياءُ آباد ڪري ٿو.
پنهنجي فتح جا بنياد پڪا ۽ مضبوط ڪرڻ خاطر انهن پرڳڻن تي بادشاهي ڪندي کين حملي جي رفتار ڍري ڪرڻي پئي ۽ هتي ئي رهي پيا. ان ڪري آڳاٽي زماني ۾ هي درياءَ آرين جو درياءَ سڏجڻ لڳو.
آرين قبضي کان پوءِ هن درياءَ جو نالو ”سنڌو“ رکيو. ڇو ته سندن ٻوليءَ سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ جي معنيٰ ”درياهه“ آهي ۽ سندن ئي عقيدي ۾ ”دريائن جو ديوتا“ هن نالي سان سڏبو هو ۽ پوءِ جڏهن هو هن ملڪ ۾ وڌيا ۽ کين اٽڪ درياءَ پنج نندي ۽ سر سوتي ندي نظر آئي ته هن خطي کي ”سپت سنڌو“ ۽ ”ست نديون“ سڏڻ لڳا. انهن مان سرسوتي جيڪو سڀني دريائن جي اوڀر ۾ ۽ سڀني کان ننڍو آهي. هن وقت گهڻو ڪري خشڪ رهي ٿو سا حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ڇهه ست صديون اڳ تمام وڏي ندي ٻڌائي وڃي ٿي ۽ هندن جو عقيدو آهي ته اها اصل جوڻ مٽائي گنگا جمنا ۾ اچي پڌري ٿي.  ۽ سندس پڌري ٿيڻ سان ”ترويني“ جي لفظ کي مشهوري ملي.“
ڪجهه انگريز مؤرخن جي تحقيق مطابق حضرت عيسيٰ عليه السلام کان اٽڪل پندرهن سو سال اڳ آريا اوڀر پاسي گنگا ڏانهن وڌيا، پر ٻي راءِ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هي واقعو گهڻو اڳ جو آهي. خير هي قصو کڻي ڪهڙي به دور جو هجي پر هي ماڻهو پنهنجي انهيءَ فتح منديءَ جي رفتار ۾ جيئن جيئن اڳتي وڌندا رهيا، تيئن سنڌ ملڪ به ڪشادو ٿيندو رهيو.
دلير فاتحن جي جهنڊي سان گڏوگڏ هي نالو اوڀر طرف وڌندو رهيو، جنهن حصي کي آرين پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو. ايستائين جو سڄي هندوستان کي هن ئي نالي سان سڏيو ويو. پر گنگا ندي تائين پهچي آرين پنهنجو پاڻ کي ”آريا ورت“ بدران ”سنڌو“ ئي سڏيو، جنهن نالي سان هي ملڪ وٽن مشهور هو.
ايرانين جي ٻوليءَ پنهنجي مرضيءَ سان سنڌوءَ کي ڦيرائي سنڌ ڪيو ۽ پوءِ وري اهڙي تبديلي آئي جو لفظ سنڌ ڦري هند ٿيو.
ايرانين جي اهڙي اختيار سان اها خاطري وڌيڪ پختي ٿئي ٿي ته لفظ ”سنڌو“ گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪيو پر وري به اولهه هندوستان جا ڪجهه پرڳڻا ان کي ڪجهه هلڪو ڪري ”سنڌ“ سڏڻ لڳا ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان سبب ڪري وقت جو وهڪرو کيس مٽائي نه سگهيو. جڏهن ايرانين وٽ هي لفظ سنڌو مان ڦري هند ٿيو ته ٻين قومن جي زباني اولهه جي ڏورانهن ملڪن تائين مشهور ٿيڻ لڳو. عرب تائين هند ئي رهيو پر يونان تائين رسندي ”اند“ رهجي ويو پوءِ جڏهن رومي صرف ۽ نحو جي آري تي چڙهيو ته ”اند“ مان ٿيو”انڊيا“ جڏهن ته انگلستان وارن وٽ اکر دال ٺهي ئي ڪونه ۽ هاڻي تقريبا ساڍن ٽن هزارن سالن کان جيڪو لفظ اصل ۾ ”سنڌو“ هو ”انڊيا“ ٿي اهڙي بگڙيل شڪل ۾ جڏهن اسان تائين پهتو ته اسان به گهڻي دير کان پوءِ سڃاتو.
معلوم ٿئي ٿو ته ايرانين سنڌوءَ کي ڦيرائي هند بنائڻ کان گهڻو پوءِ جڏهن محسوس ڪيو ته اولهه هندوستان وارا پنهنجي ملڪ کي سنڌ سڏين ٿا ته ڀل وچان اهو سمجهيائون ته هند هن ڏيهه جو نالو آهي. جنهن کي آريا آريا ورت چوندا آهن. سندن تقليد ۾ اها ڀل عرب سڳورن کان به ٿي ۽ نتيجو اهو نڪتو جو اولهه هندوستان جا پرڳڻا ئي فقط سنڌ سڏجڻ لڳا ۽ باقي سڄو ملڪ هند سڏجڻ لڳو ۽ مزي جهڙي ڳالهه ته آريا ورت سڏائڻ وارا به ان بگڙيل نالي هند کي مڃيندي ۽ انهيءَ نسبت سان پنهنجو پاڻ کي هندو سڏائڻ لڳا ان کان پوءِ ايران وارن کي هڪ ٻيءَ مرضيءَ جو موقعو مليو ته هندن طرفان جيڪي ملڪي نسبت خاطر هندو ٿيا هئا. اهي وطن ڏانهن ٻيهر منسوب ٿيا ۽ اهڙي طرح ”آريا ورت“ هندوستان ٿي ويو. چيني سياح هوئن ٽسانگ جيڪو نبي ڪريم صه جن جي وصال کان چار سال اڳ 7 هه (629ع) کان 26هه (645ع) يعني حضرت عثمان رضه جي خلافت جي ٽن سالن تائين هندوستان جو سفر ڪندو رهيو هو، پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته ”هندوستان آڳاٽي وقت ۾ مين شنتو ۽ هين توجي نالن سان مشهور هو. پر هاڻي هن جي نالي جو صحيح اچار ”انتو“ آهي. ان مان معلوم ٿيو ته هوئن ٽسانگ جي وقت ۾ ايرانين جو جوڙيل نالو هند به ايستائين اچي چڪو هو ۽ ”انتو“ ته پڪ سان يونانين آندو. جڏهن هو سڪندر سان گڏ آيا هئا ۽ ٿي سگهي ٿو ته سندن جوڙيل نالو هن چيني سياح جي وقت ۾ موجود هجي.
مسلمان فاتحن جي اچڻ وقت جيتوڻيڪ اوڀر هندوستان جا پرڳڻا سنڌ جي قبضي مان نڪري چڪا هئا، وري به اولهه هندوستان شامل هو، پر ڪي پرڳڻا جيڪي هندوستان جي حدن ۾ نه هئا، اهي به هن ۾ شامل هئا. ان وقت نه پنجاب هو ۽ نه بلوچستان. جيڪي في الحال هندوستان جي حدن کان ٻاهر آهن، انهن ڏينهن ۾ پنجاب ڪشميري جبلن جي ڏکڻ ۾ هڪ ننڍڙي آبادي جو نالو هو. جتان جبلن مان ننڍا ننڍا پنج چشما نڪري پاڻ ۾ ملي هڪ وهڪرو ٿي جهلم دريا ٺهيو. اڳوڻي سنڌ جي شاهي هندو خاندان جي باني راءِ چچ ۽ ڪشميري راجا پنهنجي حڪومتن جا دنگ دڙا نروار ڪيا ۽ بلوچ جن کي عرب سڳورا پنهنجي ٻوليءَ ۾ بلوص چون ٿا، موجوده بلوچستان جي ڏاکڻي ڪناري تي لٽ ڦر ڪندا هئا. جڏهن ته هنن سندن نالي ڪڏهن به ڪنهن حصي تي پنهنجو وطن نه ٺاهيو.
سنڌ جي ان وقت جي ڪشادگيءَ جو اندازو ڪرڻو هجي ته ڏسو راءِ چچ جي ڏينهن ۾ هن ملڪ جون حدون ڪيستائين پکڙيل هيون، اتر جهلم درياءَ جي منڍ کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڪشمير جا هيٺاهان پٽ سندس حصو هئا، اتان کان ڪابل جا جبل سندس سرحدن کي مضبوط ڪندا افغانستان جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تائين اچن ٿا. موجوده بلوچستان جي سرزمين شروع ٿيندي ئي سنڌ اولهه ۾ ايستائين وڌيل هئي جو اتر اولهه ۾ هيلمند درياءَ سندس سرحد بڻبو هو ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ايران ۽ سنڌ جون سرحدون ان هنڌ ملنديون هيون جتي سمنڊ ڪناري سامهون مڪران جو ٻيٽ نور منشور موجود آهي، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ڇوليون هڻندڙ هو، وري ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ رڻ ڪڇ هو. بلڪه ڪيترن ئي بيانن مان پتو پوي ٿو ته ڪڇ به سنڌ جو حصو هو، هتان ئي اوڀارين سرحد شروع ٿيندي هئي، جيڪا ڪنهن ڀٽڪيل جهنگليءَ وانگر راجپوتانا ۽ جيسلمير جي پٽن مان هڪ اڻ سونهين ۽ گمنام وانگر اترين جبلن جي پاڙن تائين هلي ويئي هئي. پر قديم جاگرافي لکندڙ چون ٿا ته ڪشمير به سنڌ جو حصو هو، پوءِ کڻي سنڌ جي حاڪمن جي سلطنت کان پري هو. مطلب هي ته انهن ڏينهن ۾ اتر هندوستان جو سڄو الهندو پاسو سنڌ ليکبو هو. آڳاٽي وقت ۾ جيترو نگاهه کي اڳتي وڌائينداسين سنڌ ملڪ ايترو ئي ڪشادو نظر ايندو ۽ ان جون سرحدون وڌيڪ پکڙيل ملنديون. مٿي ڄاڻايل حدون عرب فاتحن جي عهد تائين قائم هيون پر ان کان پوءِ اهڙيون اهڙيون تبديليون آيون جو سنڌ ڏينهون ڏينهن بدلجندي رهي ۽ آخر هڪ ننڍو ڏينهُن ۽ ويران زمين جو ٽڪر وڃي بچي.
زماني جي تبديلين پنهنجي هنج ۾ نوان نوان پٽ پاليا جن پنهنجي ڌرتيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري نون نالن سان مشهوري ماڻي. جيئن ننڌڻڪي ڌرتيءَ تي آيلن پنهنجا گهر اڏيا. اڀرندا پرڳڻا ۽ شهر سڀ کان اڳ آرين جي ڏينهن  سندن ئي مقرر ڪيل پياري نالي ”آريا ورت“ جي نظر ٿي ويا. اتر طرف جيڪا ننڍڙي آبادي پنجاب سڏبي هئي، اها وڌي انهن سڀني سرسبز ۽ شاداب ۽ زرخيز پرڳڻن تي ڇائنجي ويئي، جيڪي اتر ۾ موجود هئا. اولهه طرف قوم بلوص (بلوچ)، جيتوڻيڪ زماني هٿان ڏاڍي مار کاڌي پر آهستي آهستي ٻين جون نظرون جهلي اڳتي وک وڌائي ۽ آخر سنڌ جا سڀئي اولهه ۽ ڏکڻ وارا پرڳڻا کسي پنهنجا ڪيائون، جيڪي اڄ بلوچستان سڏجن ٿا. انهن ئي ڏکوئيندڙ قبضن جو نتيجو آهي جو ملڪ سنڌ جيڪو مسلمانن جي شروعاتي دور ۾ ويڪرائي ڦاڪ 23 درجن تائين ۽ ڊگهائي ڦاڪ جي تقريبا 62 درجن کان 71 درجن تائين پکڙيل هو ۽ هاڻي فقط 23 درجن ۽ 28 درجن تائين محدود آهي.
هن وقت هي ملڪ بمبئي پريزيڊنسي جو اتر اولهه جو سڀ کان آخري صوبو آهي جيڪو اٽڪ درياءَ جي هيٺاهين آبادي جي ڇوڙ تائين ڇانيل آهي. حدن جي لحاظ سان جيڪڏهن ڏسبو ته اتر طرف افغانستان، پنجاب ۽ بهاولپور رياست آهي، اوڀر ۾ جيسلمير ۽ جونپور جون رياستون آهن، ڏکڻ ۾ رڻ ڪڇ ۽ عربي سمنڊ آهن ۽ اولهه م خان قلات جي سرداري حد بندي ڪري رهي آهي. ۽ اتر  کان ڏکڻ تائين ڊيگهه وڌ ۾ وڌ 360 ميل آهي. پوسٽنس جيڪو ڪنهن وقت سنڌ جو اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ هو، تنهن ان جي ڊيگهه گهڻي ۾ گهڻي 500 ميل ڄاڻائي آهي. ان اختلاف جو سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته بعد ۾ سنڌ جا اتريان علائقا سنڌ کان ڌار ڪري پنجاب ۾ شامل ڪيا ويا هجن. موجوده دور ۾ هي ملڪ انگريز حڪومت جي اثر هيٺ آهي.
البت اتر اوڀر ۾ ٿورو حصو الڳ حيثيت سان هڪ مسلمان مقامي رئيس جي هٿ هيٺ آهي. جنهن جي حڪومت رياست خيرپور جي نالي سان سڏجي ٿي. اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته گذريل دور جون ڪيتريون ئي ڳالهيون
ياد رهي ته هي ڪتاب گڏيل هندوستان جي دور ۾ لکيو ويو هو
اهڙي اڻڄاڻائيءَ ۾ پيل آهن، جو اسان ڪنهن به صورت ۾ گذريل ۽ اڳوڻي سنڌ جي ڀيٽ نٿا ڪري سگهون. نه آبادي ۽ نه ايراضي مطلب ته هر شعبي ۾ ڀيٽ ڪري ٻڌايون ته موجوده سنڌ کي قديم سنڌ سان ڪهڙي نسبت آهي، بهرحال ايترو معلوم ڪندي ته موجوده سنڌ اڳوڻي سنڌ جو چوٿون حصو به نه آهي، جڏهن هن جي موجوده ايراضي ۽ آبادي ٻڌائي ويندي ته يقين سان هن ملڪ جي پراڻي حالت جو هڪ خيالي خاڪو تيار ڪيو ويندو. ۽ انهيءَ سبب اسان موجوده حالتن طرف ڌيان ڏيون ٿا.
سنڌ جو اهو حصو جيڪو انگريز حڪومت هيٺ آهي ان ۾ 1881ع ۾ 48014 ميل هم چورس ايراضي هئي ۽ انهيءَ ئي سال رياست خيرپور جي اثر هيٺ 6109 ميل هم چورس ايراضي هئي. ان حساب سان سنڌ جي ڪل ايراضي 54123 هم چورس ميل ايراضي ٿي. جنهن تي 3417 شهر ۽ ڳوٺ آباد آهن. سڀني شهرن م مشهور ڪراچي آهي، جيڪو عربي سمنڊ جو هڪ مشهور بندرگاهه آهي. جڏهن ته پنجاب، بلوچستان ۽ ڪابل وغيره وڃڻ لاءِ سمورو واپاري مال هتي ئي لهندو آهي ان ڪري هي شهر واپار جي هڪ وڏي منڊي ٿي ويو آهي. انگريز حڪومت پنهنجو رهائشي ٺڪاڻو هن ئي شهر کي ٺاهيو، جنهن ڪري هن شهر جي آبادي ۾ وڌيڪ رونق پيدا ٿي، ڪراچيءَ ۾ جيتوڻيڪ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿيندي رهي ٿي، پر سنڌ جو پراڻو گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد، هتي جي وسندڙ شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ ڪنهن سبب ڪراچي جو نعم البدل به ٿي سگهي ٿو. هي پورو ملڪ سنڌ جاگرافيائي ۽ قدرتي حالتن پٽاندڙ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. مٿاهين سنڌ ۽ هيٺاهين سنڌ يعني اتر ۽ ڏکڻ جي ٻنهي حصن کان سنڌي ماڻهو سرو ۽ لاڙ سڏين ٿا. سيوهڻ کان مٿي اترين سنڌ لاءِ ان کان هيٺ عربي سمنڊ تائين ڏاکڻي سنڌ، هن ڌرتيءَ جي سڄي سونهن سنڌو درياهه سان آهي، جيڪو جڳن کان اڄ تائين واپار جو هڪ وڏو سبب رهندو اچي ۽ انهي درياءَ خاطر سڀئي آڳاٽا جاگرافي لکندڙ يونانين کان وٺي عربن تائين سنڌ ملڪ کي مصر سان ڀيٽيندا رهيا آهن. جهڙي طرح مصر جي سڄي سونهن ۽ آبادي بلڪ اتي جي ماڻهن جي حياتي ۽ زمين جي سرسبزي ۽ شادابي نيل درياءَ تي مدار رکي ٿي. اهڙي طرح سنڌ جي سونهن ۽ رونق جو دارو مدار سنڌوندي تي آهي. هي عظيم الشان درياءَ ملڪ تبت جي انهيءَ مقدس جبل جي هنج مان نڪتو آهي جيڪو ڪيلاس سڏيو وڃي ٿو. ۽ سنسڪرت جي ٻوليءَ ۾ جنت جي لقب سان سڏيو ويو آهي. سنڌو درياءَ جو اڀار پاڻيءَ جي سطح کان سورهن هزار فٽ مٿاهون نڪتو آهي ۽ اتان کان اٺ سئو ميلن تائين يه درياءَ هماليه جي ورن وڪڙن ۽ ان جي هيٺاهين کان وهندو ۽ اهڙن هنڌن تان سندس لنگهه ٿيو آهي جتان انسان جو لنگهڻ ڏيو ۽ محال آهي. تنهن کان پوءِ زمين جي سطح ۽ انگريز حڪومت جي بادشاهي ۾ اچي داخل ٿيو آهي، جتان هڪ هزار ميل وهي اچي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. مٿاهن پٽن ۽ اونهاري جو اڪٿر پائيندڙ رهيو آهي. شهر اٽڪ تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڪابل درياهه اچي ساڻس ملي ٿو، ميلاپ واري هنڌ ٻئي درياهه هڪجهڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اتان کان اڳتي وڌندي ڪابل درياهه کي ڪڇ ۾ ڪندو سنڌو درياهه وڌيڪ ويڪرو ٿي ويو آهي. جتي سندس ويڪر ميل جي چوٿائي جيڏي آهي، جيڪا موسمي تبديلين سان ڪڏهن ڪڏهن ان کان به وڌي ويندي آهي. سمنڊ کي ويجهو رسندي منجهائنس ڪيتريون ئي شاخون نڪرن ٿيون، جنهن ذري گهٽ انهيءَ زمين کي گهيري ۾ آڻي وڌو آهي.
هن عظيم الشان درياهه جا يارهن ڇوڙ آهن جن مان ڪي جهاز رانيءَ جي لائق آهن. ڇوڙ جي اهڙن شاخن جو سلسلو ستر ميلن تائين ڦهليل آهي، جتي هر هنڌ ٻٻر ۽ سرنهن جا وڻ بيٺل آهن ۽ آبادي به وڌيڪ آهي. سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ جيتوڻيڪ سنڌو درياءَ جو ڇوڙ موجود آهي پوءِ به هتي ڪيترائي وهڪرا وهن ٿا ۽ زمين کي پائيندا رهن ٿا. آباديءَ لاءِ اتي جو ڪو به حصو قابل اطمينان ناهي. ان ڪري سنڌو درياءَ مان نيون شاخون نڪرنديون ۽ زمين کي چيرينديون پاڻ لاءِ خاص ۽ جدا واٽ ٺاهينديون آهن. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جتي اڳ شاخ نه هئي اتي هڪ نئون وهڪرو هلندڙ آهي  جتي ڪڏهن شاخون هلندڙ هيون اتي هر هند پاڻيءَ جي وهڻ جا وهڪرا خشڪ پيا نظر ايندا. درياءَ جي انهيءَ اختيار سبب گهڻو ڪري سندس بند ڀرندا رهيا آهن ۽ وڏا وڏا وڻ ڀري ڪرندا رهندا آهن، جن جي گجڻ جو آواز وڏين وڏين توبن ڇٽڻ کان گهٽ ناهي هوندو.
جبلن جي هن ملڪ ۾ کوٽ آهي جيتوڻيڪ ننڍا ننڍا پٿريلا ڍڳ هر هنڌ چٽا نظر ايندا پر اهڙي اوچائي جنهن کي جبل چئجي اهي فقط کير ٿر جون قطارون آهن، جيڪي سنڌ کي بلوچستان کان جدا ڪن ٿيون، انهن قطارن جون ڪجهه چوٽيون پاڻيءَ جي سطح کان 700 فٽن تائين بلند آهن، هي جبل 120 ميلن تائين برطانوي راڄ جي حد بندي ڪندي هليو ويو آهي، انهيءَ جبل سان ميل پاب جو سلسلو مليل آهي جنهن نالن ۽ ندين کي ساڻ ڪندي هاب درياءَ وهي هليو آهي، سنڌ اٽڪ درياءَ کان سواءِ هي بيو درياءَ آهي جيڪو اولهندي ملڪي سرحد کي نروار ڪري ٿو ۽ اٽڪ جي شاخن کان بلڪل ڌار آهي، انهن ٻن جبلن کان سواءِ باقي ٽڪريون صفا هيٺ ۽ ننڍيون آهن. ڍنڍون به تمام گهٽ آهن. سڀني کان وڏي ڍنڍ منڇر سڏجي ٿي جيڪا سيوهڻ ويجهو آهي. هيءَ ڍنڍ اولهندي ناري جي پکڙڻ سبب ٺهي آهي. برسات جي ڏينهن ۾ هن جي ڊيگهه ويهن ميلن تائين ٿئي ٿي ۽ 180 هم چورس ميل زمين هن جي پاڻيءَ هيٺ اچي ٿي. هن سرزمين سنڌ جي ڌرتي عام طور وارياسي ۽ پوکيءَ لائق آهي. سڀ کان ڀليون ۽ پوکي لائق زمينون شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جون آهن جتي اتر کان ڏکڻ تائين هڪ تمام ڊگهو ۽ سنهو ٻيٽ هليو ويو آهي. هن جي هڪ پاسي کان ته سنڌو درياءَ آهي ۽ ٻي پاسي کان اولهندي نارو آهي. جيڪو هڪ الڳ شاخ وانگر سنڌو درياءَ مان نڪري هڪ سؤ ميلن تائين ڌار هلي ۽ پوءِ وڃي ساڻس ملي ٿو. هن زمين جي نظارن م گهڻي ڇڪ ناهي. هڪ جهازي مسافر پري کان سنڌ ملڪ جي ڪنارن تي نظر ڊوڙائيندي ئي ننڍن ڪنارن کي ڏسندو آهي، جنهن تي وڻ وڻڪاري جو نالو نشان به ناهي. اوڀر ندين حدن ۾ ڀٽن جا ريٽ پکڙيل آهن، جيڪي هوائي لهرن سان هنڌ مٽائيندا رهندا آهن.
سمنڊ جي پاسي واري زمين جيڪا ٻارهن ميلن تائين اٽڪ درياءَ جي ڪناري تائين هلي ويئي آهي. جيتوڻيڪ پيداوار جي لحاظ کان تمام زرخيز آهي پر هتي به وڻندڙ نظارن جو نالو ناهي. ڪيترن ئي ڪوهن تائين ٻٻر جا جهنگ آهن. انهن ڏاکڻن حصن ۾ صبح کان شام تائين ٿڌي هوا جا جهوٽا لڳندا رهندا آهن، جنهن کان بچڻ لاءِ ماڻهو ننڍا ننڍا ڇپر ڇنا ٺاهي ويهندا آهن. جبلن ۾ جيتوڻيڪ مختلف بيهڪ جي ٽڪرين مان ڪي قدر دل لڀائيندڙ نظارا آهن پر ٻوٽن ۽ وڻڪاري جي کوٽ آهي، ٿرپارڪر، خيرپور ضلعن جي اوڀرندن حصن ۾ ۽ روهڙي جي ڏکڻ ۾ هر هنڌ ريگستاني زمين ڏسڻ ۾ ايندي آهي، هتي واريءَ جي دڙن کانسواءِ بيو مڙئي خير آهي، جنهن پاسي اک ڦيرائبي، اهي دڙائي دڙا نظر ايندا جيڪي ڍڳن جا ڍڳ لهرن وانگر نظر ايندا. پر عام طور سڄي ملڪ ۾ ايڏي سخت گرمي هوندي آهي، جو افغاني ۽ اترين علائقن جا ماڻهو ايندي ڊڄي ويندا آهن. وٽن هڪ چوڻي مشهور آهي ته ”سنڌ جي اُس گوري کي ڪارو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اهڙي تکي آهي جو بيدر پچي وڃي“ جنهن جو ڪجهه انگريزن کي به تجربو آهي، سڀ کان وڌيڪ مصيبت اها آهي ته درياءَ جي چاڙهه ۽ اُٿل جي ڏينهن ۾ مڇرن ۽ زهريلن جيتن جي اهڙي سخت وبا ايندي آهي جو ڳوٺن جا ڳوٺ ماڻهن کان خالي ٿي ويندا آهن ۽ وڏا وڏا جانور مينهون، اٺ ۽ گهوڙا به هن نمرودي عذاب کان بچي نه سگهندا آهن.
سڄي ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪا وڻندڙ شيءِ آهي ته هن زمين جا آڳاٽا آثار ڏاڍا يادگار آهن. شهرن جا آثار هرهنڌ موجود آهن. جيڪي هر هنڌ عظمت ۽ شان جا اهڃاڻ پنهنجن کنڊرن اڳيان پيش ڪن ٿا. ان کانسواءِ مسلمانن جي هيءَ خاص دلچسپ ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ بزرگن جون مزارون ۽ درگاهون ايتريون گهڻيون آهن جو ٻيو ڪٿي به نه هونديون. هن وقت گهڻي غربت جي باوجود به سيوهڻ ان ڪري گهڻو آباد آهي جو هتي گهڻا زيارتي اچن ٿا. ڇو ته هتي نالي وارو بزرگ ۽ مشهور ولي الله لال شهباز جو مقبرو آهي. جنهن اڳيان هندو ۽ مسلمان عقيدت وچان مٿو ٽيڪين ٿا. ان کانسواءِ سکر ۽ بکر به وڏا مقدس هنڌ آهن. جتي چون ٿا ته گذريل ڏينهن ۾ وڏا وڏا تعليمي مرڪز ۽ خانقاهون هيون ۽ شايد ان سبب ايران وارن جو قول آهي ته سنڌ چئن ڳالهين جي ڪري مشهور آهي.”گرمي، مٽي، فقير ۽ مزارون“ غالباً اهوئي نمونو ڏسي يورپ جي لکندڙن هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي ته ”ڪابلي سيدن ۽ واندن مذهبي ملن جي جهڙي نموني عزت ۽ مرتبو سنڌ ۾ آهي، ٻيو ڪٿي به ناهي“ هڪ پراڻو انگريز لکندڙ لکي ٿو ته ”سنڌي ڪنهن ڳالهه ۾ ايتري سخاوت نه ڏيکاريندو ۽ ڦڙتي نه ڏسيندو جيترو مذهبي ڪمن ۾، ڪنهن ڪم ۾ ايترو جوش جذبو نمايان نه ڪندو جيترو عيد جي خوشي ۾ ۽ سندس ذوق ٻي ڪنهن شيءِ ۾ ايترو ڏسڻ ۾ نه ايندو جيترو مزارن جي سينگارڻ ۾.“
کجين جا وڻ هر هنڌ گهڻا ئي آهن ۽ مند ۾ ميوي سان ٽمٽار نظر ايندا، جيڪي کائڻ لاءِ سڪائي رکيا ويندا آهن. اعليٰ قسم جا صوف به پيدا ٿيندا آهن، جيڪي ڀلپ ۾ خراسان ۽ هندوستان جي صوفن ۾ وچٿرا آهن. سنڌ جي سامونڊي ڪناري لڳ سامهون سڪيءَ کان ٻه ميل پوئتي هڪ هيٺاهون زمين جو ٽڪرو ڪراچي کان رڻ ڪڇ تائين پکڙيل آهي ۽ ايتري قدر هيٺانهون آهي جو سامونڊي چاڙهه وقت پاڻي ۾ ٻڏل رهندو آهي، جڏهن لهرو لهي وينديون آهن ته هڪ ٻيٽ وانگر ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ان ڪري پاڻيءَ جا جهاز ڏاڍي مشڪل سان سمنڊ جي ڪناري رسندا آهن، سنڌ جي ڌرتيءَ بابت ٿلهي ليکي اندازي مان خبر پوندي ته هندوستان ۾ هي حصو عرب جي مٽي جو هڪ ٽڪرو آهي، ان ڪري جيڏانهن ڏس قدرت جي اهائي ڪاريگري ڏسڻ ۾ ايندي جيڪا قرآن ۾ لکيل آهي:
اَفَلا ينظُرون اِلَي الابل کَيفَ خُلقت. و اِلي السماءِ کَيفَ رُفعت. وَاِلَيَ الجِبالِ کَيفَ نُسِبَتُ. وَاِلَي الارض کَيف سُطحِت. ۽ انهيءَ سبب ڪري عربن پوري هندوستان مان جنهن ڌرتيءَ کي پنهنجو ديس ٺاهڻ جو مرتبو ڏنو، اهو هيءُ ئي الهندو پرڳڻو آهي، جنهن جي ثابتي جو اندازو هتي جي مردم شماريءَ مان اڄ به ملي ويندو. 1881ع جي مردم شماري مان پتو پوي ٿو ته سڄي سنڌ ۾ 2542976 ماڻهو رهن ٿا. جنهن مان 1385876 مرد ۽ 115540 عورتون آهن. هندوستان جي ٻين سرسبز ۽ زرخيز صوبن جي ڀيٽ ۾ هتي جي گهڻي آبادي مسلمان آهي. اسلام جي اوائلي ۽ جٽادار اثر سنڌ کي انهيءَ مرتبي سبب هندوستان جي ٻين علائقن کان مٿاهون ڪيو آهي، جو هتي مسلمانن جي گهڻائي آهي. مٿي لکيل آباديءَ کي جيڪڏهن ٻين مذهبن ۾ ورهائجي ته هر هندوستاني کي اچرج ٿيندو ته سڄي آبادي ۾ ٽن حصن کان به گهڻا ماڻهو اسلام جي زيور سان سينگاريل نظر ايندا. ان لاءِ ته 1887204 مسلمان 305079 هندو، 126976 سک، 86040 غير هندو فرقا، 6082 عيسائي، 1191 جيني، 1063 پارسي، 153 يهودي، 26 برهمو ۽ 9 بودي آهن. مسلمانن ۾ 1858648 اهل سنت، 28093 شيعا، 174 اهل حديث ۽ 289 ٻيا ماڻهو آهن. گهڻي آباديءَ ۾ هندن مان ڦري مسلمان ٿيل هتي جا سنڌي مسلمان آهن. جن بابت انگريز مؤرخن جي راءِ موجب اموي ۽ عباسي خليفن جي دور ۾ مسلمان ٿيا. انهن ۾ ذات ۽ قوم جا گهڻا ڪڙم آهن ايستائين جو چيو ويندو آهي ته مسلمانن جون گهٽ م گهٽ ٽي سؤ ذاتيون آهن، پر اسلامي ڀائپي ۽ عربي تهذيب اهو بهتر اثر ڇڏيو جو سڀئي ڪڙم پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن ٿا، ۽ هر ذات جا ڌار رهڻ جا پراڻا رسم رواج ختم ٿي ويا آهن.
سنڌ وارا ٻين سڀني الهندي جي پرڳڻن جي رهواسين کان وڌيڪ جانثار ۽ ڦڙت ٿيندا آهن. جيڪڏهن اوهان هڪ بهتر سنڌيءَ کي ڏسڻ گهرو ٿا ته سمجهو ته هڪ ڊگهي ڇڪيل ۽ طاقتور بت واري جوان جي سامهون بيٺا آهيو.سندس بيهڪ سڄي هندوستان جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ مرداڻي آهي. مٿي جي بيهڪ ۾ هر طرح جي خوبصورتي آهي. ڏاڙهي تمام سهڻي ۽ ڊگها ڊگها وار ڪلهن تائين لڙڪندڙ هوندا اٿن. پوري وچ ۾ سنئين سينڌ نڪتل ۽ مٿي کان پيرن تائين مرداڻي شان سان ڀرتو آهي. ڪجهه ماڻهو ڊگهن وارن جون چوٽيون ٻڌي ٽوپي يا پٽڪي ۾ لڪائيندا آهن. هتي جي ماڻهن جي سهڻي بيهڪ، کڻي ٻين علائقن جي بيهڪ جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي پر عرب ۽ افغانستان جو مڪمل اثر ڏسڻ ۾ ايندو. مذهبي ماڻهن جي مٿي تي گهڻو ڪري پٽڪو هوندو آهي، پر وڏيرن ۾ هڪ خاص ٽوپيءَ جو رواج آهي، جيڪا هيٺان کان پٽڪي وانگي هوندي آهي ۽ مٿان هڪ ڇڳو هوندو آهي. اشرافن ۾ هڪ ٻي ٽوپيءَ جو رواج به آهي، جنهن جو مٿيون حصو کليل ۽ چوڪور هوندو آهي. غريب غربا اڪثر پنهنجا ڪپڙا نير ۾ رڱيندا آهن. ڪجهه ماڻهو ۽ خاص ڪري فقير سائي رنگ جو ويس ڍڪيندا آهن، عورتن جو سڀ کان پيارو ٽول چوڙا(هاٿي جي ڏند جا ٺهيل آهن، جيڪي امير غريب سڀني ۾ هلندڙ آهن، عام طبقي ۾ ٻني ٻارو ۽ ٻئي قسم جي محنت مزدوري ڪرڻ وارا آهن، جيڪي جاٽ آهن، جن عام طور دين اسلام قبول ڪيو آهي، سندن عورتون تمام خوبصورت آهن ۽ ساڻن وفادار ۽ سچيون به مشهور آهن ۽ ماڻهو اچرج مان ڏسندا ته منجهن پردي جو رواج به ناهي، ڇوته هي ماڻهو گهڻو ڪري لڏيندڙ آهن. ان لاءِ ته پنهنجا اٺ چارڻ خاطر کين سٺي وسنديءَ جي ڳولا رهندي آهي. جهڙيءَ طرح عرب پنهنجي گهوڙي کان جدا رهي نه سگهندو، هي ماڻهو به پنهنجن اٺن کان ڪڏهن به ڌار نه رهندا، جتن کان سواءِ گهڻا ٽولا ٻروچن جا آهن. جيڪي ڳچ عرصي کان هتي جا رئيس ۽ چڱا مڙس ٿي ويا آهن. منجهن به عربن جو شان موجود آهي. هر پاڙي يا قبيلي جو هڪ سردار يا رئيس مقرر آهي، جن جو سڀ چيو مڃيندا آهن. هڪڙي ننڍڙي اشاري تي هڪ اٺ سوار هڪ قبيلي کان ٻي قبيلي تائين گرما گرمي پکيڙي ڇڏيندو آهي ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ ويهه کان ٽيهه هزار تائين هٿياربند گڏ ٿي ويندا آهن. هاڻي کان اڳ جڏهن هتي جي حڪومت خود ڌرتي ڌڻين حوالي هئي، تڏهن هتي هٿيار هندوستان جي ٻين پرڳڻن کان وڌيڪ هئا. ڪوبه ٻروچ ۽ ٻيو عزت دار سواءِ تلوار جي ڏسڻ ۾ نه ايندو. خاص سنڌي مسلمان بابت چيو وڃي ٿو ته هي نوان مسلمان آهن. جيڪي اڳين خليفن جي ڏينهن ۾ مسلمان ٿيا، پر اسان سمجهون ٿا ته انهن ۾ گهڻا ڪڙم انهن عربن جي اولاد آهن جيڪي آڳاٽي زماني ۾ هتي اچي آباد ٿيا، جيتوڻيڪ هن وقت جهالت ۽ بي علميءَ کين پنهنجي اصليت ۽ بڻ بنياد کان لاعلم رکيو آهي. ڳچ عرصي گذرڻ سبب انهن ۾ ايتري ورهاست ٿي آهي جو هاڻي ٽي سؤ کان به گهڻيون ذاتيون منجهن موجود آهن. انهيءَ عام قاعدي موجب ته عيش عشرت جي پڄاڻي واهيات کيل تماشي تي ٿيندي آهي، انهيءَ کان سنڌ مسلمان به بچيل نه آهن.
لغڙ اڏائڻ جو شوق اميرن غريبن سڀني ۾ آهي. ڪبوتر بازي به مشهور آهي. ڪڪڙ ڏاڍي محنت سان تيار ڪري ويڙهائيندا آهن ۽ انهيءَ ميدان تي وڏو ميڙ هوندو آهي. مسلمان جمعي جو ڏينهن گهڻو ڪري انهيءَ شغل ۾ پورو ڪندا آهن. سنڌ وارن کي گهيٽا ويڙهائڻ ۾ به ڏاڍي دلچسپي هوندي آهي. جوئا جو سنڌ ۾ ڏاڍو رواج آهي مرد ته مرد پر عورتون به کٽڻ هارائڻ واري راند تي چريون ٿي پونديون آهن. دراصل هو ڏاڍيون شوقين کيڏاري آهن، سندن ماحول ۾ ٻار به انهيءَ ڪريل حرڪت جا عادي ٿي ويندا آهن، جيڪي ماءُ جي هنج ۾ ئي جوئاري ٿي ويندا آهن. هڪ ستن سالن جو ٻار به ڏاڍو هوشيار جوئاري هوندو آهي. ۽ آهستي آهستي ٿورن ئي ڏينهن ۾، تاس، ڍارو، ٽڪن ۽ پئسن ۾ مطلب ته هر قسم جي جوئا ۾ پنهنجو سڄو وقت پورو ڪندو آهي. نه رڳو ايترو پر تنقيد ڪرڻ وارا انهن تي ٻيا به ڪيترائي الزام لڳائيندا آهن.
چوندا آهن ته هو سست، لاپرواهه، ڊڄڻا، موالي ۽ سدائين گولا رهندا آهن ۽ وڌيڪ اهو به مشهور آهي ته آس پاس جي ملڪن ۾ ڪوڙا ۽ لٻاڙي به مشهور آهن. پر ائين به ناهي ته انهن ۾ فقط اهي ئي اوگڻ آهن ۽ منجهن ٻيو ڪوبه گڻ ناهي. هو امن پسند، صبر ڪرڻ وارا، ڏوهن کان بچندڙ، رحم دل ۽ وفادار ماڻهو آهن. سندن قول جي پڪائي ۽ ساک پت ايتري مشهور آهي جو انهيءَ تي ڪڏهن اڱر کڻي نه ٿي سگهجي. اهو درحقيقت عرب قومن سان گڏجڻ ۽ گهڻو ڪري سندن ئي بڻ مان هئڻ جو اثر آهي. ڇو ته عرب جي صحرائين جي قول جي پڪائي ۽ ساک پت اڄ تائين مشهور آهي. گهڻي ۽ عام آبادي سنڌ ۾ مسلمانن جي آهي. هندن مان گهڻا قبيلا اهي آهن جيڪي پنجاب ۽ ٻين هنڌن تان اچي آباد ٿيا، اهڙا ٿورا خاندان هوندا جيڪي آڳاٽي وقت کان رهندا اچن ۽ اسلامي حڪومتن جي دور کان پنهنجي مذهبي عقيدن تي قائم رهيا هجن، هتي ٻن ذاتين جا برهمڻ آهن جيڪي عام طرح وڏن شهرن ۾ رهندا آهن ۽ پاڻ ۾ شادي وغيره ڪندا آهن، انهن ۾ هڪ ذات ته عاملن جي نالي سان مشهور آهي، گهڻو ڪري هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي مشهور فاتح محمد بن قاسم جي فياضي ۽ منصف مزاجي جا يادگار آهن ۽ جن جي هٿن ۾ هن، سنڌ جي پرڳڻن جي حڪومت ۽ هن ديس جو ڪار وهنوار ڏنو هو. عامل جو اکر ئي ان جي تصديق ڪري ٿو، هي ماڻهو بيهڪ، اوڍڻ پهرڻ ۽ خاص ڪري وارن جي ڪٽائيءَ مان مسلمانن جا پوئلڳ آهن ۽ جيئن ته عيش پسنديءَ جو گهڻو اثر انهن تي نه پيو، ان سبب عام طور  هي سڀ کان وڌ محنتي آهن. هي ماڻهو اڳين اسلامي بادشاهن جي حڪومت ۾ لکڻ پڙهڻ جا ماهر هئا، ۽ هاڻي انگريزي حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ تعليم طرف هي ئي ڌيان ڏين ٿا، ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هي ئي منشي گيريءَ جو ڪم سرانجام ڏيندا هئا ۽ هاڻي به ان ڌنڌي ۾ مشهور آهن. توڻي جو ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سنڌ جو هندو اڌ مسلمان آهي.
هتي حبشي ٻانهن جا به نسل آهن. جن جي ايتري گهڻائي ٿي جو انهن جي هڪ قوم ٺهي ويئي آهي. جيڪي پاڻ ۾ شادي مرادي ڪندا رهندا آهن، پر غلامي سندن رت ۾ ايترو ويهي ويئي آهي جو انگريز دور کان آزاديءَ باوجود به اڃا تائين پنهنجي سردارن جي گهرن ۾ رهندا آهن ۽ غلامي جي زندگي گهاريندا آهن. سنڌ ۾ هن وقت جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي آهي اها سنڌي جي نالي سان مشهور آهي ۽ اهو سمجهڻ گهرجي ته ٻين ٻولين وانگر اها به سنسڪرت جي بگڙيل صورت آهي، جنهن ۾ ديوتائن جي انهيءَ مقدس ٻوليءَ تي گجراتي کان به وڌيڪ اختيار حاصل آهي، پر هندي، مراٺي ۽ بنگالي ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنسڪرت کي وڌيڪ ويجهيون آهن. هن ۾ اڃان به سنسڪرت جون ڪيتريون ئي نحوي ترڪيبون موجود آهن، جن کي هندوستان جي ٻين ٻولين بدلائي ڇڏيو آهي، خود انهيءَ ٻوليءَ جا به ٽي لهجا ٿي ويا آهن. اتر پرڳڻن جو پنهنجو لهجو آهي، ڏاکڻي سنڌ ۽ ٿر وارن جون پنهنجو. هن ٻولي جو ادب فقط عربي مان ترجمو ڪيل مذهبي ڪتابن تائين محدود آهي. ان کان سواءِ ڪجهه قومي لوڪ گيت به، عام طرح سڄي لک پڙهه فارسي رسم الخط ۾ ڪئي ويندي اهي، خط خدادادي نالي هڪ ٻيو به خط مروج آهي جنهن ۾ رڳو سنڌي لکندا پڙهندا آهن.
هن ملڪ ۾ سڀ کان وڌ ڀلا اٺ آهن سڄي ملڪ ۾ اٺ جام آهن، جهڙي طرح درياءَ ڪناري هر پاسي اٺ ڏسڻ ۾ ايندا، تهڙي نموني برپٽن ۾ سنڌ ئي اهڙو ديس آهي جيڪو هندوستان ۾ اٺن جو ملڪ سڏبو آهي، اٺ هتي گهر جي ڪم ڪار ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ٻني ٻاري ۾ به، خاص ڪري ملڪ جي ڏاکڻي پاسي جتي کوهن مان پاڻي ڪڍڻ تيل جي چيچڙن ۽ هر هلائڻ جهڙا ڪم به اٺن جي مدد سان ڪيا ويندا آهن.
مطلب ته هي ملڪ آهي جنهن کي ۽ پرجوش ۽ مضبوط اردان وارن عربن سڄي هندوستان مان پنهنجو آستانو بڻايو، جتي خلافت جي حڪم جاري ٿيندي ئي وڏا وڏا شريف عرب هلي اچي ملڪي ٿيا. ۽ سندن نسل ٻين قومن سان ملي ويو. هندوستان جا ڪيترائي عرب باشندا ۽ شريف خاندان هن ئي سرزمين سنڌ جي معرفت عرب کان هتي ايندا آهن. مگر افسوس جو لاعلمي ۽ گهڻي عرصي جي جهالت هتي جي مسلمانن کي اهو وسارائي ڇڏيو ته ”ڪهڙين ٽارين جو اسان ميوو هئاسين ۽ ڪٿي پٽجي آياسين ۽ ڪٿي اچي وڪاڻاسين.“ سندن مؤرخن ۽ سندن غلط وڪالت ڪرڻ وارن ليکڪن هي فيصلو ڏنو ته هي سڀ جا سڀ نو مسلم آهن ۽ کين پتو به ناهي. ترقي جي دور ۾ اسان هر هنڌ جي ماڻهن جو ڪونه ڪو احوال ضرور ٻڌندا آهيون نٿا ٻڌون ته فقط انهن جو. واقعي جيڪڏهن علم ناهي ته ماڻهو شريف به نٿو رهي سگهي.
سنڌ جي قديم تاريخ هند وارن جي زباني
اها ڳالهه سدائين ڏک سان ڪئي ويندي آهي ته هندستان ۾ سڀ ڪجهه هوندي به جيڪا شيءِ ڪونهي اها آهي تاريخ! واقعي هن خاص ڏس ۾ هند کان اهڙي سخت ڀل ٿي آهي، جنهن جو هاڻ ڪوبه علاج نٿو ٿي سگهي. قومن جي حالتن کي جانچڻ وقت اسان بلڪل گمنام قومن جا ڪجهه نه ڪجهه واقعا بيان ڪري وٺنداسين. پر افسوس جو هندن بابت اهڙا پراڻا ڪتاب به تمام گهٽ ملندا جن تان دز لاهي ڪا ڳالهه معلوم ڪري سگهجي. هندن پهريان ته پنهنجي تاريخ لکڻ جو ڪو ارادو ئي نه ڪيو ۽ جيڪڏهن ڪڏهن ٿورو گهڻو احوال ٻڌائڻ جي ڪوشش به ڪئي، ته ان کي اهڙيءَ طرح شاعرن واري وڌاءَ يا پراڻي ڀورپ سان عقيدا ملائي لکيو آهي، جو تاريخ ۽ روايت جو ڪم ڏيڻ جي عيوض ان ۾ هڪ مذهبي ڪٿا ۽ ديوتائن جهڙو شان پيدا ٿي پيو آهي. مهاڀارت ۽ رامائڻ جي مقدس ۽ شاعراڻن بيتن ۽ سنڌ وارن جي قومي ڪارنامن مان جيڪي ڪجهه معلوم ٿئي ٿو، ان مان اسان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. پر ان سان گڏ هي به چئبو ته انهن ڳالهين کي لوڪ ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ حيثيت نٿي ڏيئي سگهجي. هندو تاريخ ۾ سڀ کان اڳ هڪ ملڪ جو پتو رامائڻ مان پوي ٿو ان ملڪ ۾ اٽڪ درياءَ جي ڪناري ”ڪيڪيا“ نالي هڪ بادشاهي هئي، جنهن جو بادشاهه اسوا پتي يعني ”گهوڙن وارو“ راجا سڏيو هو، راجا دسرت جي ماڻا ڪندڙ راڻي جنهن جي هٺ ۽ هوڏ سبب رام چندر کي بن واس پلي پيو، اها راجا جي ڀيڻ هئي ۽ انهيءَ ڪري ڪيڪئي يعني ”ڪيڪيا واري“ مشهور ٿي وئي. هاڻي ائين سمجهو ته ان وقت سنڌ جو راجا، راجا دسرت جو سالو هو. ان کان پوءِ پانڊوئن جي ڏينهن ۾ به مهاڀارت جي جنگي جهڙپن جو ڪامياب هيرو هو. انهيءَ ڪري اسوا پتي جو نالو آيو آهي. نگر پاسي هڪ ٽامي جي تختي ملي آهي، جيڪا بطور سَندَ جي آهي. انهي پڙهڻيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته مهاراجا..... جيڪو هستناپور جو راجا ۽ پانڊوئن جي نسل مان هو، اسوا پتي راجا کي قتل ڪيو. انهيءَ تختي ۾ علم نجوم مطابق جيڪو زمانو ٻڌايو ويو آهي، ان جو ڪاٿو لڳايو وڃي ته اهو واقعو حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 2990 سال اڳ جو آهي، ان مان ثابت يٿو ته انهن ڏينهن اسوا پتي راجا يعني سنڌ جو بادشاهه ايترو طاقتور هو جو ان جي هارائڻ ۽ قتل ڪرڻ تي پانڊوئن جي خاندان جو راجا فخر سمجهندو هو ۽ انهيءَ سوڀ کي پنهنجي ڳڻن ۽ لقبن ۾ شمار ڪندو هو. ان کان پوءِ اڳ ۽ پوءِ جي گڏيل تاريخ هيءَ آهي ته آڳاٽن ڏينهن ۾ پاهن درياءَ (سنڌو) جي ڪناري تي ٻه قومون آباد هيون، جن مان هڪڙا جاٽ ۽ ٻيا ميد هئا، موجوده علم فيلا لوجي ۽ انساني هڏ ڪاٺ جي ڄاڻ پڌرو ڪيو آهي ته اهي ٻئي وحشي ۽ ڦورو قومون هيون. جنهن آرين جي پکڙجڻ کان اڳ ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجا گهوڙا ڊوڙائڻ جو ميدان ٺاهي هر هنڌ ڦرلٽ، قتل ۽ برباديءَ جو بازار گرم رکيو هو ۽ انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب جو سنڌ جا اهي ميد به انهيءَ عظيم الشان ۽ مشهور قوم سان تعلق رکندا هجن، جنهن اسيريا جي بادشاهي فرات جي مٿاهين واري ميديا جي شان ۽ شوڪت سان بادشاهي ڪئي هئي.
خير اهي ٻئي گروهه کڻي ڪنهن به قوم سان تعلق رکندا هجن، هندوستان جي برپٽن ۾ جڏهن به آيا هجن، اسان کي سنڌ ۾ انهن بابت ايترو معلوم ٿيو آهي ته تاريخ کان اڳي ۽ گهڻو آڳاٽو سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي آباد هئا ۽ هڪ ٻئي جا دشمن هئا آخر ۾ جيڪا پاڻ ۾ جنگ لڳي انهن جو نتيجو اهو نڪتو ته ميد، جاٽن تي سوڀارا ٿيا ۽ اهڙو ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لڳا جو هارايل ڌر درياءَ جي ٻئي پاسي وڃي پناهه ورتي ۽ پوءِ ٻئي قومون هڪ ٻئي کان جدا امن امان سان رهڻ لڳيون، پر جاٽ ماڻهو ٻيڙيون ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ چڱي مهارت رکندڙ هئا. جنهن هنر کان ميد صفا ڪورا هئا انهي ڪري سندن ڪمزوري مان جاٽن اهو فائدو ورتو جو پنهنجي ٻيڙين ۾ ويهي هن پاسي لهي، ميدن تي اوچتو حملو ڪندا هئا. انهن جي مال کي جهلي ۽ ان کان اڳ جو ميد وڙهڻ لاءِ سنڀرن هو درياءَ ٽپي پنهنجي اجهن ۾ موٽي ايندا هئا. ڪجهه وقت تائين جاٽ ائين ڦرلٽ ڪندا رهيا ۽ ميدن جو ڪوبه زور نه هليو انهن لڳاتار درياهي حملن ائين ڪيو جو ميد جاٽن کان بلڪل ڀڄي ويا ۽ انتها کان وڌ پريشان هئا.
آخر ميدن جي اها حالت ۽ بي وسي ڏسي جاٽن جي هڪ سردار کي مٿن ترس آيو. هن پنهنجي قوم وارن کي سمجهايو ۽ کين ذهن نشين ڪرايو ته اهڙي وقت ڪاميابي ڪا جٽادار ۽ سدا سرهي رهڻ واري شيءِ ناهي. انهن ڏينهن کي ياد ڪريو جڏهن اُهي ئي ماڻهو اوهان تي ظلم ڪندا هئا ۽ توهان هڪ عام مصيبت ۾ مبتلا هئا. ان کان پوءِ هن حالت جو خيال ڪريو جڏهن اوهان جو وارو آهي ۽ اوهان مٿن ڇانيل آهيو. توهان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته ٻنهي قومن جي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته ٻئي پاڻ ۾ ٺهي دوست ٿي امن امان سان زندگي گذاريو.
اهڙي طرح ميدن ۽ جاٽن ۾ ٺاهه ڪري هن ٻنهي کي صلاح ڏني ته پنهنجي ڪجهه سردارن کي چونڊي راجا ڌر تراشتر جي پٽ راجا دريو ڌن وٽ موڪليو ۽ درخواست ڪريو ته هو پنهنجي طرفان ڪنهن کي توهان تي راجا ۽ حاڪم مقرر ڪري ۽ جڏهن راجا دريو ڌن جو نائب هتي اچي وڃي ته ٻئي قومون ان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪن. انهيءَ راءِ کي مڙني پسند ڪيو ۽ ميدن ۽ جاٽن جو وڪيل راجا دريو ڌن جي درٻار ۾ وڃي پهتو. معزز راجا انهن ماڻهن سان ڏاڍي پاٻولهه سان مليو ۽ پنهنجي ڀيڻ وهسله کي جيڪا هڪ طاقتور راجا جندرٿ جي راڻي هئي پنهنجي طرفان سنڌ موڪليو. شهزادي وهسله ايندي ئي ملڪ ۽ سڀني شهرن جي واڳ پنهنجي هٿ ڪئي ۽ هتي جي پهرين راڻي بڻجي جاٽن ۽ ميدن تي راڄ ڪرڻ لڳي.
ان بيان مان چٽو ٿيو ته هي مهاڀارت جي وڏي لڙائي جي ويجهو زمانو آهي. جڏهن بهادر آريا سنڌ جي ملڪ مان وڌي گنگا درياءَ جي ڪناري وڃي پهتا هئا ۽ ان کان پوءِ سنڌ ۾ جاٽن ۽ ميدن جو پراڻيون قومون بنا حڪمران ۽ بادشاهيءَ جي هيون.
وهسله ڏاڍو سٺو وقت هلايو. نيڪ ۽ ڀاڳڀري راڻي ثابت ٿي. سندس ڳڻ ۽ چڱايون ڏاڍي گهڻائيءَ سان ڳائجڻ لڳا. ليڪن باوجود ان جي جو سندس بهتر هلت ملڪ کي دولتمند عظمت ۽ ساک وارو ٺاهيو هو. نقص اهو هو ته سڄي ملڪ ۾ ڪوبه برهمڻ نه هو. جنهن جي ڏاهپ ۽ هوشياريءَ سان ملڪ کي علمي رتبو به حاصل ٿئي. راڻي پنهنجي ملڪ جي انهيءَ بدقسمتي جو حال هڪ ڊگهي خط ذريعي پنهنجي نوجوان ڀاءُ کي لکيو. جنهن جي پڙهندي ئي راجا دريو ڌن سڄي هندستان مان 30 هزار برهمڻ گڏ ڪري کين مال ملڪيت، نوڪر چاڪر ڏيئي سنڌ موڪليو. انهن بزرگ ماڻهن جي قدمن جي برڪت سان گهڻو زمانو نه ٿيو هوندو ته سنڌ جي بادشاهت کي وڏي رونق حاصل ٿي. زمين سرسبز ۽ سائي هئي ۽ شهر ڀريا تريا ، جنهن شهر کي انهيءَ راڻي پنهنجي راڄ جو ٺڪاڻو ٺاهيو اهو شهر اسڪلند هو.
راڻي وهسله ملڪ جو ڪجهه حصو جاٽن لاءِ مخصوص ڪيو ۽ انهن مان هڪ همراهه کي جنهن جو نالو جئدرٿ هو انهن تي حاڪم مقرر ڪيائين. انهي نموني جو انتظام ميدن سان به ڪيائين، هي حڪومت ڏاڍي سٺي هئي. جيڪا ويهارو سالن کان مٿي قائم رهي. جيڪا ڀارتي ماڻهن جي حڪومت سڏجي ٿي، پر افسوس جو راڻي وهسله تي ئي ڀارتي راڄ جي پڄاڻي ٿي.
ان خاندان جي تباهيءَ جو سبب هندوستان جي سلطنت جو هڪ عظيم الشان انقلاب هو. جنهن پانڊوئن جي نالي ۽ وقت جي مشهور خاندان جي حڪومت پاڙ کان پٽي اڇلائي ڇڏي هئي. فقط ناانصافي ۽ مذهبي گستاخيءَ ڪارڻ پانڊوئن پنهنجو راڄ وڃايو. سندن قسمت منهن موڙيو جنهن سبب هو ظالم ٿيا. هڪ ڏينهن ڪنهن برهمڻ جي ڳئون کي سندس گهران جهلي آيا ۽ کيس ڪهڻ جو ارادو ڪري رهيا هئا ته برهمڻ اچي کين سمجهايو  ۽ چيو ته ”مون ڪتابن م پڙهيو آهي ته پانڊوئن جو عروج تڏهن ويندو جڏهن هو هڪ ڳئونءَ خاطر هڪ برهمڻ کي ماريندا. پر انهن نه ان جي چوڻ جي پرواهه ڪئي ۽ نه دين جو خيال ۽ لحاظ ڪيائون. ان کي به ماري وڌائون ۽ ڍڳيءَ کي به! ان کي به انهيءَ مظلوم برهمڻ جو هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو برهميڻ هو. هو هڪ طاقتور ۽ جانٺو جوان هو ۽ هڪ جبل جي مٿانهين تي رهندو هو. جڏهن انهيءَ پنهنجي پيءُ جي مارجڻ جو هي وڏو واقعو ٻڌو ته انهيءَ وقت اٿي بيٺو ۽ پنهنجو پاڻ کي چيائين ته ”آئون وڃي پانڊوئن جو راڄ کسيندس ان ڪري جو انهن هڪ ڳئون ۽ هڪ برهمڻ جي گهٽتائي ڪئي آهي.“ درويش جون ڳالهيون ڪوڙيون نٿيون ٿي سگهن، سندس اڳڪٿيون پوريون ٿيون، پانڊوئن جي بربادي جو وقت اچي ويو. جنهن جي پورائي جي لاءِ هن برهمزادي سندرو ٻڌو. عام ماڻهو ته انهيءَ ننڍي عمر جي برهمڻ تي کلڻ لڳا پر هڪ وڏي جماعت سندن طرفداري لاءِ گڏ ٿي ۽ انهن جي ٻل تي هن هڪ شهر تي قبضو ڪيو. هتي رهي هن  هر روز پنهنجي طاقت وڌائڻ شروع ڪئي ۽ جڏهن هڪ وڏو لشڪر گڏ ٿي ويو، تڏهن هو اڳتي وڌيا ۽ شهرن جا شهر سندن قبضي ۾ اچڻ لڳا. ايستائين جو فتح ڪندي هو خاص شهر هستناپور وڃي پهتا، جيڪو پانڊوئن جو گاديءَ وارو هنڌ هو. ان نسل جو آخري بادشاهه ڪويا هورت مقابلي لاءِ نڪتو پر ڀاڳ سندن ساٿ ڇڏي چڪو هو. وچ ميدان ۾ کيس ماريو ويو ۽ ان جي مرندي ئي برهيمڻ سڄي ملڪ جو والي ٿيو. هن سڄي بادشاهيءَ تي قابض ٿيڻ بعد ڪوشش ڪئي ته پانڊوئن جو بڻ ئي ختم ڪري، کيس هو جتي مليا تلوار جو کاڄ ٿيا. فقط ٿورا ماڻهو ڀڄي نڪتا ۽ مرڻ جي ڊپ کان پنهنجي ذات لڪائي ۽ ڪاسائي ۽ بورچي وغيره جهڙا نيچ قسم جا ڌنڌا اختيار ڪيائون.
چون ٿا ته پانڊوئن جي پٽ پول جي ڌيءَ نڪولا برهميڻ جي درٻار ۾ آئي ۽ کيس اهڙي موثر لهجي ۾ منٿ ميڙ ڪئي جو برهميڻ راجا انهيءَ شاهي خاندان جي قتل کان هٿ جهلي ورتو، پر ان تي به کين آزادي نه ڏني. سڀ جيلن ۾ واڙيل هئا، قيد خانن ۾ سندن انگ وڌڻ لڳو ته برهيمڻ کين ڇڏي ڏنو. انهيءَ شرط سان ته خاص قسم جا ڌنڌا ۽ خاص قسم جو واپار ڪريو تان جو ڪوبه اشراف ساڻس سڱابندي نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪوئي عزت وارو انهن سان ڪنهن به قسم جي اٿڻي ويهڻي ڪري سگهي. انهيءَ مطلب کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن فقط ايترو نه ڪيو جو مظلوم ۽ ستايل پانڊوئن کي ذليل ڪيو، پر سڄي ملڪ ۾ ڍنڍرو ڏنو ته ڪوبه هنن سان ويجهڙائي ۽ دوستي نه رکي. اهڙي نموني انهن جي عزت ايتري گهڻي جو آخر انهن ڏکن تڪليفن کان تنگ اچي ميراثين جو ڌنڌو اختيار ڪيو ۽ چون ٿا ته هندو بانسري وڄائڻ وارا سندن نسل مان آهن.
قاعدو آهي ته ڏوهه جو بار هڪ صاف دل انسان کي گهڻو کٽڪندو آهي. برهميڻ جي هٿان جڏهن ڪيتريون ئي جانيون زيان ٿيون ته خود کيس پنهنجي ڪرتوتن تي پڇتاءُ ٿيو ۽ دل ۾ خيال آيس ته جن ماڻهن کي مون ماريو آهي انهن جي خون جو بدلو فقط هيءُ ئي ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جبل جي چوٽيءَ تي ويهي پنهنجي باقي زندگي خدا جي ذڪر ۾ پوري ڪريان. انهيءَ قسم جا گهاٽ گهڙي رهيو هو ته ڪسياپا نالي هڪ برهمڻ اچي نصيحت ڪيس ۽ ماڻهو مارڻ تي ڦٽڪار ڪرڻ لڳو. اهو ٻڌندي ئي برهميڻ جو پڇتاءُ وارو جوش تازو ٿيو ۽ حد کان وڌ منهن لاهي چيائين ته ”واقعي اوهان سچ چئو ٿا، آءُ پاڻ پنهنجن ڪرتوتن تي پڇتايان ۽ پنهنجي ڪئي تي هٿ مليان ٿو. بهتر ائين آهي ته هاڻي هي حڪومت وٺ ۽ آئون وڃي ڌڻي در ٻاڏايان ٿو.“ ڪسياپا ورندي ڏني بادشاهي ڪرڻ منهنجو ڪم نه آهي، پر برهميڻ وڌيڪ زور ڀريو ۽ جڏهن هن زور ڀرڻ تي به بادشاهي وٺي وٺ، پاڻ وٽ رکڻ قبول ناهي، پنهنجي طرفان ڪنهن ٻي کي ڏيئي ڇڏجانءِ، پر منهنجي جند انهيءَ پاپ مان ڇڏاءِ.“ ڪسياپا اهو چوڻ مڃيو ۽ سندس اڳيان ئي سناگهه نالي هڪ خدمت ڪندڙ کي تخت تي ويهاريو.
مطلب ته ائين ئي برهميڻ بادشاهي کي لت هڻي پنهنجي آشرم جي واٽ ورتائين ۽ دنيا کان ڌار ٿي ويو. سناگهه تخت تي ويهي عدل و انصاف ۽ رعيت پروري کان ڪم ورتو. ڏاڍي سٺي نموني بادشاهي ڪئي ۽ انهيءَ ڪري سندس خاندان ۾ بادشاهي ڳچ عرصو رهي. پندرنهن سٺا بادشاهه سندس ئي بڻ مان انهيءَ گاديءَ تي ويٺا ۽ سٺو نالو ڪمائي هن جهان مان روانا ٿيا، پر ان کان پوءِ سندس پونئرن ظلم ۽ ڏاڍ شروع ڪيو جنهن جو اهو لازمي نتيجو نڪتو ته بادشاهي سندن هٿان هلي ويئي، هي واقعو ايران جي شهنشاهه گشتاسپ جي ڏينهن جو آهي.
ڳالهه ڪن ٿا ته گشتاسپ جي حياتي ۾ ئي بهيمڻ ايراني لشڪر وٺي هندستان تي حملو ڪيو ۽ ملڪ جي هڪ حصي تي قبضو ڪيو، بهمڻ هندن ۽ ترڪن جي حدن وچ ۾ هڪ شهر آباد ڪيو، جنهن جو نالو قندابيل رکيو.(غالباً اهو ئي شهر هاڻي لسٻيلو نالي سان مشهور آهي، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ ۾ آهي) انهيءَ هستيءَ هڪ ٻيو شهر به آباد ڪيو، جنهن جو نالو بهمڻ آباد مان بدلجي برهمڻ آباد ٿي ويو. ڪجهه بيان مان پتو پوي ٿو ته مسلمانن جو آباد ڪيل شهر منصوره ٺيڪ انهيءَ هنڌ تي هو، جتان هي آڳاٽي دور جو شهر هو. بهيمڻ هندوستان جي اولهندي پرڳڻن ۾ ڪجهه عرصو رهي پيو. ايستائين جو گشتاسپ جي مرڻ جي خبر ٻڌائين ۽ ايران واپس وڃي شاهي تخت تي ويٺو.
هي ته سنڌ جي راجا جو حال هو، پر انهن ڏينهن ۾ هندوستان ۾ هڪ ٻي بادشاهي قائم هئي، جنهن جو حاڪم راجا هالو هو. هالو سنوارهه جي نسل مان هو، جيڪو جئدرٿ جو پٽ ۽ راجا ڌرتاراشتر جي ڌيءَ جي پيٽ مان هو ۽ هندوستان ۾ هو انهيءَ بادشاهيءَ جو وارث ٿيو جنهن تي جئدرٿ ۽ وسل وغيره حڪمران هئا. هالو ذاتي طور هڪ وڏو اثر رسوخ وارو راجا هو، انهيءَ هڪ بهتر سلطنت ۽ ڪيترائي شهر آباد ڪيا. سندس بادشاهي ۾ ڪپڙو ڏاڍو سٺو ٺهندو هو، جنهن ڪري سندس ملڪ جي پري پري تائين هاڪ هئي، انتظام قائم رکڻ لاءِ هن حڪم جاري ڪيو ته ڪوبه ڪپڙو شاهي مهر کان سواءِ ملڪ کان ٻاهر نه وڃي ۽ اها مهر ائين هنئين ويندي هئي جو خود بادشاهه زعفران سان پنهنجي پيرن جا نشان ڪپڙن تي هڻندو هو.
اتفاق سان ڪشمر جي راجا جي خوبصورت راڻي انهيءَ قسم جو ڪجهه ڪپڙو خريد ڪيو ۽ ان جي ساڙهي پائي پنهنجي مڙس سامهون ويئي. ڪشمير جي راجا جڏهن انهيءَ ڇاپي جو نشان ڏٺو ته دل ۾ رقابت جو خيال پيدا ٿيس ۽ راڻيءَ کان پڇڻ لڳو ته تو هي ڪپڙو ڪٿان ورتو، راڻي هڪڙي واپاري جو نالو ٻڌايو. جيڪو جلد ئي جهلي درٻار ۾ آندو ويو. جڏهن راجا واپاريءَ کان انهيءَ ڪپڙي جو حال معلوم ڪيو ته هن ٻڌايو ته هي ڪپڙو راجا هالي جي ملڪ جو آهي ۽ سندس ئي پيرن جو ڇاپو هن تي ٺهيل آهي. ايترو ٻڌندي ئي ڪشمير جي راجا بنا سوچي سمجهي قسم کنيو ته آئون وڃي راجا هالي جا پير وڍيندس جنهن پرپٺ منهنجي راڻي سان اهڙي گستاخي ڪئي آهي. کيس وزير اهڙي ارادي کان جهليو ۽ سمجهايائين ته هو برهمڻ جو ملڪ آهي، جتي اوهان ڪامياب نٿا ٿي سگهو. راجا انهيءَ صلاح جي پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي فوج وٺي هليو ويو. جڏهن انهيءَ زبردست حملي آور جي رواني ٿيڻ جي خبر راجا هالي کي پهتي ته دل ۾ ڊپ ٿيس ۽ برهمڻن کي سڏي سڄي ماجرا بيان ڪئي ۽ چيائين اوهان تي ضروري آهي ته اوهان انهيءَ سگهاري بادشاهه کي روڪيو ۽ ڪوشش ڪريو ته اوهان جو ملڪ انهيءَ جي ڪاهه کان محفوظ رهي، برهمڻن ويهي پوڄا ڪئي ۽ راجا هالي کي صلاح ڏنائون ته هڪ مٽيءَ جو هاٿي ٺاهي ۽ ان کي جنگ جي ميدان ۾ فوج سامهون لڳايو. راجا هالي ائين ئي ڪيو، پوءِ جڏهن ڪشمير جو راجا پنهنجي جابلو فوج سان گڏ هلندي اتي اچي پهتو تڏهن خدا جي ڪرڻي سان اهو مٽيءَ جو هاٿي هڪ عجيب ۽ غريب توپ خانو ٿي ويو، جنهن مان باهه جا اُلا نڪرڻ لڳا ۽ اهڙي باهه ٻري جو ڪيترائي بهادر سڙي رک ٿي ويا.
اسان جي هندو ڀائرن کي موقعو ملي ته انهيءَ واقعي سان پنهنجي وڏن بزرگن جي ڏينهن ۾ توپ خاني جو ثبوت ڏين ۽ بارود جي ايجاد جو تاج ڏانهن آرين جي مٿي تي رکن. مطلب ته ايترو وڏو پراڻي ڪشمير جو راجا ٺاهه جي درخواست ڪرڻ تي مجبور ٿيو. راجا هالي اها درخواست قبول ڪئي ۽ حد درجي جي انسانيت ۽ چڱي نيت سان پنهنجي پاران ڪيتريون ئي سوکڙيون پاکڙيون هن کي موڪليون، پر جيئن ته ڪشمير جي راجا هندوستان جي راجا جو پير وڍڻ جو قسم کنيو هو تنهن ڪري قسم لاهڻ لاءِ هيءَ تدبير ڪيائين ته راجا هالي جي هڪ ميڻ جي مورتي ٺاهي ۽ انهيءَ مورت جو پير وٺي پنهنجو وچن پورو ڪيائين. ان کان پوءِ درياءَ (غالباً سنڌو درياءَ) جي رستي پنهنجي ملڪ واپس روانو ٿيو. ماڻهن کيس صلاح ڏني ته درياءَ ۾ چاڙهه وڌيڪ آهي، ٻيڙين کي ڪناري کان وڌيڪ پري نه وٺي وڃڻ گهرجي، انهيءَ صلاح مطابق هو ڪناري ئي ڪناري هليو ۽ جيئن جيئن اڳتي وڌيو پاڻي گهٽ ٿيندو ويو ايستائين جو هڪ هنڌ پهتو جتي پاڻي تمام گهٽ هو ۽ سندس گاديءَ وارو هنڌ ڪشمير ٿورن ئي ميلن تي هو. اتي هن ٻيڙي مان لهي ڪيتريون ئي جايون جوڙايون، ڳوٺ ٻڌا، گهڻن هنڌن تي مندر ٺهرايا ۽ ڀرپاسي ۾ شهر آباد ڪيا. ان هنڌ جتي انهيءَ سدائين ياد رهڻ واريون جايون جوڙايون انهن جو نالو ساوندي ٿي ويو. ڪشمير جو راجا انهن ڪرتن ۾ لڳل هو ته ڪنهن دشمن جي تياري جون خبرون آيون، تنهن ڪري سڀئي ڪم ڇڏي هو ڪشمير پهتو ۽ انهيءَ دشمن تي سوڀارو ٿيو.
ڳچ عرصي تائين هن جو راڄ سندس پونئيرن وٽ رهيو ۽ سڀئي هندو سندس پونئيرن جا پوئلڳ رهيا. ان عرصي ۾ سنڌ ملڪ ۾ ٽي بادشاهه  ٿي گذريا ۽ غالباً اهي راجا برهميڻ جي خادم سناگهه جي نسل مان هئا، ان ڪري اهي ڏينهن برهمڻ جي ڪاهه کان پهرين جا آهن، پوءِ جي بيانن مان پڌرو ٿيندو ته اهي راجا به برهمڻ سمجهيا ويندا هئا، پر اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سناگهه جيڪڏهن برهميڻ جو خادم هو پر هو به ذات جو برهمڻ هو. راجائن جي ڏينهن ۾ راجا ڪفند جو زمانوا چي ويو جنهن بهادري ۽ سورهيائي ڏيکاري سڄي هندو بادشاهي ۽ غالباً راجا هالي جي راڄ کي به پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. راجا ڪفند اصل ۾ هندو ذات جو راجا نه هو، پر سندس رحمدلي ۽ انصاف پروري جي ڪري سڀ ماڻهو سندس پوئلڳ ٿي ويا هئا. هن هندن ۽ سندن ملڪ جي واکاڻ ڪرڻ ۾ ڏاڍي دل جي ڪشادگي ڏيکاري. پنهنجي چڱاين سان انهن جون اميدون وڌايون ۽ پنهنجي ڪار گذارين سان انهن کي دلداري ڏني. هو سڪندر اعظم جي واري جو هو. هن هڪ خواب ڏٺو هو جنهن جي تعبير هڪ برهمڻ کان پڇي ۽ غالباً انهيءَ تعبير پٽاندڙ هن سڪندر اعظم کي صلح جو پيغام ڏنو ۽ صلح جي درخواست سان گڏ پنهنجي راڄ جي ڪنوري ڇوڪري، هڪ وڏو حڪيم، هڪ فيلسوف ۽ هڪ شيشي جو ٿانو نذراني طور پيش ڪيو. شاهنامي ۾ اهو ئي راجا قيد هندي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي، ان جي ڏينهن ۾ جيڪو برهمڻ ملڪ سندس راجا هو ان جي حدن تي شهريار ايراني بهمڻ حملو ڪيو ۽ ان کي شڪست ڏيئي سنڌ جي گهڻن ئي شهرن تي قبضو ڪيو ۽ اختيار هلايو هر هنڌ آتشڪدا ٺاهيا. برهمڻ راجا جي شڪست جي خبر جڏهن هندن کي پهتي ته راجا ڪفند مقابلي ڪرڻ ۽ ذراين کي هڪلي ڪڍڻ جو ارادو ڪيو، ان ڪري هن پنهنجي ڀاءُ ساميد ڏانهن هڪ ماڻهو موڪليو ۽ حڪم ڏنائين ته هارايل برهمڻ کي ساڻ وٺي منصوره شهر ڏانهن روانو ٿئي ۽ پارسي سردار مهراڻ کي جيڪو بهمڻ پاران هتي جو صوبي دار مقرر ٿيو هو ان کي ڪڍي ڇڏي جيترا به آتشڪدا ٺاهيا ويا هجن انهن کي ڊاهي هندو ڌرم جا مندر ٺهرائي، ساميد پنهنجي مدد لاءِ هندوستان جي راجا هالي کي به گهرايو جيڪو هڪ لشڪر وٺي اچي پهتو ۽ ٻئي هندوستاني دلير مهراڻ جي مقابلي لاءِ روانا ٿيا. جنگ جي ميدان ۾ پهچي هندو دليرن اهڙي سورهيائي ڏيکاري جو مهراڻ کي هڪ شهر ۾ قلعه بند ٿي جان بچائڻي پئي.
راجا هالي ۽ ساميد قلعي جو گهيرو ڪيو ۽ ٽن سالن تائين گهيريو ويٺا رهيا. ايران جي چالاڪ سردار جڏهن ڏٺو ته هاڻي جنگ ۾ ڪابه اميد باقي ناهي ته قلعي مان زمين جي اندر ئي اندر هڪ سرنگ کوٽائي جيڪا وڏي جتن سان کوٽي شهر ڪياسا تائين پهچائي ويئي. جڏهن اها سرنگ تيار ٿي ويئي ته هن قلعي جي برجن تي ڪاٺيون اڀيون کوڙي مٿانئن ٽوپلا رکي ڇڏيا ۽ ڪپڙي ۽ هٿيارن سان اهڙي صورت ٺاهي جو ٻاهرين کي خبر پوي ته ڪا جانباز فوج وڙهڻ لاءِ تيار بيٺي آهي. اها ڪارروائي ڪري هو پنهنجي سڄي فوج سوڌو سرنگ اندران ڀڄي ترڪن جي ملڪ (زابلستان يا موجوده افغانستان) ۾ وڃي پهتا، جنهن کي پناهه ڏني، هو ته هتان هليا ويا ۽ هتي جا هند واسي دوکي ۾ رهيا ته قلعي جي سجاڳي سان حفاظت ٿي رهي آهي، پر جڏهن اهو تماشو ڏٺائون ته ڪوئا قلعي جي سپاهين جي مٿن تي کيڏن ٿا ۽ انهن جا ٽوپلا ڪرائين ٿا ته حيران ٿيا هاڻي جو ويچار ڪيائون ته ايرانين جو فريب کليو، جلد ئي قلعي جا ڦاٽڪ ڀڃي کوليا ويا ۽ ان کان پوءِ ڪفند راجا جي حڪم تي پورو پورو عمل ٿيو. سنڌ ۾ هندو راڄ سان گڏ پوءِ هندو ڌرم  قائم ٿيو، مطلب ته ساميد ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سوڀارو ۽ سرخرو ٿي پنهنجي ملڪ واپس آيو، ان واقعي کان پوءِ سڪندر اعظم هندوستان آيو ، جنهن جو احوال ٽئين باب ۾ آهي. راجا ڪفند جي مرڻ تي سندس پٽ ايند تخت تي ويٺو، هن تخت تي ويهندي ئي سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهايو. ۽ هر حصي تي هڪ الڳ راجا يا صوبيدار مقرر ڪيو، جنهن مان هڪ جو ٺڪاڻو اسڪلند جو شهر هو. ٻئي جو اروڙ ۽ اچ به انهيءَ سان ملايو ويو، جيڪي ٽي ملڪ هن جي چاچي ساميد جي قبضي هئا، انهن تي هڪ ٽيون فرمانروا مقرر ٿيو ۽ چوٿين کي هن هندستان جي ندمان ۽ لوهاني پرڳڻن تي مقرر ڪيو، هي ورهاست جنهن وقت ٿي ان وقت راجا هالو به دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو هو.
جڏهن راجا ايند جي زندگيءَ جو ڏيئو اجهاڻو ته سندس پٽ راسل پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو پر ٿورائي ڏينهن حڪومت ڪئي هئائين جو هڪ طاقتور دشمن سامهون ٿي بيٺو، جنهن وڏي لشڪر سان حملو ڪري راجا راسل کي اباڻي تاج ۽ تخت کان ڌار ڪيو، جڏهن حڪومت هٿن مان ويندي ڏٺائين ته راسل پنهنجي ديس مان ارمان سان روانو ٿيو ۽ ڀڄي دکن پاسي هليو ويو ۽ اتي ئي رهي پيو، جتي معلوم ٿئي ٿو ته هو هڪ ملڪ جي ٿورڙي ٽڪري تي حڪومت ڪندو هو، هن جا ٻه پٽ هئا، وڏي جو نالو رڌال ۽ ننڍي جو برڪماريس، راسل جي انهن ٻنهي پٽن جي ڪٿا عجيب ۽ غريب آهي، چون ٿا ته هن جي مرڻ کان پوءِ وڏي پٽ ردال پيءُ جي اها رهيل بادشاهي پنهنجي قبضي ۾ ورتي. اتفاقاً انهن ئي ڏينهن ۾ ڪنهن راجا جي هڪ ڌيءَ هتي هئي جيڪا حسن ۽ سونهن سان گڏ تمام وڏي داناءِ ۽ عقل واري مشهور هئي، انهيءَ تي وڌاءُ اهو ته وڏن وڏن لائق ۽ عالم پنڊتن اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته جيڪو به هن ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو اهو سڄي جڳ جو والي ٿيندو. انهيءَ ڪري سڀني هندو راجائن ۽ راجڪمارن کي ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ٿي پر هن پريءَ جهڙي خوبصورت شهزاديءَ سواءِ برڪماريس جي جيڪو حد درجي جو سهڻو ۽ حسين جوان هو، ٻئي ڪنهن کي به پسند نه ڪيو. مطلب ته برڪماريس وڏين آسن ۽ اميدن سان کيس حاصل ڪيو ۽ پنهنجي سيج سينگاري، پر جڏهن هن کي وٺي پنهنجي گهر آيو ته سندس وڏو ڀاءُ هن نئين ڪنوار جي شڪل ڏسندي ئي مٿس عاشق ٿي پيو ۽ چيائين ته جهڙيءَ طرح هي توکي وڻي ٿي اهڙي طرح مون کي به سٺي لڳي ٿي. ايترو چئي هن انهيءَ نئين ڪنوار کي سهلين ساڻ ننڍي ڀاءُ کان زوري ڦري ورتو. برڪماريس جڏهن اهو ڏٺو ته ڏاڍو پريشان ٿيو پر سندس ڪوبه زور نه ٿي هليو، نيٺ دل ۾ چوڻ لڳو ته، ”هن ڪنواري ڇوڪريءَ مون کي فقط منهنجي ڏاهپ ڪري پسند ڪيو هو، جڏهن ته ڏاهپ کان بهتر ڪابه شيءِ ناهي. اهو خيال ايندي ئي هن پنهنجي پياري زال جو ساٿ جو ڏک دل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ علم جي حاصلات ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳو. عمل وارن ۽ برهمڻن سان رستو رکيائين ۽ رات ڏينهن محنت ڪرڻ لڳو ۽ نيٺ ايڏي وڏي درجي تي پهتو جو علم ۽ فضيلت ۾ ڪوبه ساڻس مٽ نه هو.
اهو وڏو باغي جنهن هنن جي پيءُ کي جلاوطن ڪيو هو، جڏهن هن مشهور خوبصورت ۽ حسين ڇوڪريءَ جي ۽ پوءِ ان سان گڏ ٻنهي ڀائرن جي پاڻ ۾ سلوڪ جي ڳالهه ٻڌي ته چوڻ لڳو، ”جن ماڻهن جون اهڙيون حرڪتون هجن ڀلا اهي ان لائق آهن جو اهڙي رتبي تي اڃان رهن.“ اهو چئي هن فوج وٺي رڌال جي ملڪ تي حملو ڪيو، نيت جي پليت رڌال کي شڪست آئي، جيڪو انهيءَ ملڪ جي ننڍڙي حصي کي ڇڏي ڀڳو ۽ پنهنجي ڀائرن ۽ اميرن کي گڏ وٺي ڪنهن جبل جي چوٽيءَ تي هڪ مضبوط قلعو جنهن کي انهيءَ پنهنجي لاءِ ٺاهيو هو وڃي رهيو، جتي چئني پاسن کان پهرو مقرر ڪيائين ۽ هو حفاظت ۽ سڪون سان رهڻ لڳو، پر دشمن انهيءَ قلعي جو به اچي گهيرو ڪيو ۽ ويجهو هو جو رڌال جي هر شيءِ تي قبضو ٿي وڃي، رڌال پنهنجي ڪمزوري ڏسي صلح جو پيغام موڪليو، جنهن جو جواب دشمن کان مليو ته اها ڇوڪري موڪلي ڏيو ۽ پنهنجي معززن کي به حڪم ڏيو ته پنهنجي هڪ هڪ ڇوڪري پيش ڪن، اها ڇوڪري جيڪا تو وٽ آهي اها آئون پاڻ رکندس ۽ تنهنجي سردارن جون ڇوڪريون پنهنجي سردارن کي ڏيندس. انهيءَ شرط جي پوري ٿيڻ کان سواءِ مان واپس نه ويندس،“ اهو ٻڌندي ئي رڌال ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيو ۽ پنهنجي انڌي وزير سان جنهن جو نالو سفر هو، مشورو ڪيو، سفر صلاح ڏني ته ڇوڪريون ڏيئي پنهنجي جان بچائڻ گهرجي. هن وقت ته جيئن ٿي سگهي انهيءَ مصيبت کي ٽارڻ گهرجي. پوءِ ايندڙ وقت ۾ ڪنهن موقعي تي اوهان دشمن کان بدلو به وٺي سگهو ٿا، پر جيڪڏهن اسان سڀ ماريا وياسين ته اهي ٻار ۽ عورتون ڪهڙي ڪم جون.”انهيءَ راءِ سان سڀني ماڻهن اتفاق ڪيو، پر اتفاقاً جنهن وقت انهيءَ ڳالهه تي بحث هليو رهيو هو ته برڪماريس اچي ويو ۽ ڀاءُ جي خدمت ۾ شاهي آداب بجا آڻي چيائين ته  ”مان ۽ مهاراج ٻئي هڪ ئي پيءُ جا پٽ آهيون، جيڪڏهن اوهان پنهنجي معاملن ۾ مونکي به سڏيندا ته جيستائين منهنجي وس ۾ هوندو ۽ منهنجو عقل ڪم ڏيندو ڪنهن نه ڪنهن حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندس، منهنجي ننڍي عمر جو خيال نه ڪريو ۽ مون کي پنهنجي مشورن ۾ شامل ڪريو.
رڌال ته انهيءَ جو ڪو خيال نه ڪيو، پر ٻين ماڻهن ٻڌايو ته هو ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاٿل آهن، جڏهن کيس اصل واقعو معلوم ٿيو ته چوڻ لڳو ته انهيءَ موقعي تي مناسب ٿيندو ته منهنجو سر مهاراجا جي ڪم اچي، حڪم ڏيو ته مون کي زنانا ڪپڙا پهرائي هڪ ڇوڪري ٺاهيو ۽ اهڙي طرح سڀني سردارن کي به حڪم ٿئي ته هو پنهنجن پنهنجن ننڍن ڇوڪرن کي سٺا سٺا زنانا ڪپڙا پارائي ڇوڪريون ڪن، پوءِ اسان سڀئي هڪ هڪ ڇري پنهنجن ڪپڙن ۾ ويڙهي ۽ هڪ هڪ توتاڙو به لڪائي کڻي وڃون. اهڙي طرح اسان سڀني کي ڇوڪريون ۽ ڪنواريون ٺاهي سهڻي نموني هار سينگار ڪرائي هنن وٽ موڪليو، اسان سڀ جڏهن انهن اڳيان پيش ڪيا وينداسين ته هو مونکي پاڻ وٽ رکندو ۽ ٻين سڀني کي پنهنجي سردارن حوالي ڪندو، جڏهن راجا مونکي اڪيلائيءَ ۾ وٺي ويندو ان وقت آءُ موقعو ڏسندي ڇري ان جي پيٽ ۾ ٺوڪي ڇڏيندس ۽ ان سان گڏ ئي توتاڙو ڦوڪيندس ته اشارو ملندي ئي هر ڇوڪرو پاڻ واري سردار کي ماري وجهندو ۽ اوهان جي لشڪر کي به تيار رهڻ گهرجي ته توتاڙي جو آواز ٻڌندي ئي قلعي مان نڪري حملو ڪريو. اهڙي طرح اسان ٿوري دير ۾ دشمنن جو خاتمو ڪري ڇڏينداسين، اها صلاح ٻڌي رڌال به ڏاڍو خوش ٿيو. جلدي ڇوڪرا ڇوڪريون ٺاهي موڪليا ويا ۽ نتيجو اهو نڪتو ته دشمن سوارن مان هڪ به بچي نه سگهيو، انهيءَ ڪارروائيءَ راجا رڌال کي ننڍي ڀاءُ برڪماريس جي حال تي ڪنهن قدر مهربان ڪيو پر وزير سندس مخالفت ۾ ڳالهيون گهڙي کيس جاني دشمن بڻائي وڌو ۽ ايستائين نوبت پهتي ته برڪماريس کي پنهنجي نامهربان ڀاءُ هٿان جان بچائڻ جي فقط اها ئي تدبير سجهي جو پنهنجي پاڻ کي مڙيئي ماڻهو ڪيو ۽ شهر جي گهٽين ۾ رولو ۽ مٿي ڦريل ٿي هلڻ لڳو.
هڪ ڏينهن گرمين جي موسم ۾ برڪماريس شهر جي گهٽين ۾ پيرين اگهاڙو هلي رهيو هو، هلندي هلندي بادشاهه ڀاءُ جي محل جي دروازي تي آيو. اتفاقاً ان وقت ڪو جهل پل وارو نه هو، سڌو محل اندر هليو ويو اتي وڃي ڇا ڏسي ته دلربا نازنين جيڪا حقيقت ۾ سندس زال هئي ۽ ان جو ڀاءُ رڌال ٻئي سيج تي ويٺا آهن ۽ ڪمند چوسي رهيا آهن، رڌال جي جڏهن مٿس نظر پئي ته خيال ڪيائين ته ٿي سگهي ٿو هن وقت پهري تي ڪوبه ناهي جنهن جو موقعو ڏسي ڪو محتاج فقير اندر گهڙي آيو آهي اهو خيال ايندي ئي ترس کائي هڪ ڪمند جي ڇڙي هن جي اڳيان اڇلائي، فقير (برڪماريس) اها ڪمند جي ڇڙي کڻي ورتي ۽ انهيءَ تي چاقوءَ وانگر آڱر ڦيرائڻ لڳو رڌال اهو ڏسي سمجهائين ته هي ڪمند کي ڇلڻ گهري ٿو تنهن ڪري راڻيءَ کي چيائين هن کي چاقو ڏيئي ڇڏ، راڻي سيج تان اٿي ۽ چاقو کڻي وڃي هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. برڪماريس انهيءَ سان ڪمند ڇليو ۽ لڪي لڪي چور نگاهن سان ڀاءُ کي ڏسندو رهيو ايستائين جو جڏهن ڏٺائين ته هاڻي راجا وٽان سڀئي پهريدار هٽي ويا آهن ته هڪدم ٽپ ڏيئي ڊوڙيو ۽ چاقو رڌال جي پيٽ ۾ وهائي ڪڍيائين ۽ گڏ ئي ڇاتيءَ تائين چيري ڇڏيائين. انهي هڪ ئي وار هن جي زندگيءَ جو خاتمو آندو. هاڻي برڪماريس هن جي لاش کي ٽنگن مان ڇڪيو ۽ سيج هيٺان رکي ڇڏيو پوءِ ڀاءُ جي هنڌ پاڻ ويهي وزيرن ۽ ميمبرن کي گهرايو ۽ سڀن جي حاضر ٿيندي ئي عام مبارڪن سان بادشاهي تخت تي ويٺو ۽ ڀاءُ جو لاش ساڙائي پنهنجي زال کي قبضي ۾ ڪيائين. هن سان نئين سر شادي ڪيائين ۽ ملڪ ۾ حڪم جاري ڪيائين.
ان کان پوءِ هن وزير کي سامهون گهرائي چيائين، آئون چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته تون ئي آهين جنهن منهنجي ڀاءُ کي اهڙا ڪم ڪرڻ تي آماده ڪيو، مون سان جيڪي ڪجهه وهيو واپرايو اهو اصل م تنهنجو ئي ڪيل آهي پر آءُ انهيءَ کي ڪا خطا نٿو چوان ۽ نه انهيءَ لائق سمجهان ٿو ته توتي الزام ڏيان، پوءِ الله جي اهڙي مرضي هئي جو آئون وري بادشاهه ۽ راجا ٿيان، مطلب ته جهڙي طرح تون ڀاءُ جي ڏينهن ۾ سڀني ڪمن جو ذميندار هئين اهڙيءَ طرح هاڻي به منهنجي طرفان حڪومت هلاءِ.“
وزير سفر هٿ ٻڌي عرض ڪيو ”اوهان صحيح چيو مون جيڪي ڪجهه ڪيو اهو اوهان جي ڀاءُ جي مرضيءَ سان ٿيو، مون کي اوهان سان ڪو وير نه هو، پر هاڻي مون دل ۾ فيصلو ڪيو آهي ته راجا رڌال سان گڏ چکيا تي چڙهي زندهه ٻري وڃان، آئون زندگيءَ ۾ اوهان جي ڀاءُ سان گڏ هئس ۽ مرڻ کان پوءِ به انهيءَ سان گڏ رهندس. برڪماريس چيو تون وڏو ڏاهو ۽ لائق وزير هئين، جڏهن ته مان چاهيان ٿو ته مرڻ کان اڳ حڪمراني ۽ عدل پروريءَ تي هڪ ڪتاب لک، جنهن ۾ راجا جي فرضن جو ذڪر هجي.“
سفر نئين راجا جي اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو جنهن جي نالي جو عربي ترجمو ”آداب الملوڪ“ آهي. جڏهن هي ڪتاب پورو ٿيو ته سفر حاضري ٿي راجا برڪماريس کي ٻڌايو ته ان کان پوءِ چکيا تي چڙهي ڪري ٻري ويو. برڪماريس جي بادشاهيءَ ۾ ڏينهنون ڏينهن ترقي ٿيڻ لڳي. خوش نصيبي ۽ بخت هن جو پاسو ورتو. ايستائين جو هو سڄي هندستان جو راجا ٿيو ۽ هر ديس جي راجا سندس آڏو سر جهڪايو.

جيتوڻيڪ دنيا جي سڀني قومن ۾ پاڻ ۾ لڙائي جهڳڙو رهيو آهي ۽ تمام گهڻا اهڙا ملڪ آهن، جن تي ڌارين قومن حملو نه ڪيو هجي، پر هندوستان شروعات کان اڄ تائين سدائين ٻاهرين بهادرن جو شڪار رهيو آهي. خود آريا لوڪن جو اچڻ هڪ اهڙو زبردست حملو هو جنهن شروعاتي حالت کي صفا مٽائي ڇڏيو، پر جڏهن هو هتي اچي رهيا ۽ باخترين مان هندوستاني ٿيا ته مٿن به ٻاهر وارن جون ڪاهون شروع ٿي ويون ۽ جڏهن ته سنڌ هندوستان جو دنگائي ديس هو انهيءَ ڪري هر حملي آور جي قدمن پهريائين سنڌ کي لتاڙيو. ان وقت تائين دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان پهريائين سڌريل ۽ بهادر قوم مصر وارا سمجهيا ويندا هئا، جن جو عروج حضرت عيسيٰ عليه السلام کان پنج ڇهه هزار سال اڳ ناموري ۽ شهرت حاصل ڪرڻ لڳو هو، جڏهن ته ٻاهرين قومن ۾ اهي ئي انهي ڳالهه جا دعويدار آهن ته اسان سڀ کان اڳ هندستان تي بادشاهي ڪئي. سندن بادشاهه سائرس جنهن کي تاريخ کان اڳ جا مؤرخ ڊيونسيس ۽ بيڪچس چون ٿا پنهنجي فوج کي وٺي سڀني وچ وارن ملڪن کي فتح ڪندا سنڌ پهتا ۽ سنڌ کي لتاڙي هندستان تي حملي آور ٿيا. هو خشڪيءَ رستي سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ داخل ٿيا ۽ مصر وارا چون ٿا ته ان وقت هتي جا ماڻهو ويڳاڻا هئا، نه ٻني ٻارو پوکڻ ڄاڻندا هئا ۽ نه ويڙهه جي فن کان واقف هئا، هو مقابلي جي سٽ نه سهي سگهيا ۽ سائرس گنگا نديءَ جي ڪناري تائين فتح ڪندو هليو آيو. انهيءَ فقط فتح ئي نه ڪيو پر هندستانين کي تهذيب ۽ سنجيدگي سيکاري، ٻج ڇٽڻ ۽ جوڙا جوٽڻ جون اٽڪلون به سيکاريون، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته مصر کان سواءِ هن ڌرتيءَ ۾ به کين ديوتا ٺاهي سندن پوڄا ڪئي وئي. انهن جي نالي سان شهر آباد ٿيا ۽ ٽي سال هتي رهي هو واپس هليو ويو. جڏهن ته محققن جو خيال آهي ته مصرين جو ديوتا آئسيس ۽ اسائرس ئي آهن جيڪي هندوئن ۾ ايسويا ايشور جي نالي سان مشهور ٿيا، دنيا ۾ انهن جي پوڄا جو ڏاڍو رواج هو ۽ انهن جي نالي جون تقريبون ڳائي وڄائي ملهايون وينديون هيون.
مصرين جا رقيب ۽ مشرقي دنيا تان آڳاٽن فرعونن جو دٻدٻو مٽائڻ وارا بابلي آهن جن جي بهادر ۽ ارادي جي پڪي راڻي سميرا ميس کي اڳئين دنيا محترم ديونن ۾ شمار ڪيو آهي. انهيءَ راڻي جي اوڀارين سرحد هندوستان ۽ سنڌ جي دنگ سان مليل هئي، تنهن مڙس کان پوءِ جڏهن واڳون پنهنجي هٿ ڪيون ته گهڻن سرڪشن ۽ وڏن مخالفن کي تباهه ۽ برباد ڪيائين، پر ناڪام رهي ته هندوستان وارن جي مقابلي ۾ رهي، جنهن جي شڪست جو داغ هو پاڻ سان گڏ قبر ۾ کڻي ويئي، انهيءَ بابت آڳاٽا مؤرخ چون ٿا ته سميرا ميس اٽڪ درياءَ جي هن پاسي لهڻ جو گهڻو ڪجهه سامان گڏ ڪيو. ڌرتي ڌڻين مهاڏو اٽڪايو ته سميرا ميس ڏاڍي بهادري ۽ دليريءَ سان وڙهي پر گهڻو وڃائڻ کان پوءِ به درياءَ مان لهي نه سگهي، خود ساڻس ۽ سندس مخالف هندوستاني راجا سان هٿو هٿ لڙائي لڳي. هندوستان جو راجا انهن ڏينهن ۾ ڏاڍو زبردست ۽ سگهارو هو، سندس سپاهي دلير ۽ قلعا مضبوط هئا. سميرا ميس هاٿين تي رعب وجهڻ جي هيءَ اٽڪل ڪئي ته ڍڳن جا ڇوڙا لاهي اٺن تي وڌا ۽ انهن کي هاٿي يا عجيب نموني جا جانور ٺاهيا. لڙائيءَ ۾ هن جي پيادل فوجن هاٿين تي حملو ڪيو پر ناڪام رهيا، نيٺ سميرا ميس ڦٽجي ناڪام ۽ نامراد واپس ٿي ۽ ڀڄي پنهنجي وطن پهتي ته پنهنجي ئي پٽ هٿان مارجي ويئي. ڪجهه مؤرخن جو خيال آهي ته هو انهيءَ هندستان جي مهم ۾ قتل ٿي، عرب تاريخ دانن مطابق يمن جو بادشاهه تبابع مان هڪ اهڙو بهادر ٿي گذريو آهي، جنهن جزيره نما عرب کي چيري خليج فارس جي چؤطرف ڦيرو لڳايو ۽ ايران جي ڌرتيءَ کي فتح ڪري سرزمين هند ۾ اچي پهتو، پر افسوس جو تبابعن جي تاريخ اڃان تائين اونداهيءَ ۾ پيل آهي ۽ موجوده دؤر جي پياسن کي موقعو نٿو ملي جو يمن جي اجڙيل کنڊرن ۽ ڪريل پٿرن کي پڙهي ۽ آڳاٽن ڏينهن جي انهن بهادر فاتحن بابت ڪا راءِ قائم ڪري سگهن. ٽيون حملو هندستان تي مصر جي فرعون سيساسترليس ڪيو هو. سورهيائيءَ جي جوش ۾ اچي شام کان اڳتي وڌي ايشيائي ڪوچڪ کي اورانگهي ڪوهه ڪاف تائين پهتو. انهيءَ جي برفستان ۾ گهڙي ٻئي پار نڪتو ۽ ساديا ۽ ٿريس جي ملڪن جي رڻ پٽن مان لنگهي هندوستان پهتو. هتي اٽڪ درياءَ مان لهي اڳتي وڌيو ۽ فتح ۽ ڪاميابيءَ جا جهنڊا جهولائيندو گنگا تائين پهتو، سندس زمانو حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ارڙهن سؤ سال اڳ جو آهي جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هن جو حملو رامائڻ ۽ مهاڀارت جي وڏين لڙائين کان پهرين ٿيو يا ان جي ويجهي ڏينهن ۾.
چوٿون حملو تاتارين جو ٻڌايو وڃي ٿو انهن ماڻهن جو پهريون بادشاهه جنهن سان هنن جو قومي ڏهاڙو شروع ٿئي ٿو، اهو اغاس هو. چيو وڃي ٿو ته هو ايران جي تخت ڌڻي ڪيو مرث جو همعصر ۽ بافث بن نوح جي نسل مان هو. انهيءَ تبت وغيره تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. ايرانين کي شڪست ڏنائين ۽ هوشنگ هٿان خراسان جو ملڪ فتح ڪيائين. پوءِ عراق آذربائيجان ۽ آرمينيا کي شڪست ڏيئي پنهنجو ڏن ڀرو ٺاهيو. جڏهن اولهه طرفان اطمينان ٿيس ته هن ڪابل ۽ غزني تي حملو ڪيو. انهن شهرن کي فتح ڪرڻ کان پوءِ هندستان ڏانهن وڌيو ۽ ڪشمير سان گڏ اتر هندستان تي به قبضو ڪيائين. انهيءَ جو ڪوبه پتو نٿو پوي ته هو سنڌ يعني اولهه هندستان تي ڪيتري قدر قابض ٿيو ۽ ڪيتري زمين سندس قبضي ۾ آئي جڏهن ته هو رڳو ڦرلٽ ۽ تخت و تاج جي لاءِ آيو هو ۽ هن ملڪ ۾ رهي حڪومت ڪرڻ سندس مقصد نه هو ان ڪري هن ڌرتيءَ تي سندس نشان به باقي نه رهيا.
پنجون حملو به تاتارين جو هو جنهن جو زمانو حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ڇهه سؤ سال اڳ جو آهي انهن ڏينهن ۾ ميڊيا جي پهرين بادشاهه سياقزانس جو زمانو هو. ميڊيا وارن اسيليا (بابل) جي شهنشاهن کي ختم ڪري پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي هئي. تاتاري وحشين ڪوه ڪاف تان لهي سڄي ايشيا تي اٽڪ درياءَ جي ڪنارن تائين پکڙجي ويا،پر سنيا قزانس کين وڏي قتل ۽ خون خرابي کان پوءِ پنهنجي بادشاهيءَ مان تڙي ٻاهر ڪيو. نيٺ انهن مان ڪيترائي ماڻهو سنڌ ۾ ٽڪي پيا جيڪي جاٽ سڏجن ٿا ۽ آڳاٽن ڏينهن ۾ اهي جاٽ ماڻهو سنڌو درياءَ جي ڪناري ۽ پڻ افغانستان ۾ گهڻائيءَ ۾ آباد هئا. ڊاڪٽر هنٽر چوي ٿو ته سائدين وحشي (گهڻا ماڻهو سائدين ۽ تاتارين کي هڪ ئي قوم سمجهن ٿا) جيڪي حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ڇهه سؤ پنجويهه سال پهرين هڪ لوڌ وانگر ايشيا جي ڌرتيءَ تي پکڙجي ويا هئا. سندن هڪ شاخ موجوده حيدرآباد سنڌ تي جيڪو تن ڏينهن ۾ بٽالا سڏبو هو، قابض ٿيا، اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي يورپ ۾ ”هن“ سڏجن ٿا.
ايراني هندوستان جا پاڙيسري هئا، جيڪڏهن سندن ڪا مڃيل ۽ قديم تاريخ موجوده هجي ها ته ضميمي طور هندستان جون به ڪيتريون ئي حالتون معلوم ٿي وڃن. پر افسوس جو جهڙيءَ طرح هندوستان وارن تاريخ نه لکي اهڙي طرح ايرانين جي به ڪا پراڻي تاريخ موجود ناهي. انهيءَ خاص موضوع تي اوڀر وارن جو گهڻو دارو مدار شاهنامي تي آهي جنهن ۾ اهڙين اعتبار نه ڪرڻ جوڳيون ۽ ٻڌل سڌل ڪهاڻيون لکيون ويون آهن جو انهن کي ڪڏهن به تاريخ جي حيثيت نٿي ڏيئي سگهجي. جڏهن شاهنامي ۾ سعد بن ابي وقاص رضه ۽ رستم فرخزاد جي آخري لڙائي مڃيل ۽ معتبر تاريخن جي موجود هوندي رڳو وڌايل ۽ بي بنياد واقعن سان بيان ڪئي وئي آهي ته انهن پراڻين ڳالهين جو ڪهڙو ڀروسو ڪري سگهجي ٿو جيڪي ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ موجود نه آهن، تنهنڪري جيئن ته تاريخدان مجبوريءَ خاطر شاهنامي مان تاريخي ڪم وٺندا آهن تنهنڪري اسان به ان جي بيان کي نقل ڪريون ٿا ته، ايران جو دارا فريدون به جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام کان تقريباً 750 سال اڳ هو اولهه هندوستان تي لشڪر چاڙهيو ۽ پنجاب کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. انهيءَ زماني کان 529 سال قبل مسيح هي ملڪ انهيءَ جي قبضي ۾ رهيو. ايستائين جو ڪيخسرو جي مرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ايرانين جي قبضي کان نڪري ويو. ڪيخسرو جي وفات جيتوڻيڪ 529 قبل مسيح قرار ڏنل آهي پر اهو ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ٻن صدين کان ڪجهه وڌيڪ سنڌ تي ايرانين جو قبضو هيو.
مؤرخ زنوفن جي بيان مان خبر پوي ٿي ته اٽڪ درياءَ ڪيخسرو جي بادشاهي جي اوڀارئين دنگ تي واقع هو پر ٻين مؤرخن جو خيال آهي ته سڄو پنجاب سندس هٿ هيٺ هو ۽ هندوستاني ماڻهو فريدون جي ڏينهن کان وٺي، افراسياب جي ڏينهن تائين واقعي ڏن ڀرو هئا. افراسياب جي ڏينهن ۾ قنوج جي راجا شنگل ڏن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته افراسياب تپي باهه ٿيو ۽ پنهنجي مشهور سپهه سالار پيران دلسيا کي چاليهه هزار سوارن سان گڏ حملو ڪرڻ لاءِ روانو ڪيائين. ايران کي هند جي دليرن شڪست ڏني ۽ هو ڪجهه جبلن ۾ گهيرجي ويا، جڏهن هي خبر افراسياب کي پئي ته هڪ لک سوارن کي گڏ پاڻ اچي پهتو هاڻي ڌرتي ڌڻين کي شڪست آئي. افراسياب پري تائين پيڇو ڪيو ۽ هن ڀڄندڙ ڪيترائي هندستاني ماري وڌا. راجا شنگل ڀڄي وڃي ترحت جي جبلن ۾ رهيو ۽ جڏهن حملي ڪندڙ جي ڪاوڙ لٿي ته هن قاصد موڪلي پيش پوڻ ۽ پير ڇهڻ جي اجازت گهري، جڏهن انهيءَ کي پيش پوڻ جي اجازت ملي ۽ هن جي پٽ کي زابلستان جي تخت ڌڻيءَ پيءُ جي جڳهه تي قنوج جي گاديءَ تي وهاريو ۽ خود شنگل کي قيد ڪري پاڻ سان گڏ توران وٺي ويو ۽ هاڻي اهو معمول هو جو شنگل جو تخت ڌڻي پٽ ڏن جي ڏوڪڙن سان گڏ پيءُ جي خرچ پکي لاءِ به ڪافي ٽڪا روانا ڪندو هو، انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته جيستائين ڪيخسرو افراسياب جو ڳاٽ نه ڀڳو تيستائين هندوستان پرڳڻا زابلستان جي بادشاهه جي هٿ هيٺ رهيا.
521 قبل مسيح ۾ دارا هستاسپس (گشتاسپ) جو پٽ عجم جي تخت جو ڌڻي هو. انهيءَ هيرو ڊوٽس يوناني جي بيان هندستان تي هڪ نئون ۽ انوکو حملو ڪيو. جهازن جو هڪ وڏو ٻيڙو گڏ ڪيو ۽ پنهنجي ماتحت سائيلاز کي ان تي امير البحر مقرر ڪري اهڙي مهم تي روانو ڪيو ته افغانين جي علائقي کان وٺي اٽڪ درياءَ جي منڍ تائين جي ملڪن جو پتو لڳايو ۽ ان کان پوءِ ان ملڪ تي قبضو ڪريو. سائيلاز دريائي سفر ڪري ٻن سالن ۾ پنهنجي منزل تائين پهتو ۽ واپس وڃي پنهنجي سفر جي روئداد ڏنائين ، اهو بلڪل ثابت ناهي ٿيو ته انهي مهم ۾ جهڳري فساد جي به نوبت آئي يا نه پر ايترو ضرور پتو پوي ٿو ته اهو امير البدر عجب ڏي هندوستان مان ايترا ڏوڪڙ وصول ڪري ويو هو جيترا ايران جي تخت ڌڻيءَ کي انهن صوبن مان ڪڏهن به وصول نه ٿيا هئا. قديم مؤرخ اهو به بيان ڪن ٿا ته دارا جي هٿ هيٺ چوويهه ملڪ هئا، جن مان هندوستان به هڪ هو، پر ڏن ۾ هندوستان مان جيڪا رقم وصول ٿيندي هئي، اها ان جي سڄي حاصلات جو فقط ٽيون حصو هئي ۽ اها ڪل رقم سون جي صورت ۾ وصول ٿيندي هئي، پر هندوستان جو جيڪو حصو اهڙي طريقي سان ايرانين جي قبضي ۾ آيو، اهو اٽڪ واديءَ جي ملڪن جي هڪ حصي کان وڌيڪ نه هو. نوشيروان جيڪو ساسانين ۾ وڏو قانوندان ۽ عدل پرور ٿي گذريو آهي ۽ حضرت سرور ڪائنات جي ولادت باسعادت جي وقت عجم جو تخت ڌڻي هو، سندس شاهي خطاب ”بادشاهه ايران و هند“ مشهور هو.
انهيءَ ڳالهه جي ته ڪا چٽائي موجود ناهي ته هن به تڏهن هندستان تي ڪاهه ڪئي يا هن ڌرتيءَ جو ڪو حصو سندس بادشاهيءَ ۾ شامل هو. پر غالباً اهو لقب اختيار ڪرڻ جو هي سبب هو ته هن جي ڏينهن ۾ هندوستان جي راجائن ساسانين جي شهنشاهيت ۽ عظمت مڃي ورتي هئي ۽ ان جو بنياد بقول ايڊورڊ سليون، ائين پيو جو 330ع ۾ ولي عهد دولت عجم بحرام بور علم ۽ فن سکڻ جي شوق ۾ ويس مٽائي ۽ هڪ عام ماڻهوءَ جي ويس ۾ هندستان آيو. هڪ موقعي تي هن سپهه گيريءَ جو اهڙو ڪرتب ڏيکاريو جو سڀني ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون، يعني هن هڪ هاٿيءَ کي پنهنجي تير سان ماري وڌو ۽ هن جي هٿ جي پڪڙ ڏسي قنوج جي راجا باس ديو هن جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪيو، هندوستان ۽ ايران جي دنگائي ملڪن جا حالات وقت جي دز هيٺ دٻيل آهن پر معلوم ٿئي ٿو ته ايران جو صفا اوڀاريون علائقو ان زماني ۾ ڏاڍو سرسبز ۽ زرزخيز هو ۽ مشهور تڪشلا خاندان جي راجا توچاري جي حڪومت هيٺ هو ان خاندان جو باني گنشڪا ڪابل ۽ سڄي هندوستان جو راجا هو ۽ سندس سڪو سڄي اتر هندوستان ۾ پکڙيل ملي ٿو. انهيءَ سلطنت جو مرڪز ڪشمير جي حڪومت هو. گنشڪا کان اڳ حاڪمن ڪجهه يوناني ديوتائن کي اختيار ڪيو هو. حضرت عيسيٰ عليه السلام کان تقريباً  هڪ سؤ سال پوءِ يونانين جو اثر مشرقي ايران مان ختم ٿي ويو ۽ ان وقت کان اسان کي ٽوچاري سڪن تي ايرانين جو اثر وڌندو نظر آيو آهي ۽ خاص ڪري سانين جي عهد ۾ آخري پنجين صدي عيسويءَ جي ابتدا ۾ ٽوچاري جي قوم جي ئي هڪ ٻي شاخ هن بادشاهت کي برباد ڪيو. هن قوم جي ويڙهاڪ بادشاهه ٽولي ڪوهستان هندو ڪڻس کان هن پار لهي اهڙو حملو ڪيو جو ٽوچاري خاندان جي سلطنت بلڪل فنا ٿي وئي ۽ ننڍي يوجي جي بادشاهي قائم ٿي. انهيءَ حملي جي تاريخ مختلف روايتن تي غور ڪري 340ع قرار ڏني وئي آهي. عربن کان اڳ ڪنهن قوم جيڪڏهن هندستان بابت ڀروسي جوڳا حالات بيان ڪيا آهن ته اُهي يوناني آهن. سڪندر اعظم جي حملي کين هن اوڀارين ڌرتيءَ جي حالتن کان گهڻو ڪجهه واقف ڪيو هو. هندوستان ۽ اولهه جي ملڪن جا واپاري لاڳاپا تمام آڳاٽي دؤر کان هلندڙ هئا جنهن اولهه جي قومن کي هندستاني ڌن دولت تي ڏاڍو لالچايو هو، پر انهن افسانن جي بنياد تي دليري ڏيکارڻ جي جيڪڏهن ڪنهن کي همٿ ٿي ته اهو سڪندر اعظم ئي هو. جيتوڻيڪ هن جڏهن عجم جي دارا سان گڏ ايران جي بادشاهت جو ڪم پورو ڪيو تڏهن پورب طرف اڳتي وڌيو ۽ افغانستان جي حدن ۾ داخل ٿيو.
اٽڪ درياءَ جي هن پار سڀ کان اڳ ٽيڪسلا جي بادشاهن جو راڄ هو انهيءَ سلطنت جو تخت ڌڻي آڻ مڃي سڪندر جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، تحفا ۽ سوکڙيون پيش ڪيائين ۽ سڪندر کي پنهنجي لڇڻن جو اهڙو چاهيندڙ بڻايائين جو سندس تحفن کان وڌ اُچا ۽ ڀلا تحفا سڪندر کين پيش ڪيا، پوءِ انهيءَ راجا سان گڏجي سڪندر ڪابل کان اڳتي وڌي اٽڪ درياءَ جي ڪنارن تائين پهتو ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام کان 327 سال اڳ سنڌو درياءَ مان هيٺ لهي انهيءَ وقت ٽيڪسيلا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيو. ساڻس گڏ 135000 فوج هئي جنهن ۾ ڪجهه ملڪي فوجي به شامل هئا. اٽڪ جي هن پاسي انهيءَ زماني ۾ ٽي حڪومتون هيون ٽيڪسيلا جي حڪومت جنهن جي بادشاهي اٽڪ ۽ جهلم جي وچ ۾ هئي، وري جهلم کان چناب تائين راجا پورس حڪومت ڪندو هو ۽ جبلن يعني ڪشمير ۾ راجا ابي سارس جو راڄ هو ۽ اهي سڀ راجا مڱدديس جي مهاراجا جي هٿ هيٺ هئا جنهن جو حڪومتي ٺڪاڻو گنگا درياءَ جي ڏاکڻي ڪناري تي هو. انهيءَ زبردست راجا جو نالو چندر گپت چيو وڃي ٿو. سڪندر اعظم کي ٽيڪسيلا جي علائقي ۾ داخل ٿيندي اولهه هندستان ۾ جيڪي ڪجهه ننڍيون ننڍيون رياستون ڏسڻ ۾ آيو اُهي هڪ ٻئي جون مخالف هيون جيڪي پاڻ ۾ دشمن هيون ۽ ڪنهن ٻاهرين حملي آور کي روڪڻ ۽ ان جي مزاحمت ۾ اتفاق ڪرڻ بدران پنهنجي پاڙيسري راڄ کي نقصان پهچائڻ جي ڌن م بجاءِ ان جي جو ٻاهرئين آور کي روڪين، سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وينديون هيون. انهيءَ ڪري ٽيڪسيلا جي راجا سڪندر جو ساٿ ڏنو هو ته لازمي آهي ته راجا پورس مقابلي جي لاءِ تيار ٿي وڃي، جيتوڻيڪ انهيءَ ڪوشش ڪئي ته سڪندر کي جهلم درياءَ مان لهڻ نه ڏئي، درياءَ جي هڪ موڙ جي ماڳ تي سڪندر تقريباً چوڏهن ميل جو چڪر کاڌو ۽ هڪ ٻئي گهاٽ جهلم مان ان تي لٿو.
پورس جا هاٿي دشمن طرف هزارين دفعا وڌايا ويا پر نه وڌي سگهيا بلڪه الٽو خود پنهنجي فوج کي لتاڙي ڀڳا. پورس جو پٽ جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو ۽ هو پاڻ به ڦٽجي پيو. هندوستاني فوج جي پکڙجڻ سبب سڪندر پنهنجي پياري دوست مروي کي موڪليو ته راجا پورس کي جيڪو ميدان ۾ ڦٽيو پيو آهي عزت ۽ احترام سان منهنجي خيمي ۾ کڻي اچو. سڪندر پاڻ هلي وڃي ساڻس عزت سان مليو ۽ چيائين ته، ”هاڻي تون مون کان ڇاٿو گهرين؟“ دلير پورس جواب ڏنو ته ”اهو ئي جيڪو ڪنهن بادشاهه کي جڳائي.“ ”سڪندر چيو“ اهو ته منهنجو ڪم آهي ۽ آئون ڪندس پر تنهنجي به ڪا آرزو آهي؟ ”چيائين“ سڀ ڳالهيون پهرئين جواب ۾ موجود آهن.” انهن جواب سڪندر جي دل تي اهڙو اثر ڪيو جو پورس جو سچو همدرد ٿي ويو کيس پنهنجن دوستن ۾ شامل ڪيائين ۽ سندس ملڪ کيس واپس ته ڪيائين پر بيو به گهڻو ڪجهه پنهنجو فتح ڪيل علائقو به هن کي ڏنائين.
سڪندر انهيءَ فتح جي يادگار م هتي ٻه شهر آباد ڪيا. هڪ بوسخيان چناب درياءَ جي اولهندي ڪناري تي جيڪو موجوده شهر جلال پور جي ويجهو آهي. ٻيو شهر نڪايا مٿي ذڪر ڪيل درياءَ جي اوڀرندين ڪناري تي، جنهن هنڌ هن وقت مونگ شهر آهي. پهرئين بيان ڪيل شهر جو نالو هن پنهنجي گهوڙي تان رکيو جيڪو انهيءَ ميدان ۾ مارجي ويو هو. چناب درياءَ جي هن پار لهڻ کان اڳ سڪندر فتح ڪيل علائقي جو هڪ دؤرو ڪيو هو ۽ جيڪي ڪجهه معلومات هن کي ملي ان جو ٿورو حصو اسان کي يوناني مؤرخن جي قلم مان معلوم ٿيو آهي ته جيڪو ملڪ جهلم ۽ پنجاب جي وچ ۾ هو، ڏاڍو آباد ۽ دولتمند هو. ستٽيهه شهر هئا جن مان هر هڪ جي آبادي 5000 ماڻهن کان گهٽ نه هئي ۽ ان کان سواءِ ڪيترائي ننڍا ننڍا ڳوٺ هئا. دؤري کان پوءِ سڪندر چناب کان اورتي آيو ۽ مٿي ڄاڻايل شهر نڪايا کي آباد ڪري اڳتي وڌيو. هتي علائقو جيڪو چناب ۽ راويءَ جي وچ ۾ هو هڪ ٻئي راجا جي هٿ هيٺ هو، جيڪو راجا پورس جو نالي ڀائي ۽ سندس مخالف هو. سڪندر جي اچڻ جي خبر ٻڌندي ئي هو راويءَ مان لهي هندوستان جي اڀرندين شهرن ڏانهن ڀڄي ويو ۽ سڪندر سندس ملڪ تي قبضو ڪري هن جو سڄو علائقو پنهنجي دوست پورس کي ڏنو. انهيءَ ڪارروائيءَ کان پوءِ سڪندر راوي درياءَ جي هن پار آيو. هن علائقي ۾ هڪ زبردست ۽ جنگجو قوم آباد هئي جنهن جو نالو يونانين کٿيا ٻڌايو آهي. غالباً انهيءَ مان مراد موجوده ڪاٺيا قوم آهي پر ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ڪاٺيا نه، کتري ماڻهو مراد آهن. انهن ماڻهن جو دارالسلطنت شهر سنگهالا هو، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته تن ڏينهن ۾ ڏاڍو مضبوط شهر هو. کٿئي ماڻهو مقابلي جي لاءِ پهريائين تيار هئا ۽ ملتان ۽ اچ جا ماڻهو به سڪندر سان وڙهڻ جي لاءِ انهن ماڻهن سان گڏجي ويا، هيڏانهن سڪندر جي جهنڊي هيٺ راجا پورس پنهنجي پنج هزار بهادرن سان گڏ موجود هو. ٻنهي لشڪرن ۾ مقابلو ٿيو ۽ سڪندر گهيرو ڪري سنگهالا شهر کي فتح ڪيو. جنهن جي فتح ٿيڻ سان سترهن هزار ڌرتيءَ ڌڻي ماريا ويا ۽ ستر هزار دشمن جي چنبي ۾ قيد ٿيا. سنگهالا جي فتح کان پوءِ کيس تباهه ۽ برباد ڪيو ويو ۽ هن جو علائقو به پورس جي بادشاهي ۾ شامل ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ ٻه ٻيا شهر به ڀڙڀانگ ڪيا ويا، جنهن جا رهواسي بيرحم حملي آورن جي ڊپ کان گهر ڇڏي ڀڄي ويا هئا. ۽ جيڪي پنج هزار ماڻهو ڪنهن لاچاري سبب ڀڄي نٿي سگهيا انهن کي يونانين ڏاڍي بيرحميءَ سان قتل ڪيو. بياس درياءَ سان لاڳاپيل جيڪو ملڪ هو انهيءَ بابت يوناني جو بيان آهي ته اتي جا ماڻهو حسن ۽ خوبصورتيءَ ۾ ڏاڍا مشهور هئا ۽ حسين هئڻ سان گڏ ڏاڍا ذهين به هئا. انهن جي ڪجهه عقلمندن قانون به ٺاهيا هئا، انهن جي راجا جو نالو سموفتا هو. سڪندر جي دؤرن جي هن کي جڏهن خبر پهتي ته هن بيڌڙڪ شهر جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ پنهنجي ٻن نوجوان خوبصورت پٽن ۽ ٻين سلطنت جي اميرن کي ساڻ وٺي مقدوني حملي آور جي آجيان لاءِ نڪتو. يوناني لکن ٿا ته جنهن وقت هو سڪندر ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي سامهون ايندو نظر آيو ته ان جي مٿي جي شاهي نشان جهولي رهيو هو جنهن ۾ هيرا جواهر جڙيل هئا ۽ سج جي روشنيءَ ۾ تجلا ڏئي رهيا هئا، ڳاڙهي رنگ جو هڪ ڊگهو جبو پاتل هوس جنهن تي ڀرت جو سونهوري ڪم ٿيل هو، ٻنهي ڪنن ۾ ٻه والا هئا، انهن والن ۾ نهايت ئي آبدار موتي هئا ۽ پيرن ۾ سون سان مڙهيل موجلي پاتل هئي، سڪندر جي ويجهو پهچندي ئي انهيءَ پنهنجو شاهي علم فاتح جي پيرن طرف نمايو جنهن کي سڪندر پنهنجي هٿن تي ورتو ۽ خود پنهنجي هٿ سان پنهنجي تلوار کولي هن جي چيلهه ۾ ٻڌي ڇڏي، انهيءَ پرامن بادشاهي ۾ سڪندر پنهنجي فوج کي رهائي سک جو ساهه کڻڻ جو موقعو ڏنو ۽ ان کان پوءِ بياس درياءَ ڏانهن وڌيو، بياس جي الهندي ڪنڊ تي هڪ ٻيو راجا هو جنهن جو نالو ديودرس هو، هو به نذرانو کڻي حاضر ٿيو ۽ آڻ مڃي. سڪندر کي ڏاڍو شوق هو ته گنگا جي ڪنارن تائين وڌندو وڃي جنهن ملڪ جون عجيب ۽ غريب حالتون هن ٻڌيون هيون ۽ کيس ماڻهن يقين ڏياريو هو ته اهو ملڪ تمام گهڻو سرسبز شاداب ۽ دولتمند آهي. پر ان سان گڏ ئي پنجاب وارن يوناني سپاهين کي چيو ته گنگا پاسي جي راجائن مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ وڏو بندوبست ڪيو آهي. اسي هزار سوار، ٻه لک پيادا، ٻه هزار رٿ ۽ ٽي هزار هاٿي يونانين کي ناس ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. هتي مگهڌ ديس اندر پرست، هستناپور ۽ مٿرا جون حڪومتون به زبردست سلطنتون آهن. ۽ سندن راجا وڏي مان وارا راجا آهن، ان کان سواءِ يونانين کي اهو به ٻڌايو ويو ته بياس درياءَ کان پار ٿي ڏاڍا ڏکيا پنڌ لتاڙڻا پوندا ۽ يارنهن ڏينهن تائين ويران  ميدان ۽ ريگستان کي جهاڳڻو پوندو. پوءِ گنگا درياءَ ملندو جيڪو وڏي قهري اونهو درياهه آهي، انهن ڊيڄاريندڙ خبرن يوناني لشڪرن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. سڪندر پنهنجي پر ۾ جفاڪشي ۽ معرڪا آرائيءَ جو ڏاڍو شوقين هو، پر يوناني لشڪر جون وايون اهڙيون ته بتال ٿيل هيون جو هن سندن گهڻيون ئي پٺيون ٺپيون ۽ ڏڍ ڏنو پر ڪنهن به اڳتي وک وڌائڻ لاءِ دل نه جهلي. جڏهن کيس پڪ ٿي ته هاڻي واپس ورڻو ئي آهي ته هن ارادو ڪيو ته پنهنجي فتح جي خوشيءَ جو ڪو يادگار قائم ڪري، پوءِ ٺيڪ انهيءَ هنڌ جتي بياس سان ستلج درياءَ مليو آهي اتي ٻارنهن قربان گاهون قائم ڪيون ۽ مذهبي ديوتائن جي نالي قربانيون ڪيون. انهن قربان گاهن جي بيهڪ قلعي جي برجن جهڙي هئي، پر انهن جي عظمت ۽ شوڪت رواجي برجن کان تمام گهڻو مٿي هئي. يوناني مؤرخ پلوٽارڪ چوي ٿو ته منهنجي ڏينهن تائين اهي قربان گاهون موجود هيون ۽ گنگا پاسي کان ياتري اچي ان تي قربانيون ڪندا هئا، پر هاڻي ڏاڍي ڳولا کان پوءِ به انهن جي ڪا خبر نه ٿي پوي.
انهن کان ڪمن کان واندو ٿي سڪندر راوي ۽ بياس کان واپس لهي جهلم درياءَ جي ڪناري پهتو، واپس آيو ته کيس ٻيڙو تيار مليو، هاڻي خيال ٿيس ته درياءَ جي وهڪري سان ڏکڻ طرف سفر ڪري هندي سمنڊ جي ڪنارن تائين وڃي، ان کانپوءِ اولهه جي ڌرتيءَ جو رخ ڪري، سڀ ماڻهو ٻيڙين ۾ چڙهي ويا ته هو به پنهنجي ٻيڙي ۾ سوار ٿيو ۽ هن جي سوار ٿيندي ئي رواج مطابق پاڻي جي ديوين نالي قرباني ڪئي ويئي. انهيءَ درياهي سفر ۾ اهو به مقصد هو ته واٽ ۾ جيڪي قومون ۽ سلطنتون ملن بهادري ڏيکاري کين انتهائي شڪست ڏني وڃي. هن پاسي جن قومن سندن عظمت ۽ وڏائي جي هاڪار نه ڪئي ۽ نه سندس آڻ مڃي اهي ٻه قومون هيون. هڪ ملي قوم جنهن مان ملتان وارا مراد آهن ۽ ٻيا اُچ جا ماڻهو، ملتان وارا ذات برهمن هئا پر انهيءَ سان گڏ وڏا دلير ۽ ويڙهاڪ هئا. سڪندر چناب درياءَ جي کاٻي پاسي هلڻ شروع ڪيو، ملتان وارن جي ڪيترن ئي شهرن تي قبضو ڪيو ۽ رهواسين بنا رک رکاءُ جي تلوار مان ڪڍيو ويو. اڳيان وڌندي ٻين ماڻهن سان مقابلو ٿيو ۽ انهن جي گهڻن شهرن تي ڏاڍي ويڙهه ٿي. پهريان شهر جي ويجهو پهچندي ئي يونانين ٻيڙين مان لهي حملو ڪيو. شهر جي رهواسين مان گهڻن کي ماريائون،ڪيترائي قيد ڪيائون ۽ قلعي جو گهيرو ڪيائون، برهمڻن پوءِ به همٿ نه هاري ۽ ڏاڍي دليريءَ سان قلعي جي حفاظت ڪرڻ لڳا ۽ پهرين جهڙپ ۾ يونانين کي هٽائي ڇڏيائون. پنهنجي شڪست ڏسي سڪندر کي جوش آيو. پاڻ لشڪر سان وڌيو ۽ اهڙي طرح جنگ ڪيائين جهڙوڪر ڪنهن خطري کان ڊڄي ئي نٿو. هي دلير سومرو جيئن قلعي جي ديوار هيٺان پهتو، ته خود سڪندر پهريون ماڻهو هو جيڪو ڏاڪڻ لڳائي مٿي چڙهيو، پنهنجي سپه سالار جي اها سَرگرمي ڏسي يوناني لشڪر چئني پاسن کان ڏاڪڻيون رکي چڙهيا ۽ مٿي پهچي ويا. برهمڻن جڏهن ڏٺو ته قلعو هٿن مان صفا وڃي ٿو ته يڪدم رت جي راند کيڏڻ لڳا، گهڻن پراڻي رسم مطابق عورتن ۽ ٻارن کي گهرن ۾ واڙي ۽ گهرن کي باهه ڏيئي جيئري ساڙي ڇڏيو، ان کان سواءِ هزارن ماڻهن اهو ڪيو ته حملي آورن جي داخل ٿيندي ئي شهر مان نڪري ريگستان ڏانهن ڀڄي ويا ۽ جهنگلن ۽ ڏکين هنڌن تي وڃي پناهه ورتائون. تمام گهٽ اهڙا ماڻهو هوندا جن فاتح اڳيان ڪنڌ جهڪايو هجي


ڇهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جو شهر اروڙ سنڌ ۾ سڀ کان وڏو ۽ نهايت ئي سڌريل شهر هو. جنهن ۾ عاليشان محل ۽ ماڙيون هئا ۽ سنڌو درياءَ جي ڪناري آباد هو. هن شهر جو راجا هڪ زبردست تاج ڌڻي راجا سهيرس هو، جنهن جي پيءُ جو نالو راءِ سهاسي هو. ملڪيت سان راجا جو خزانو ڀريل هو ۽ سندس عدل ۽ انصاف سبب سندس رعيت مٿانئس عاشق هئي. سندس سلطنت چئني طرفن کان پري پري تائين پکڙيل هئي. اوڀر طرف ڪشمير جي راجا سان سرحدون لڳل هيون، اولهه ۾ مڪران تائين، ڏکڻ ۾ سمنڊ دنگ هو ۽ اتر ۾ جبل ڪيروان ۽ قيقانان هئا.
هن راجا پنهنجي بادشاهيءَ کي چئن صوبن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، جن مان هڪ صوبيدار برهمڻ آباد ۾ رهندو هو ۽ نيرون ڪوٽ جو قلعو، ديبل، لوهاڻا، لاکا ۽ سمان پرڳڻا سندس حصو هئا. ٻئي صوبيدار جو ماڳ سيوهڻ هو، جنهن جي هٿ هيٺ شهرٻڌاپور، جهنڪاڻ، ڪوهستان، روجهاڻ ۽ مڪران جي حدن تائين علائقو هو، ٽيون صوبيدار اسڪلنديءَ جي قلعي ۽ پابيا ۾ رهندو هو. جيڪو تلواريا ۽ چچ جي قلعن نالي مشهور هو. ٻودهه جي ڀرپاسي جي ايراضي هن صوبيدار جي هٿ هيٺ هئي. چوٿين صوبيدار جو قيام ملتان ۾ هو ۽ سڪا، برهمپور، ڪرور، اشهار، کنڀ سندس هٿ هيٺ هئا. ۽ سندس علائقو ڪشمير جي سرحد تائين هو. خود راجا جو مرڪزي شهر اروڙ هو ۽ ڪيروان، قيقانان ۽ نيراس جا شهر پنهنجي نگرانيءَ ۾ رکيائين. پنهنجي شهزادن کي ويڙهه جي فن کان چڱي طرح واقف ڪيائين. ويڙهه لاءِ کين هر وقت تيار رکندو هو ۽ هر قسم جو جنگي سامان، هٿيار ۽ گهوڙا انهن لاءِ تيار هوندا هئا. ڪوشش ڪندو هو ته ديسي ڪاهن ۾ پٽ سکيا خاطر سدائين ۽ ضرور گڏ هجن. کين تاڪيد ڪندو هو ته رعيت کي خوش رکن. ۽ هر هنڌ عاليشان عمارتون ٺهرائيندو هو. بادشاهت ۾ فتني باز ۽ باغي ماڻهو نه هئا، جو جهڳڙا پيدا ٿين ۽ رعيت جي امن امان ۾ خلل پوي، ۽ اهو امن امان ڳچ عرصي کان قائم رهندو آيو هو. پوءِ اوچتو بادشاهه نيمروز جي لشڪر حملو ڪيو ۽ سندس لشڪر فارس کان وڌي مڪران طرف وک وڌائي.
راءِ سهيرس کي دشمن جي ڪاهه جي خبر پئي ته تپي باهه ٿي ويو ۽ تمام بي پرواهيءَ سان فوج وٺي اروڙ کان روانو ٿيو. فوجن ۾ لڙائي ٿي ته ٻنهي پاسن جا جوڌا بهادريءَ سان وڙهيا پر ٻنهي ڌرين ڏاڍو نقصان پرايو. ميدان جو هي رنگ ڏسي ايراني لشڪر سر جو سوس پلي هڪ هڪ ڀرپور حملو ڪيو، جنهن جي سٽ سنڌي سپاهي سهي نه سگهيا. ۽ ڀڄي نڪتا، پر خود راءِ سهيرس دشمن جي سامهون ميدان ۾ بيهي بهادريءَ ڏيکاريندو رهيو، ويڙهه صبح کان شروع ٿي هئي ۽ هاڻي ٻنپهرن جو ٽاڻو هو. اوچتو تير موت جي پرواني وانگر راجا جي نڙيءَ مان پار ٿي ويو. سندس ڪرندي ئي باقي لشڪر پريشان ٿي ڀڳو ۽ ايرانين اهڙو پيڇو ڪيو جو رات تائين سنڌي لشڪرن کي ڳولي ڳولي ماريندا رهيا.
ايران جو بادشاهه ڪاميابي ۽ فتح مندي حاصل ڪري پنهنجي علائقي نيمروز ڏانهن واپس ويو ۽ هارائيندڙ سنڌي لڇندا هن قيامت جهڙي واقعي جي خبر کڻي شهر اروڙ ۾ داخل ٿيا. بادشاهه کين اهڙو پيارو هو جو هر پاسي ڏک جي لهر ڇائنجي ويئي. جڏهن روئڻ پٽڻ؛ کان واندا ٿيا ته وزيرن ۽ اميرن ويهي راجا جي پٽ راءِ سهاسي کي ڏاڏاڻي گاديءَ تي ويهاريو. بادشاهي رسم تاج پوشي سان گڏ خوشي جا بگل وڄڻ لڳا ۽ هر پاسي خوشي ئي خوشي پکڙجي ويئي. راءِ سهاسي تخت تي ويهڻ کان هڪ سال پوءِ سنڌ جي سنڌ جي سير تي نڪتو. کيس جتي به ڪو باغي ۽ سرڪش مليو ته سندس ڳاٽو ڀڳائين ۽ هر پاسي کان اطمينان ڪري اروڙ واپس پهتو. راءِ سهاسيءَ جي ساٿين مان رام نالي هڪ شخص هو، جيڪو وڏو هوشيار ۽ ڏاهو هو. سندس مرتبي ۽ ڏاهپ جو اثر بادشاهه جي سڄي حڪومت تي هو ۽ درٻار ۾ هو ايتري قدر ڇانيل هو جو سندس مرضيءَ کان سواءِ ڪو به ماڻهو نه راجا جي ملازمت ۾ داخل ٿي سگهندو هو ۽ نه سندس منظوريءَ کان سواءِ هٽايو ويندو هو. مطلب ته وزيراعظم ۽ چيف سيڪريٽريءَ جو اختيار سندس هٿ هيٺ هو. راءِ سهاسي کي هن جي قابليت تي ايترو ڀروسو هو جو هن جي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ تي ڪو به شڪ شبهو نه ڪندو هو. سندس ذهني سجاڳيءَ تي ڀروسو ڪري راجا سدائي محفلن ۾ مست رهندو هو ۽ جڏهن ڪو اهم معاملو ڪر کڻندو هو ته سجاڳ ذهن وزير رام، محل ۾ حاضر ٿي صلاح ڏيندو هو ۽ پوءِ احڪام جاري ٿيندا هئا.
وزير رام هڪ ڏينهن درٻار هلائي رهيو هو. وڏا وڏا لائق ۽ چڱا مڙس اڳيان ادب سان ويٺا هئا ته هڪ تمام سهڻو ڇوڪرو درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ ڪجهه گهڙين ۾ هن فصاحت، بلاغت ۽ ذهني ڪاريگري جو اهڙو جوهر ڏيکاريو جو سڀني ويٺلن واهه واهه ڪئي. خود رام به هن جي ڪاريگريءَ تي فدا ٿي ويو ۽ سندس نالو پڇيائين. هن چيو ته آئون سيلاج پنڊت جو پٽ آهيان ۽ منهنجو نالو چچ اهي. هن جو پيءُ سيلاج وقت جي مشهور پنڊتن مان هڪ هو. ۽ اڪثر سنڌ وارا هن جي فضل ۽ ڪمال جا مڃيندڙ هئا. مطلب ته رام، چچ کي پنهنجي صحبت ۾ رکي ڇڏيو. هن جي ڏاهپ آهر کيس هڪ وڏي عهدي تي مقرر ڪيائين ۽ سندس ڏاهپ جي ڳالهين مان پرائيندو رهيو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ چچ رام جو نائب ۽ سيڪريٽري ٿي ويو.
چچ جي دلعزيزي ٿورن ڏينهن ۾ اتي وڃي پهتي جو سڄي ملڪ ۾ سڀئي ماڻهو مٿس مرڻ لڳا ۽ گويا رام وزير جو نالو ئي سندن دلين تان مٽجي ويو. ائين ئي چچ جو مرتبو ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو جو  اوچتو رام وزير ناچاڪ ٿي پيو ۽ هن جي بستري داخل هجڻ وقت ديبل کان ڪو ضروري خط آيو، جيئن ته وزير ڪم ڪرڻ جهڙو نه هو، ان ڪري اها چٺي خود راجا جي ڏسڻ لاءِ اڳيان رکي ويئي. راجا معمول موجب ڪنهن خوشيءَ جي محفل ۾ هو. ان خوشيءَ جي محفل کي ڇڏي اچڻ بار سمجهيائين ۽ حڪم ڏنائين ته چچ حاضر ٿئي. مان کيس فرمان لکائيندس، ۽ راڻيءَ کي پردي ۾ وڃڻ جو اشارو ڪيائين. راڻيءَ چيو ته ”چچ هڪ برهمڻ آهي هن کان ڪهڙو پردو“ چچ جي ساک هن جي دل ۾ ايتري هئي جو راجا سندس راءِ مڃي ورتي. ۽ چچ اجازت ملندي ئي راڻيءَ اڳيان اچي ادب سان بيهي رهيو. انهيءَ پهرين دفعي تي هن راجا جي حڪمن جي بجا آوري اهڙي ادب ۽ نوڙت سان ڪئي جو راجا ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس لونگي  اوڍائي روانو ڪيائين ۽ ڇوٽ ڇڏي ڏنائين ته کيس جڏهن به ضرورت پوي بنا جهل پل محل ۾ ايندو رهي.
هاڻي راڻيءَ اڳيان هو اچڻ وڃڻ لڳو ته هن جي شڪل ۽ چرپر جو اهو ئي جادو، جنهن پهريائين وزير رام ۽ خود راجا پر سڄي رعيت تي اثر ڪيو هو. راڻيءَ جي دل تي به اثر ڪيو. راڻي دل ئي دل ۾ هن تي عاشق ٿي پئي ۽ لڪ ۾ نياپو موڪلي ناجائز لاڳاپن جو اظهار ڪيائين. پر چچ چوائي موڪليس ته آئون برهمڻ آهيان ۽ برهمڻ کان اهڙي ڪا به غلطي نه ٿي سگهندي. انهيءَ ناڪار راڻيءَ جي عشق ۾ باهه تي تيل جو ڪم ڪيو ۽ هوءَ ڪيترن ئي ڏينهن تائين جدائيءَ جي باهه ۾ سڙندي ۽ ڦٿڪندي رهي. ايستائين جو راجا ساهسي بيمار ٿي پيو. وڏا وڌڏا حڪيم ۽ طبيب گڏ ٿيا پر سڀئي علاج مان مايوس ٿيا. جڏهن راجا جي حالت ويتر خراب ٿي ته راڻيءَ چچ کي اندر گهرايو ۽ چيو ته هاڻي راجا جا آخري پساهه آهن، جيڪڏهن  تون دلاسو ڏين ته منهنجي خواهش پوري ٿيندي ته تنهنجي لاءِ بادشاهي تخت جي ڪوشش ڪريان. ۽ اهو ئي منهنجي ۽ تنهنجي تعلق جو فيصلو آهي.“
چچ جي قدمن انهيءَ موقعي تي ٿيڙ کاڌو پر جلد ئي پاڻ سنڀالي منظور ڪيائين ۽ اتي ئي راڻيءَ پڙهو ڏياريو ته ”سڀاڻي مهاراجا درٻار ڪندو.“ ۽ انهيءَ وقت راجا جي منڊي هٿ مان لاهي چچ کي هٿ ۾ پارايائين ۽ پوءِ راجا کي محل اندر هڪ ڪمري ۾ لڪائي ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن درٻار جي مقرر وقت تي جڏهن وزير وڙا حاضر ٿيا ته راڻيءَ درٻار وارن کي اطلاع ڏنو ته مهاراج ڪمزوريءَ سبب ٻاهر نٿو اچي سگهي ۽ حڪم ڪيو اٿس ته مون چچ کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو آهي، جنهن کي نشاني طور پنهنجي منڊي ڏني آهي. انهيءَ حڪم کي سڀني درٻار وارن بنا ڪنهن اعتراض جي تسليم ڪيو ۽ چچ اڳيان ڪنڌ جهڪايائون. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ راجا پساهه پورا ڪيا. پر راڻيءَ اڳ ئي انهيءَ خبر کي لڪائي چچ کي گهرائي چيو ”هاڻي اوهان ڇا ٿا چئو؟ وقت اچي ويو جو مون کي جدائيءَ جي عذاب کان ڇوٽڪارو ملي.“ چچ چيو ”جيڪا اوهان جي مرضي هجي مون کي ڪنهن به حڪم مڃڻ ۾ بهانو ناهي.“ راڻيءَ چيو راجا جو ڪو اولاد ته آهي ڪو نه، ها، عزيز قريب آهن، جيڪي پنهنجون مٽيون مائٽيون پيش ڪري تخت ۽ تاج جا دعويدار ٿيندا. انهيءَ جي تدبير آئون ڏاڍي سولائيءَ سان ڪريان ٿي.“ اهو چئي راڻيءَ پنجاهه رسا ۽ هٿ ڪڙيون گهرائي محل ۾ مختلف ڪوٺين ۾ اهڙي طرح ورهائي رکيون جو هر ڪوٺي ۾ هڪ جوڙو اچي، ان کان پوءِ بادشاهه جي هڪ هڪ مائٽ کي چوبدار موڪلي گهرايائين ته ”مهاراجا اوهان کي آخري وصيت لاءِ گهرايو آهي.“ اهڙيءَ طرح شاهي خاندان جو هر ميمبر اها اميد دل ۾ کڻي آيو ته آئون ئي جانشين مقرر ٿيندس، پر هتي ايندي ئي هڪ هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ ٻڌي سڀئي سوگها ڪيا ويا اهڙي طرح ماٺ ميٺ ۾ راجا جا پنجاهه ئي مائٽ جيڪي سرنديءَ وارا هئا گرفتار ڪيا ويا. هاڻي فقط پري جا مڙئي عام ماڻهو وڃي بچيا، جيڪي غريب ۽ گهٽ طاقت رکندڙ هئا ۽ دولت مند ڀائرن سان حسد رکندا هئا. راڻيءَ انهن سڀن کي گهرائي چيو ته توهان جا سڀ دشمن گرفتار ڪيا ويا آهن  ۽ اوهان کي وقت ۽ اختيار ڏنو وڃي ٿو ته وڃي سندن گهر ڦريو. اهي ته اڳ ئي تيار ويٺا هئا. سو راڻيءَ جو اشارو ملندي ئي جهليل بادشاهي مائٽن جي گهرن ۾ ڪاهي پيا ۽ جيستائين کانئن پڄي سگهيو ڦريائون. اهڙي حالت ۾ جڏهن ڦرلٽ متل هئي راجا جو لاش ساڙيو ويو ۽ پوءِ چچ تخت تي ويهي رهيو. هن جي تخت نشينيءَ جو سال مختلف واقعن جي حساب سان ساڳيو ئي ٻڌايو ويو آهي جنهن سال حضرت سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم مڪي مان هجرت ڪري مديني آيا ۽ هجري سن شروع ٿيو.
تخت تي ويهندي ئي هن سڀ کان پهرين راڻيءَ سونهن جي ديوي سان شادي ڪئي، پوءِ راجا جا خزانا کولي فوج کي انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيائين ۽ سڀني کي پنهنجو ڪيائين.
اها خبر مشهور ٿي ته شهر جئپور جو راجا مهرت جنهن کي راءِ ساهسيءَ سان ويجهڙائي هئي، وارثيءَ جو دعويدار ٿيو آهي. راجا مهرت هڪ وڏي فوج سان لشڪر چارهي آيو ۽ جيسلمير ۾ پهچي راءِ چچ کي لکيائين ”تون ذات جو برهمڻ آهين بادشاهي سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ جنگي مهمن ۾ بيهڻ تنهنجو ڪم ناهي ۽ ان ڪري آئون تو کي صلاح ڏيان ٿو ته لڙائي کان بچ ۽ ڪنڊ پاسي ويهي پنهنجي ذاتي ڪمن سان لڳي وڃ.“ چچ اهو خط کڻي وڃي راڻيءَ سونهن جي ديويءَ جي اڳيان رکيو ۽ چيائين ته ”هاڻي ٻڌاءِ ته هن جو ڇا ڪجي“ راڻيءَ وراڻيس ته ” ان جو حل عورتن وٽ ناهي تو کان جيڪڏهن سچي پچي مقابلو نٿو ٿئي ته منهنجي چني تون ڍڪ ۽ پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي ته آءٌ مرد ٿي نڪران ۽ دشمن سان مقابلو ڪريان.“ پنهنجي اهڙن طعنن تي راءِ چچ کي پگهرجندو ڏسي راڻيءَ کيس سمجهايو ۽ سندس همٿ وڌائڻ شروع ڪئي ته ” هاڻي تو وٽ تمام گهڻي دولت موجود آهي، انهيءَ کي ڪڍ ۽ ماڻهن کي ڏي تو کان هي سخاوت ظاهر ٿيندي ته سڀئي ماڻهو تنهنجا خير خواهه ۽ قربان ٿيندڙ بڻبا.“ راڻيءَ جي انهيءَ مشوري مطابق چچ فوج جي اڳواڻن کي گهرائي پئسا ڏنا ته سڀئي آفيسر ۽ سپاهي سندس جهنڊي هيٺ وڙهڻ ۽ جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اهڙيءَ طرح فوج گڏي راءِ چچ دشمن سان مقابلي لاءِ روانو ٿيو. اروڙ جي ڀرپاسي ۾ جڏهن ٻنهي لشڪرن جو مکاميل ٿيو ته راجا مهرت سنيهو اماڻيو ته خدا جي مخلوق مارائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ آئون ۽ تون ميدان ۾ نڪري وڙهون، جيڪو پنهنجي مخالف کي ماري وجهي اهو ئي راجا ٿئي.“ چچ ڦڪائيءَ مان اها راءِ قبول ڪئي ۽ سر تان آسرو لاهي پيادل جنگ جي ميدان ۾ لهي آيو. هوڏانهن راجا مهرت به پيرين پيادو پنهنجي صفن مان نڪري آيو. پر چچ پنهنجي هڪ نوڪر کي وڃڻ وقت اشارو ڏيئي ويو هو ته آهستي آهستي منهنجو گهوڙو وٺي مون وٽ اچ.
هاڻي ٻئي بادشاهه فوجن کان وٿيرا هئا ۽ وڙهڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا ته چچ جو گهوڙو اچي پهتو. گهوڙي جي ايندي ئي يڪدم ڦڙتيءَ سان گهوڙي جي پٺيءَ تي سوار ٿيو ۽ تيزيءَ سان راجا مهرت تي تلوار سان اهڙو ڀرپور وار ڪيائين جو هڪ ئي ڌڪ سان هن جو ڪم پورو ٿي ويو. راجا مهرت جي فوج وٺي ڀڳي، چچ پويان لڳو ۽ دشمن جا ڪيترائي ماڻهو ماريائين. هن فتح کان پوءِ اروڙ ۾ ڏاڍيون خوشيون ملهايون ويون. بازار کي سينگاريو ويو ۽ هر پاسي کان مبارڪون ۽ سلامتيءَ جا نعرا گونجڻ لڳا.
ان کان پوءِ راجا چچ پنهنجي ڀاءُ چندر کي هڪ فرمان ذريعي گاديءَ جي هنڌ اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيو. پوءِ انهيءَ عنوان جو هڪ ٻيو فرمان جاري ڪيائين ته منهنجو ڀاءُ چندر نائب آهي. هن جو وزير ۽ مشير ٻوڌيمن هو، جنهن کان هو ڪيترائي حڪمرانيءَ ۽ دنياداريءَ جا طريقا سکي ملڪ جي اصل صورتحال معلوم ڪئي. ٻوڌيمن ڪنڌ جهڪائي عرض ڪيو ”الله مهاراج کي سدائين زندهه سلامت رکي ۽ سڀئي اڳواڻ سندن فرمانبردار رهن، هي ملڪ سدائين هڪ وڏي بادشاهيءَ جي حيثيت رکندو آيو آهي، ان وقت به جڏهن دوائج جو پٽ سهيرس جي قبضي ۾ هو ۽ هن وقت به جڏهن ايرانين کان شڪست کائڻ بعد راجا ساهسي تخت نشين ٿيو آهي.“ چچ وزير ٻوڌيمن جي زباني اهي ادب وارا لفظ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. سندس ڏاهپ جي واکاڻ ڪيائين. پوءِ هر پاسي فوج گڏ ڪرڻ لاءِ فرمان جاري ڪيائين. مختلف هنڌن تان گورنرن کان سهارو گهريائين ۽ هڪ بهادر فوج تيار ڪري مشهور ڪيائين ته آئون هندوستان جي انهيءَ سرحد تائين ويندس جتي ترڪن جي سرحد ملي ٿي. نجومي پنڊتن چڱي مهل مقرر ڪئي ۽ انهيءَ مهل هو فوج کي پنهنجي جهنڊي هيٺ وٺي گاديءَ واري هنڌ کان روانو ٿيو. ڪيتريون منزلون طئي ڪري پابيا جي قلعدار ٻاهر نڪري مقابلو ڪيو. ويڙهه ۾ جڏهن ڏاڍي خونريزي ٿي گذري ته هن ڀڄي وڃي قلعي ۾ پناهه ورتي. انهيءَ فتح کان پوءِ راءِ چچ ڪجهه ڏينهن تائين جنگ جي ميدان ۾ خيما کوڙي ويٺو رهيو ۽ قلعي جو ڏاڍي سختيءَ سان گهيرو ڪيائين. گهيريلن کي جڏهن ڏاڍي سختيءَ سان منهن ڏيڻو پيو ۽ وٽن ڪجهه کاڌي پيتي لاءِ نه بچيو ته پوءِ هڪ رات جو جڏهن هر پاسي اوندهه ڇانيل هئي ته هن قلعو ڇڏي ڀڄي وڃي اسلڪنده جي قلعي ۾ جان بچائي.
اسڪلنده جو قلعو پابيا جي قلعي کان وڌيڪ مضبوط هو، جڏهن چچ جي جاسوسن اطلاع ڏنو ته دشمن اسڪلده جي قلعي ۾ آهن ته هو هڪ نائب کي پابيا ۾ ڇڏي پاڻ روانو ٿيو ۽ اسڪلنده جي سامهون ميدان م خيما کوڙيائين. هن قلعي ۾ هڪ شخص هلندي پڄنديءَ وارو هو جنهن کي قلعي جا معزز پنهنجو اڳواڻ مڃيندا هئا. چچ انهيءَ کي اطلاع ڏنو ته جيڪڏهن تو پابيا جي راجا جيتراءِ کي گرفتار ڪرين يا ماري ڇڏين ته آءُ توکي اسڪلنده جو حاڪم تسليم ڪندس ۽ پابيا جو قلعو به تنهنجي قبضي ۾ ڏنو ويندو. گڏ ئي اهڙو هڪ فرمان لشڪر ۾ به جاري ڪيائين. همراهه انهيءَ لالچ ۾ اچي راضي ٿي ويو ۽ ضمانت طور پنهنجي پٽ کي راءِ چچ جي خدمت ۾ موڪليائين، ۽ پاڻ راجا چيتراءِ جي درٻار ۾ وڃي اهڙيون چاپلوسيءَ جون ڳالهيون ڪيائين جو هن جو ڀروسي جوڳو ٿي ويو ۽ وٽس اڪيلائيءَ ۾ بنا جهل پل جي اچڻ وڃڻ لڳو، نيٺ هڪ ڏينهن موقعو ڏسي بي ڌڙڪ کيس ماري ۽ ڪنڌ لاهي راءِ چچ کي ڏياري موڪليائين. انهيءَ خدمت عيوض راءِ چچ هن جي ڏاڍي عزت ڪئي. ساڻس قرب ۽ مهربانيءَ سان پيش آيو. انعامن اڪرامن سان نوازيائين ۽ کيس قلعي جو حڪم مقرر ڪيائين.
انهن مهربانين جو نتيجو هو جو ڪڏهن به سڄي حياتي خود سري نه ڪئي. اسڪلنده واري مهم ختم ڪري راءِ چچ سڪا ۽ ملتان ڏانهن وڌيو. هتي هڪ سردار هو جيڪو راجا ساهسيءَ جي مائٽن مان هو، هي ماڻهو وڏي بادشاهيءَ تي قابض هو ۽ هن جي طاقت ۽ قابليت به ڪنهن کان گهٽ نه هئي. جڏهن انهيءَ کي راءِ چچ جي حملي جي خبر پئي ته وڌي اڳيان آيو. ۽ رواي ندي جي ڪناري تي اچي خيما کوڙيائين. هن جو ڀائٽيو سوهيول سڪا جي قلعي تي خودمختيار هو، جيڪو ملتان کان اوڀر طرف هو. اهو ئي سوهيول هڪ وڏو لشڪر وٺي راءِ چچ جي مقابلي لاءِ آيو. هيڏانهن راءِ چچ درياءَ بياس جي ڪناري تي هڪ اهڙي هنڌ جتي گرمين ۾ درياءُ پائيندڙ هوندو هو اتي لٿو ۽ ٽن مهينن تائين درياءَ جي چاڙهه جي انتظار ۾ رهيو، جڏهن وقت آيو ته درياءَ پار ڪري سڪا جي قلعي تائين پهتو ۽ سوهيول سان جنگ جوٽيائين. چچ جي بخت سوهيول کي شڪست ڏني ته قلعي اندر پناهگير ٿي ويو ۽ چچ جي فوج گهيرو ڪيو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ گهيري ۾ آيلن دل نه جهلي نيٺ سوهيول هن قلعي کي ڇڏي نڪري ويو. ۽ وڃي ملتان ۾ پناهه ورتائين. ان کان پوءِ راءِ چچ ڪيترائي ماڻهو قيد ڪري ٻانها ۽ غلام بڻايائين. پوءِ ملتان پهچي اهي سڀ ماڻهو راويءَ ڪناري گڏ ٿيا ۽ جنگ لاءِ تياري ڪيائون. (انهن ڏينهن ۾ راوي ملتان جي ڀر مان وهندي هئي) چچ علاؤُ الدوله کي سڪي قلعي جو سردار مقرر ڪيو ۽ پاڻ ملتان طرف روانو ٿيو. ملتان ۾ جيتوڻيڪ بجيراءِ زبردست لشڪر ۽ هاٿين جون قطارون ساڻ وٺي مقابلو ڪيو، پر انهيءَ ۾ هو ڇا ڪري پئي سگهيو جو چچ جي ڀاڳ جو ستارو اڀريل هو. انجام اهو ئي ٿيو ته هو شڪست کائي قلعي ۾ گهيرجي ويو. پر گهيري باوجود ڪشمير جي راجا کي خط لکيائين ته ”هڪ برهمڻ اروڙ تي قابض ٿي سنڌ جي بادشاهيءَ جو ڌڻي ٿي پيو آهي. مون ۾ مقابلي جي مڙسي ناهي ۽ ڪو ٻيو سردار اڄ تائين سامهون ٿي سگهيو آهي. هاڻي انهيءَ برهمڻ چچ اچي ملتان جو گهيرو ڪيو آهي، تنهن ڪري اوهان ئي ڪا واهر ڪريو ته هي مصيبت ٽري نه ته خير ڪونهي.“ بجيراءِ جي بدنصيبي،  جو انهن ڏينهن ۾ ڪشمير جو راجا هن پار جو سفر شروع ڪري چڪو هو. نابالغ ٻار سندس تخت تي ويهاريو ويو هو ۽ باغي ۽ سرڪش هر پاسي کان للڪارون ڪري رهيا هئا. هي خط جڏهن پهتو ته اميرن وزيرن گڏجي اها راءِ ڏني ته ”هن وقت جڏهن خود اسان کي پنهنجي سر جي لڳي آهي اسان ڪنهن جي به مدد نٿا ڪري سگهون.“
اهڙو خط جڏهن ڪشمير جي درٻار مان بجيراءِ کي مليو ته مايوس ٿي هن چچ کي پيغام موڪليو ته ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي همراهن ۽ ساٿين سوڌو هتان نڪري وڃان، ايستائين جو ڪو محفوظ مقام ملي ۽ آءٌ نه ڇيڙيو وڃان ته، قلعو خالي ڪرڻ لاءِ راضي آهيان.“ چچ انهيءَ درخواست کي قبول ڪيو. بجيراءِ پنهنجي ساٿين کي وٺي هليو ويو ۽ چچ ڪاميابيءَ سان ملتان ۾ داخل ٿيو. اهو صوبو بعد ۾ بادشاهت ۾ داخل ٿيو. چچ مندرن ۾ وڃي ديوتائن جي اڳيان ڪنڌ نمايو. نذرانو ڏنائين ۽ هڪ ٺاڪر کي شهر جو اڳواڻ مقرر ڪري اڳتي وڌڻ جون تياريون شروع ڪيائين. بجيراءِ جي هارائڻ ۽ ملتان جي فتح ٿيڻ سان چچ جو اهڙو ڌاڪو ويهي رهيو جو باغين جا حوصلا خطا ٿي ويا. برهماپور، ڪرور ۽ اشاهار جي حاڪمن سندس آڻ مڃي. هاڻي هو اڳتي ڪمبا ۽ ڪشمير جي حدن ڏانهن وڌيو. رستي ۾ ڪنهن راجا ڪا به اڏي ڪاٺي نه ڏني. جتي پهتو ماڻهو فرمانبردار ۽ تابعدار ٿيا. آخر ويندي شاڪلها جي قلعي تي پهتو جيڪو ڪمبا جي نالي سان مشهور هو ۽ هندوستان جي سرحد تي هو. هتي هڪ مهيني تائين ديرو ڄمائي ويٺو رهيو. آس پاس جي ڪجهه سردارن کي بدخواهيءَ ۽ سرڪشيءَ جي ڏوهه جون سزائون ڏنائين ۽ پنهنجي جهنڊي هيٺ هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪيائين. پوءِ انهيءَ علائقي جي سردارن ۽ قومي اڳواڻن سان ٺاهه ڪري پنهنجي بادشاهيءَ جا بنياد مضبوط ڪيائين ۽ هڪ چشمي جي ڪناري جيڪو پنجاب سڏبو هو. پنهنجا بادشاهي ۽ ڪشمير جي حڪومت جي وچ ۾ سرحد قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻه وڏا وڻ هڻايا ۽ تيستائين اتي ترسي پيو جيستائين ٻئي وڻ وڌي وڏا ٿيا.
ڪشمير پاسي پنهنجي سرحد قائم ڪري چچ گاديءَ واري شهر اروڙ واپس آيو. سفر جي ٿڪ لاهڻ لاءِ هڪ سال اتيئي رهي پيو. انهيءَ زماني ۾ فوج ۽ سامان به گهڻو آندو ويو هو. گهر جي سهولتن مان پورو لطف وٺڻ بعد وري سندس بهادريءَ هرکر پيدا ڪئي. وزير تي اهو سبب ظاهر ڪيائين ته ڪشمير پاسي ته سرحد تائين پورو انتطام ٿي ويو ۽ ڪنهن کي سرڪشيءَ ۽ خودسريءَ جي مجال ناهي. هاڻي منهنجو ارادو آهي ته اولهه ۽ ڏکڻ طرف ڌيان ڏجي. وزير بادشاهه جي وڏي حوصلي ۽ تياريءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”بيشڪ هتي جا ماڻهو چوندا هوندا ته راءِ سهاسي جي زماني کان وٺي اڄ تائين اهڙي لاپرواهي آهي جو ڪنهن به اسان کان ڏن ناهي ورتو.“ مطلب ته وزير کان مشورو ملندي ئي هو سيوهڻ ۽ ٻڌاپور جي قلعن طرف روانو ٿيو. سيوهڻ ۾ مٽي نالي هڪ حاڪم هو. چچ سنڌو درياءَ مان لهي ٻڌيا ڏانهن روانو ٿيو، جتي جو حاڪم ڀندرگو ڀاگو نالي ڪنهن ناليواري شخص جو پوٽو هو ۽ شهر نانا راج سندس حڪومت جي رهڻ جو هنڌ هو. جنهن کي اتي جا رهاڪو سويس چوندا هئا. چچ سويس جي قلعي تي حملو ڪري قبضو ڪيو ۽ اتي جي بادشاهه جي طرفان ڪاڪا جو پٽ ڪبو خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ معافي ورتائين. انهن ماڻهن ڏن ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ راءِ چچ جي آڻ مڃي. اها مهم پوري ڪري راءِ چچ سيوهڻ پهتو. سردار مٽو ڊڄندي مقابلي لاءِ نڪتو. وڙهيو هار کائي ڀڳو ۽ قلعي ۾ وڃي لڪيو. چچ گهيرو ڪيو ته قلعي وارن جون هڪ ئي هفتي اندر وايون بتال ٿي ويون ۽ پناهه لاءِ نيزاريون ڪرڻ لڳا. نيٺ آڻ مڃڻ ۽ قلعو حوالي ڪرڻ جو شرط طئي ٿيو. ۽ قلعي وارا قلعي جون چاٻيون چچ جي آفيسرن کي هٿ ۾ ڏيئي هليا ويا. پناهه ۾ اچڻ کان پوءِ راءِ چچ ساڻس مهربانيءَ سان پيش آيو ۽ کيس هتي جو بادشاهه مقرر ڪيائين ۽ پنهنجي هڪ آفيسر کي به سندس نگرانيءَ تي مقرر ڪيائين.
انهيءَ مهم جي ختم ٿيڻ بعد هن برهمڻ آباد جي بادشاهه اگهم لوهاڻي ڏي ڌيان ڏنو. اتفاق سان فوجين هڪ قاصد کي جهلي وڌو جيڪو اگهم جو خط کڻي سيوهڻ جي واليءَ مٽيءَ ڏانهن وڃي رهيو هو. جنهن ۾ انهيءَ راجا کي تسليم ڪري ٻڌيءَ جا تعلقات وڌائي مضبوط ڪرڻ جو وچن ٿيل هو ۽ کيس آڇ ڪئي هئائين ته اسان جي جوءِ ۾ اوهان جتي گهرو رهي سگهو ٿا. ۽ خط جي آخر مان معلوم ٿئي ٿو ته اگهم پنهنجو پاڻ کي بنيادي بادشاهه ۽ مستقل راجا تصور ڪندو هو. ان جي انهيءَ خط مان مٽو ته ڪو به فائدو حاصل ڪري نه سگهيو پر هو انهيءَ تي ڌرتيءَ کي دعائون ڏيئي هندوستان هڪ بادشاهه جي درٻار ۾ هليو ويو. جنهن جو نالو ڀٽي هو. پر اهو خط ڏسندي ئي راءِ چچ اگهم لوهاڻي کي خط لکيو ته ”اوهان پنهنجي رتبي، ٻانهن جي ٻل ۽ خانداني بڻ جي آڌار تي بادشاهيءَ جي هام هنئي آهي. مون کي هن بادشاهي ڌن دولت، عزت ۽ طاقت وڏن جي ورثي مان نه پر خدا جي مهربانيءَ سان ملي آهي. انهيءَ سيلائج تي ڪرم ڪيو ۽ مون کي دولت ۽ دٻدٻو عطا ڪيائين. ان ڪري آئون سڀني لڙاين ۾ ڪامياب ٿيس ۽ دشمنن تي سوڀارو ٿيس. پر تو کي جيتوڻيڪ خدا کانسواءِ پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي طاقت تي ڀروسو آهي تنهن ڪري انهن سڀني شين کي وڃائي ويهندين ۽ انهيءَ بنياد تي آءٌ تو کي قتل ڪرڻ جائز سمجهان ٿو.“
اڳ ۾ اهو خط موڪليائين ۽ پوءِ پاڻ روانو ٿيو. برهمڻ آباد ويجهو جنگ لڳي ۽ ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ بعد اگهم لوهاڻي جي فوج پوئتي هٽڻ لڳي. تڏهن هن ڀڄي برهمڻ آباد ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ چچ کيس هڪ سال تائين گهيري ويٺو رهيو. گهيري ۾ هوندي اگهم هندوستان جي راهستبان کان جيڪو راسل جو پٽ هو مدد گهري، پر انهيءَ خط جي موٽ اچڻ کان پوهرين اگهم مري ويو.
ٽن ڏينهن ۾ ٻڌ نو وهار نالي شهر ۾ ٻڌ مذهب جو هڪ عاليشان مندر هو. جنهن ۾ ٻوڌي ڪنوهار هڪ وڏو راهب ۽ صوفي هو جيڪو ٻڌ ڌرم جو پوئلڳ هو، هي شخص وڏو صوفي هو. آسپاس جي ماڻهن ۾ مشهور هو، ۽ ماڻهو هن جي زيارت ۽ حڪم تي هلڻ کي ثواب سمجهندا هئا.
اهو ئي راهب اگم لهاڻي جو گرو هو، اگهم لهاڻو جڏهن برهمڻ آباد جي قلعي ۾ گهيري هيٺ هو ته انهيءَ پنڊت ان جي لاءِ ورد شروع ڪيو ۽ پنهنجي عمل سان ڪم وٺڻ لڳو، پر انهيءَ دؤران جڏهن اگهم مري ويو ۽ سندس پٽ هن جو جانشين ٿيو ته انهيءَ صوفي راهب کي ڏاڍو ڏک رسيو. ۽ انهيءَ ڏک سان گڏ هن جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته لڳي ٿو ته الله ئي راءِ چچ جي مدد ۾ آهي. پوءِ پنهنجي لقائن کان ڪم ڪرتائين ته يقين ٿي ويس ته بيشڪ سڄي ملڪ ۽ دولت تي راءِ چچ قابض ٿي ويندو. اميدن جي ابتڙ نتيجي مان مايوس ٿي، هو هاڻي خاموش رهيو. انهيءَ خاموشيءَ اختيار ڪرڻ بعد مري ويل راجا جو پٽ هارائي ويو، ڇو ته سموري فوج ويڙهه تان هٿ کڻي چڪي هئي ۽ برهمڻ آباد جي برجن تي چچ جو جهنڊو جهولڻ لڳو.
راءِ چچ کي گهيري هلندي جڏهن اها خبر پئي ته هن پنڊت اگهم ۽ سندس پٽ جي حمايت ڪئي آهي ۽ هي لڙائي انهيءَ جي عملن ۽ ان جي روحاني حمايتن سان هڪ سال تائين قائم رهي. تڏهن قسم کاڌائين ته قلعي تي قبضو ڪندي ئي انهيءَ راهب کي گرفتار ڪندس ۽ ان جي ابتي کل لاهيندس، ايتري قدر نه پر انهيءَ جي کل جا طبلا جوڙائيندس ۽ لاش جا ڳڀا ڳڀا ڪيا ويندا. چچ جو اهو وچن ٻڌي انهيءَ صوفي راهب کلي ڏنو ۽ چيو ”اها ڳالهه ته هن جي وس کان ٻاهر آهي.“ بهرحال چچ برهمڻ آباد کي فتح ڪري هارايل ڌر سان چڱائي ۽ بهتريءَ جو ورتاءُ ڪيو. اگهم جو پٽ سريند پنهنجي سڀني ساٿين سان گڏ سندس خدمت ۾ پيش پيو ۽ چچ کيس اتي ئي رهڻ جي اجازت ڏني. ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ سريند جي ماءُ کي پنهنجي حرم ۾ داخل ڪيائين ۽ پنهنجي ڀائٽي جي نياڻي ڌرسيا، سريند سان چونريءَ چڙهي ۽ هن خود سريند کي وڏن جيان رنگ برنگي ڪپڙا پارائي گهوٽ ڪيو، پوءِ هڪ سال تائين خاموشيءَ سان انهيءَ شهر ۾ رهي پيو ۽ ڏي وٺ جي انتظامن ۾ مصروف رهيو. ايترا ڏينهن ڄاڻي ٻجهي وسري ويل بابت ماڻهن کان پڇيائين ته اهو وڏو منتر پڙهڻ وارو پنڊت ڪٿي آهي؟ شهر جي رئيس ٻڌايو ته هو نوپوهار جي مندر جو ٻائو آهي، ۽ اتي جي سڀني راهبن ۽ پوڄا پاٺ ڪندڙن جو گرو آهي، انهن ماڻهن کي غالباً راءِ چچ جو مقصد به معلوم ٿي ويو هو، تنهن ڪري هنن انهيءَ ٻائي جي بزرگي ۽ وڏائي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به بيان ڪيون جيڪي انهيءَ زماني جي هڪ ديندار راجا جي ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي هيون. جيتوڻيڪ هنن اهو به چٽو ڪيو ته ان جي منترن جو زور ايتري قدر وڌيل آهي جو سڄي دنيا کي پنهنجو مڃيندڙ ۽ تابعدار ٺاهيو ويٺو آهي، پنهنجي سڀني ضروري حاجتن کي فقط منترن ذريعي حاصل ڪري وٺندو آهي، پر چچ جي دل تي انهن ڳالهين جو ذرو به اثر نه ٿيو. هن ظاهر ۾ ته پنهنجي ارادي کي لڪايو پر دل ۾ پنهنجي قسم کي پوري ڪرڻ جو پهه ڪيائين. هڪ ڏينهن ڪجهه خاص ۽ اعتبار جوڳن نوجوانن سان گڏ گهوڙي تي سوار ٿي ٻڌ ڪنوهار ڏانهن روانو ٿيو ته پنهنجي هٿياربند جوانن کي سيکاري ڇڏيائين ته آءٌ تپسيا ڪندڙ برهمڻ سان ملندس، ان سان ملي ۽ ڳالهيون ڪري جڏهن اٿي بيهان، ۽ اوهان ڏانهن اکيون کڻي ڏسان ته توهان يڪدم تلوارون اڀيو ڪري ختم ڪجوس ۽ بنا جهل انهيءَ جو ڪنڌ لاهي وجهجوس. اهڙيءَ ريت هو مندر اندر ويو ۽ ڏٺائين ته اهو تپسي هڪ چوڪيءَ تي ويٺو آهي ۽ پوڄا ۾ مشغول آهي. ڳوهيل مٽي اڳيان رکيل اٿس ۽ کيس هٿ ۾ هڪ سانچو (قالب) آهي، جنهن جي ذريعي هو، ديوتائن جون مورتيون جوڙي هيٺ هڪ پاسي رکي رهيو آهي. راءِ چچ هن جي هڪڙي پاسي وڃي بيهي رهيو پر ان زبردست فاتح ۽ بهادر راجا ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو. تپسيءَ کي جڏهن مورتين کي ٺاهڻ کان واندڪائي ٿي ته ڪنڌ کڻي راجا کي ڏسي، لاپرواهيءَ سان چيائين ته ”ڇا سلائج پينوءَ جو پٽ آيو آهي؟“ راجا چيو؛ ”جي ها!“ پڇيائين ”ڇو؟“ عرض ڪيائين ”اوهان جي درشن لاءِ!“ تڏهن پوڄاريءَ هڪ صاف ڪپڙو وڇايو ۽ چيس ”ويهه“. راءِ چچ ويهي رهيو ته هن کيس ساڻس گڏ برهمڻ آباد ۾ وڃي رهڻ، رعيت جي حال تي مهرباني ڪرڻ ۽ اگهم جي پٽ سريند جي مدد ڪرڻ جي درخواست ڪئي، هي پوڄاري سماني ٻڌ جي اصولن جو پوئلڳ هو، يعني ٻڌ مذهب جو پابند هو. راجا جي درخواست ٻڌي چيائين ”آئون تنهنجي دنيا سان واسطو نٿو رکان ۽ نه انسانن جي دنيوي ڪمن ۾ پوڻ گهران ٿو، منهنجي ويجهو ٻڌ جي پوڄا ڪرڻ ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري جي خيال ۾ لڳو رهڻ دنيا جي سڀني عهدن ۽ ان جي سڀني ترقين کان افضل ۽ اعليٰ آهي. باوجود ان جي جو تون ملڪ جو راجا آهين، مون کي تنهنجي حڪم مڃڻ ۾ عار ناهي. سڄي سنگت ۽ ساٿ کي وٺي توسان گڏ هلان ٿو. تنهنجي قلعي جي ڀرپاسي ۾ رهندس پر مون کي کٽڪو آهي ته تنهنجا قلعي وارا، جيڪي ٻڌ مذهب جا مخالف آهن منهنجي اچڻ کي پسند نه ڪندا ۽ انهيءَ سبب جهڳڙو ۽ فساد پيدا ٿيندو. چچ چيوک ”اوهان جو مذهب ٺيڪ آهي، آءٌ ان جو مخالف ڪو نه آهيان ۽ جيڪڏهن اوهان ڪنهن شيءِ جي گهر ڪندا ته مان انهيءَ کي پنهنجو فرض سمجهي پورو ڪندس.“ ٻائي چيو؛ ”مان توهان کان هن دنيا جي ڪا به شيءِ نه گهرندس.“
چچ چيس ته ”جيڪا ديني خدمت منهنجي لائق هجي ته فرمايو“ ٻائي کيس چيو ته ”ساوند سي ۾ جيڪو ٻڌ ۽ نو وهار جو مندر آهي اهو ڊهڻ تي آهي، اوهان ان جي مرمت ڪرائي ڏيو.“ انهيءَ ڪم کي چچ پنهنجي ذمي کنيو ۽ روانو ٿي هليو آيو. جڏهن گهوڙي تي سوار ٿي واپس هليو ته وزير حيرت مان چيو ”اوهان هت انهيءَ پنڊت کي مارڻ جي ارادي ۾ هئا پر ملندي ئي ان جا چيلا ٿي ويا ۽ سندس هر ڳالهه مڃي ورتي.“ چچ جواب ڏنو ”مون کي هتي هڪ اهڙي شيءِ نظر آئي جنهن کي نه جادو چئي سگهان ٿو ۽ نه طلسم. هن جي ڀرسان هڪ هيبت ناڪ ديو نظر آيو جيڪو پنهنجو آبدار ڀالو مون ڏانهن سڌو ڪيو ويٺو هو. ان کي ڏسي مان اهڙو ته هيسجي ويس جو ڳالهه ڪرڻ به ڏکيو هو. انهيءَ ٻائي تي حملو ڪرڻ ته پنهنجي جاءِ تي، مون کي ته پنهنجي ساهه جي اچي لڳي.
هتان برهمڻ آباد جي قلعي وڃي راءِ چچ ڏاڍا انتظام ڪيا. رعيت کي فرمانبردار ۽ مڃيندڙ بنايو ۽ سرڪاري رقمون تجويز ڪيائين. جتن ۽ لوهاڻن ۾ جيتوڻيڪ بغاوت ۽ سرڪشي جي هوا ڀريل هئي، تنهن ڪري انهن کي شڪست ڏئي ۽ هيسائي سندن هڪ هڪ چڱو مڙس حاضر ڪرائي برهمڻ آباد ۾ رکيو. ۽ انهن لاءِ هي قانون نافذ ڪيائين ته مصنوعي تلوار کانسواءِ اصلي تلوار ڪو به نه ٻڌي، شال، بخمل ۽ ريشم جا کيس هو نه پائين ۽ مٿي تي پائڻ جا ڪپڙا ريشمي پائڻ جي سگهه هوندي به مٿن پابندي هئي ته ڳاڙها يا ڪارا هجن. گهوڙي تي هنو نه رکن، بنا هني جي اگهاڙي پٺيءَ تي سواري ڪن. اگهاڙي مٿي ۽ پيرن اڀراڻا هلندا ڪن، ٻاهر نڪرن ته پنهنجا ڪتا به گڏ رکن. برهمڻ آباد جي سردارن جي رڌڻي جي لاءِ ٻارڻ جون ڪاٺيون جهنگ مان وڍي کڻي اچن. جاسوسي ۽ سونهي جي خدمت سرانجام ڏين ۽ جڏهن اهڙي ڪم تي مقرر هجن ته اها خدمت مڪمل ايمانداريءَ سان ڪن، سريند جي سدائين اطاعت ڪن ۽ ملڪ تي ڪو به دشمن حملو ڪري سريند جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي وڙهن.
اهي سڀ انتظام ڪري راءِ چچ ڪرمان جي حدن طرف ڌيان ڏنو. ڪرمان تي ايرانين جو قبضو هو. ۽ ان سان سڌ جي حڪومت جون حدون ملندڙ هيون. هاڻي هي اهو ئي زمانو آهي جڏهن هجرت ٿي يعني نبي صلي الله عليه وسلم کي مڪي مان هجرت ڪري مديني آئي ٻه سال ٿيا هئا.
ايران جي حالت ڪمزور ٿي رهي هئي، ڇو ته مشهور ساساني بادشاهه خسرو پرويز دنيا مان وڃي چڪو هو، ان کان پوءِ تخت نشيني جي معاملي ۾ اختلاف پيدا ٿيو ته اميرن هڪ ساساني شهزادي کي تخت تي ويهاري بادشاهيءَ جون واڳون سندس هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون. اها خبر ٻڌي جڏهن راءِ چچ اطمينان ڪيو ته اڄ ڪلهه عجم جي حڪومت کيس آڏي ڪاٺي نه ٿي ڏيئي سگهي ته هڪ زبردست فوج ساڻ وٺي پنڊتن کان موچاري مهل پڇي ۽ انهيءَ وقت ارمابيل جي پاسي روانو ٿيو. ارمابيل جو بادشاهه جيڪو ٻوڌي هو ۽ امامت جو درجو رکندڙ هو. هن جي آجيان لاءِ آيو. ٻنهي ۾ پيار ۽ محبت جو وچن تازو ٿيو ۽ هن جي طرفان اطمينان ڪري چچ اڳتي وڌيو. واٽ تي جيڪي سردار مليا تن آڻ مڃي. جبلن مان لنگهي هو هڪ پراڻي قلعي ۾ پهتو جيڪو ڪنرپور جي نالي سان مشهور هو، هي اهو ئي هنڌ آهي جنهن کي اڪثر جاگرافي لکندڙن قنزپور لکيو آهي. چچ ان کي نئين سر اڏايو ۽ پراڻي هندستاني رسم مطابق ان تي نوبت رکائي جيڪا هر صبح ۽ شام وڄندي هئي. پوءِ اڳتي وڌي ان درياءَ جي ڪناري خيما کوڙيائين جيڪو ڪرمان ۽ مڪران جي وچ مان وهندو هو. ان هنڌ تي هن پنهنجي بادشاهيءَ جي آخري اولهندي سرحد قائم ڪئي ۽ نديءَ جي ڪناري ڪيترائي کجيءَ جا وڻ پوکائي ڇڏيا ته ايران ۽ سنڌ جي بادشاهين جو پتو پوندو رهي.
راءِ چچ انهيءَ ڪم کي به پورو ڪري ارمابيل واپس آيو ۽ توران واري علائقي مان لنگهي ريگستاني سرزمين ۾ پهتو. هاڻي ڪنهن ۾ به هن سان وڙهڻ يا سرڪشي جي همٿ نه هئي اهڙي طرح قنڌار کان ٿيندو سڀني درياءَ جي ڪناري خيما کوڙيائين. هتي جي ماڻهن لاچار ٿي آڻ مڃي ۽ چچ کانئن ساليانو هڪ لک درهم ڏن ۽ هڪ سؤ جابلو گهوڙا ڏيڻ جو واعدو ورتو ۽ پوءِ گاديءَ واري شهر ۾ واپس آيو. تنهن کان پوءِ کيس اروڙ مان ٻاهر نڪرڻ جي نوبت نه آئي، تانجو چاليهه سالن جي بادشاهي ڪري عزت سان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
راءِ چچ جي وفات تي سيلائج جو ٻيو پٽ يعني هن جو ڀاءُ چندر سنڌ جي تاج ۽ تخت جو ڌڻي ٿيو. سندس مذهبي لاڙو ٻڌ ڌرم ڏانهن هو. جڏهن ته الور جي تخت تي ويهندي ئي هن پنهنجي مذهب جي پٺڀرائي شروع ڪري ڏني. هو تارڪ دنيا ۽ رياضت ڪندڙ فقيرن جو وڏو عقيدتمند هو ۽ سندن قدرداني ۽ احترام ڪندو هو. ايستائين جو هن ڪيترن ئي برهمڻي عقيدو رکندڙ هندن کي گڏ ڪري تلوار جي زور تي لاچار ڪيو ته ٻڌ ڌرم جي پيروي ڪريو. ڪيترن ئي هندوستان جي راجائن سندس درٻار ۾ خط موڪليا. سيوهڻ جو سردار متو قنوج جي درٻار ۾ ويو ته هندوستان کي نهايت ئي سرسبز و شاداب ڏٺائين. قنوج جي گاديءَ تي تن ڏينهن ۾ راسل جو پٽ سهيرس تخت ڌڻي هو. متو سندس درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ بيان ڪيائين ته ”سيلائج جو پٽ چچ مري ويو هاڻي سندس گاديءَ تي هن جو ڀاءُ ويٺو آهي جيڪو راجا نه پر هڪ پوڄا ڪندڙ راهب آهي. ناستڪ مذهب ٻڌ جو پيرو آهي ۽ سڄو ڏينهن مذهبي پوڄارين سان گڏ مندر ۾ رهندو آهي، جتي سواءِ مذهبي بحث ۽ رياضت جي سندس ڪو به ڪم ناهي هوندو. جيڪڏهن ٿوري فوج به رواني ڪئي وئي ته مٿس فتح حاصل ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن اوهان کانئنس ملڪ کسي منهنجي حوالي ڪندا ته مان واعدو ٿو ڪريان ته ساليانو ڏن ڀريندو رهندس.“
سهيرس اها ڳالهه ٻڌي فوجي ڪاهه جو ارادو ته ڪيائين، پر متي کي رڳو اهو آسرو ڏنائين ته ”تو کي فتح ڪيل علائقي مان هڪ پرڳڻو ڏيندس. باقي سڄي علائقي کي آئون پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪندس.“ انهيءَ ورندي ڏيڻ کان پوءِ سهيرس پنهنجي ڀاءُ ڪساس جي پٽ هرهاس کي سپهه سالار ڪري سنڌ جي مهم تي روانو ڪيو. راءِ چچ جي ڏوهٽي به جيڪو رمل ۽ ڪشمير جو حاڪم هو انهيءَ مهل ۾ هرهاس جي مدد ڪئي ۽ ٻنهي پنهنجي فوجن سان گڏ هاسي درياءَ جي ڪناري خيما کوڙيائون. چندر جا نائب ۽ والي جيڪي ديو قلعي ۾ هئا. دشمن جو ايترو وڏو لشڪر ڏسي ڀڄي روانا ٿيا ۽ حملي آورن ان قلعي تي قبضو ڪري اڳتي وڌيا ۽ بند ڪاهويا واري هنڌ کان چندر وٽ سفير اماڻيا ته پنهنجو ڀلو گهرين ٿو ته هڪدم حاضر ٿي آڻ مڃ ۽ پناهه گهر. چندر توڻي جو نيڪي ۽ پرهيزگاري ۾ زندگي گذاري هئي انهيءَ زلت کي چڱو نه سمجهيائين ۽ فوج جو سڌارو ۽ قلعن جي مضبوطي طرف لڳي ويو. نتيجو اهو نڪتو جو انهن حملي آورن کان سندس سلطنت بچي ويئي. سڀئي ناڪام ۽ نامراد واپس ٿيا ۽ ان کان پوءِ چندر مضبوطي ۽ طاقت سان حڪومت هلائي. مطلب ته ستن سالن تائين چندر بنا ڪنهن کٽڪي جي بادشاهي ڪندو رهيو. نيٺ تخت نشينيءَ جي اٺين سال کيس هن جهان مان هلڻو پيو.
چندر کان پوءِ سلطنت جي دعويدارن ۾ اختلاف پيدا ٿيو. الور جي تخت تي هن جي ڀاءُ راءِ چچ جو ننڍو پٽ ڏاهر ويٺو. برهمڻ آباد ۾ خود هن جو پٽ راج گاديءَ تي ويٺو، پر سندس حياتيءَ جو ڏيئو هڪ سال ۾ اجهامي ويو. جنهن کان پوءِ برهمڻ آباد تي چچ جي وڏي پت ڏهرسين قبضو ڪري ورتو. ان جو ظاهر طرح سان ڪو به اختلاف نه هو. پر پوءِ هڪ شرمناڪ خانداني جهڳڙي ٻنهي کي ويڙهايو، جيڪو احوال اڳتي ڪبو. پر ٻين مؤرخن جو بيان آهي ته ڏاهر تخت تي ويهي انصاف ڪيو. سندس حڪومت مان فوج خوش ۽ رهيت سکي ستابي هئي. تخت نشينيءَ کان پوءِ هڪ سال تائين پنهنجي سلطنت ۾ رهي پوءِ دوري تي نڪتو. پهريان اوڀر جي واٽ ورتائين.
انهن پرڳڻن جو بندوبست ڪري ۽ قابل اعتماد والي مقرر ڪري واپس آيو ته مرهمڻ آباد پهچي هتي جو حاڪم پنهنجو ڀاءُ ڏهرسين کي مقرر ڪيائين ۽ پاڻ مڪران پاسي ويو ۽ ڇهه مهينا اتي رهي مڪران جي حاڪم سان محبت جا لاڳاپا مضبوط ڪري موٽي واپس آيو. الور جي ويجهو آيو ته شهر وارن ڏاڍي ڌام ڌوم سان سندس آجيان ڪئي. هر پاسي خوشيءَ جا نغارا وڄڻ لڳا ۽ انهيءَ موقعي تي نجومين اچي ادب ۽ احترام سان عرض ڪيو ته ”اسان اوهان ٻنهي ڀائرن ۽ اوهان جي ڀيڻ ٻائيءَ جو ڍارو هڻي ڏٺو ته اوهان ۽ اوهان جي ڀاءُ ڏهرسيه جي بخت ۾ ڪا سٺي نصيب جا آثار ڏسڻ ۾ ڪونه آيا پر اوهان جي ڀيڻ ٻائيءَ جو بخت نهايت بلند آهي، سندس زائچو ٻڌائي ٿو ته جنهن جي هوءَ زال ٿيندي اهو سڄي سنڌ جو بادشاهه ٿيندو ۽ سڄي ملڪ ۽ دولت تي سندس قبضو هوندو ۽ وري عجب اهو ته هو هتان ٻاهر به ڪو نه ويندا. اسان جي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انهيءَ ڳالهه جو توڙ ڪيئن ٿيندو.“ نجوم جو هو وڏو معتقد هو ۽ سدائين نجومين جي چئي تي هلندو هو. کيس انهن جي اها ڳالهه دل ۾ کپي ويئي ۽ هر وقت انهيءَ فڪر ۾ رهڻ لڳو ته ٻائيءَ کي هتي جي سلطنت ڪيئن ملندي ۽ ڪنهن ٻي کي ملندي ته مون کي تخت ۽ تاج کان هٿ ڌوئڻا پوندا. نيٺ پريشاني ۽ مونجهاري ۾ هن وري نجومين کي گهرائي ٻائيءَ جو زائچو ڪڍايو. وري به اهو نتيجو نڪتو. تڏهن هن وزيرن ۽ صلاحڪارن کي گڏ ڪيو ۽ سندن اڳيان پنهنجي پريشاني ۽ دلي مونجهارو پيش ڪيو.  ۽ چيائين ته اهو ٿي نٿو سگهي ته آئون تخت ۽ تاج کان جدا ٿيان. بار بار منهنجي دل ۾ اچي ٿو ته ڀيڻ ٻائي سان مان پاڻ نڪاح ڪريان.“ اهو ٻڌي سڀني حيرت سان راجا ڏانهن ڏٺو ۽ سر جو سوس پلي عرض ڪيو ته ”سائين اهڙو قهر نه ڪريو نه ته اسان جي ملڪ کي بدنامي جو داغ لڳي ويندو. اسان سڀني راجائن جي نظر ۾ ذليل ۽ خوار ٿي وينداسون ۽ ملڪ ۾ به فتنو ۽ فساد پيدا ٿي ويندو. پر اهڙو فساد ٿي ويندو جو سنڀالڻ به ڏکيو ٿي پوندو.“
پر انهن ڳالهين جو ڏاهر تي ڪو به اثر نه ٿيو. ظاهر ۾ ته ان وقت خاموش رهيو پوءِ ڪجهه خاص ۽ ڀروسي وارن مشيرن کي ان نڪاح تي راضي ڪري ورتائين ۽ هڪ رات جو جڏهن ڪنهن کي خبر ئي نه هئي ڏاڍي خوشيءَ ۾ پنڊتن کي گهرائي ٻائيءَ سان شادي ڪري ورتائين ۽ دستور موجب پنهنجي چادر جو پلئه ٻائيءَ جي چنيءَ سان ٻڌي باهه اڳيان چؤڦير چؤنري چڙهيو. پوءِ گهوٽ ڪنوار  اچي تخت تي ويٺا ۽ پنهنجي شڪل گڏجي تلوار ۾ ڏٺائون. پر انهن رسمن باوجود ٻئي قرب ۽ هم بستري کان پري رهيا. صبح جو اٿندي ئي راجا ٻائيءَ کي هن جي گهر موڪليو ۽ دل ۾ مطمئن ٿي ويو ته سندس مڙس آءٌ ئي آهيان. ماڻهن ۾ ان شاديءَ جي خبر پکڙي ته هر پاسي ناراضگيءَ جي لهر اُٿي. پر سڀ کان وڌ ڏکيائي اها پيش آئي جو اها خبر جيئن ئي برهمڻ اباد ۾ پهتي ته ڏهرسين ڏاڍو بگڙيو ۽ هڪ خط موڪلي ڏاهر کي ڏاڍي گهڻي لعنت ملامت ڪئي. ڏاهر کيس جواب ۾ عذر لکيو ته ”نجومين جي فيصلي مون کي انهيءَ ڪم تي مجبور ڪيو نه ته هر گز نه ڪريان ها.“ ڏهرسين وري لکيو ”ڇا تون ڄاڻي ٿو ته اهڙن فريبن سان تقدير بدلائي ڇڏيندين.“ مطلب ته انهيءَ بحث ۾ لڙائي مچي پئي.
مگر چچ نامي جو هي بيان آهي ته راڻي ٻائي اڳ ڏهرسين وٽ هئي، رامل جي راجا سوهن ان سان شادي جو پيغام ڏنو ۽ شرط هي رکيائين ته ڏيج ۾ ڪو به هڪ قلعو ڏنو وڃي. ڏهرسين انهيءَ تجويز کي پسند ڪيو ۽ سوهن جي قاصدن سان گڏ شهزادي ٻائي کي به ست سؤ سوارن ۽ پنج سؤ پيادلن جي ڄڃ سان ڏاهر وٽ موڪليو ۽ لکيو ته سوهن جي درخواست قبول ڪئي وڃي ۽ هڪ قلعو ڏيڻ ۾ ڪو هرج نه آهي. ٻائي جڏهن ڏاهر وٽ پهتي ته هن اها حرڪت ڪئي جو سوهن جي قاصدن کي انڪاري ورندي ڏيئي ۽ ڀيڻ سان پاڻ شادي ڪيائين. ڏهرسين کي انهيءَ قدم تي ايترو ڏک پهتو جو فوج وٺي ڀاءُ سان وڙهڻ لاءِ نڪتو. اها خبر ٻڌي ڏاهر به مقابلي لاءِ نڪتو ۽ ڪجهه ڏينهن تائين ٻاهر ويهي ڀاءُ جي لشڪر جو انتظار ڪيائين. هن جي پهچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي ته شڪار جي لاءِ جهنگ هليو ويو. هو شڪار ڪري رهيو هو ته ڏهرسين الور اچي پهتو ۽ شهر اندر داخل ٿيڻ جو ارادو ڪيائين. پر شهر وارن ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيا ۽ مهاڏو اٽڪائڻ جو ارادو ڪيائون. اتفاقاً ڪجهه نيڪ ۽ خدا ترس بزرگ وٽس مڙي ويا. کين سمجهائي وڙهڻ کان جهليائون ۽ عزت سان وٺي وڃي الور جي الهندي شهر ۾ لاٿائون ۽ قاصدن کي ڀڄايائون ته ڏاهر کي اطلاع ڏيئي وٺي اچن.
ڏاهر يڪدم اچي ويو رات وچ م دعوت جون تياريون شروع ٿي ويون ۽ صبح ٿيندي ئي ڀاءُ کي دعوت جو پيغام ڏنو پر ڏهرسين دعوت قبولڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ ڏينهن ٽپهريءَ جو ڏاهر جي ماءُ ۽ ٻيا شهر جا معزز ڏهرسين سان ملڻ لاءِ ويا ۽ چيائون ڏاهر ڀيڻ سان شادي نفساني خواهش جي لاءِ نه پر دل جو وهم مٽائڻ لاءِ ڪئي آهي ۽ ان لاءِ اوهان سندس قصور معاف ڪريو. شهر جي معززين سان گڏ ماءُ کي به ڏاهر جي سفارش ڪندي ڏسي هن ڀاءُ جو قصور معاف ڪيو.
ٻي ڏينهن هو هاٿيءَ تي سوار ٿي قلعي جي ديوار هيٺ پهتو ۽ بلڪل ڏاهر جي محل سامهون ادب سان شاهي آداب چورائي موڪليائين. کيس ڏاهر جلد ئي اندر گهرايو پر ڏهرسين انڪار ڪيو ۽ چيائين مون قسم کاڌو آهي ته تنهنجي محل اندر نه ايندس پر اتان اگر ٻاهر نڪري مون کي حاضريءَ جي سان سرفراز فرمايو ته مهرباني ٿيندي. ڏاهر چيو ته آءٌ سڀاڻي حاضر تٿيندس. ٻئي ڏينهن ڏاهر وزيرن ۽ اميرن کي گڏ وٺي جلوس سان ڀاءُ سان ملڻ لاءِ آيو. ڏهرسين اتان کان آجيان لاءِ نڪتو. سامهون ٿيندي ئي هو گهوڙي تان لٿو ۽ پنهنجي تخت ۽ تاج ڌڻي ڀاءُ جا ڊوڙي پير چميائين پوءِ کيس هٿ مان وٺي پنهنجي خيمي ۾ آندائين. ڏاهر انهيءَ ملاقات کان پوءِ واپس ويو ته سندس ويندي ئي ڏهرسين کي بخار اچيو ويو ۽ اهڙي سخت سان جو حد وڌندي ئي رهي ايستائين جو کيس سڄي بدن ۾ داڻا پئجي وئي. انهيءَ بخار اچڻ جي چوٿين ڏينهن ڏهرسين مري ويو. ڏاهر دستور موجب کيس چکيا چاڙهيو ۽ سڀئي مذهبي رسمون پوريون ڪيون ويون، جنهن کان پوءِ ڏاهر ڏاڍي امن امان ۽ اطمينان ۽ سڪون سان حڪومت ڪرڻ لڳو. ڏهرسين جي مرڻ کان پوءِ ڏاهر پنهنجي رهڻ واري هنڌ برهمڻ آباد ويو،. سڄو سال رهي اتي جا بندوبست ڪيائين. ڀرپاسي جي سردارن کي آڻ مڃيندڙ ۽ تابعدار بڻايائين. ڏهرسين جي پٽ سان انتهائي شفقت ڀريو سلوڪ ڪيائين. هن کي دلداري ۽ تسلي ۽ حوصلو ڏنائين. انهن ڪمن کي پورو ڪري هن سيوهڻ جي واٽ ورتي. پوءِ اتان اروڙ جي قلعي ۾ ويو، جنهن کي راءِ چچ جوڙائڻ شروع ڪيو هو ۽ اڌورو ڇڏي مري ويو هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ قلعو  پڄاڻيءَ تي پهچايائين ۽ جيتوڻيڪ دلچسپ هنڌ هو ۽ گهڻي ٿڌ رهندي هئي تنهن ڪري هن اهو معمول ڪري ڇڏيو ته، گرمين جا چارئي مهينا هتي ئي گذارڻا آهن. پنهنجي حياتيءَ جا اٺ سال باقي هن ائين ئي ڪيو. جڏهن هر هنڌ جي عزت ماڻهن جي دلين ۾ ويهي رهي ۽ حڪومت کي ڏاڍي مضبوطيء ٿي ته رامل جي سردارن کي مٿس حسد ٿيو ۽ پيادلن ۽ سوارن جو زبردست جٿو ڪري سندس مقابلي لاءِ نڪتا. هنن سان گڏ گهڻا جنگي هاٿي به هئا ٻوڌيا رستي هو اروڙ علائقي جي شهر روستا تي حملي آور ٿيا ۽ انهيءَ کان اڳ جو همراهه عبدالرحمان بن اشعت کي قتل ڪري اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي ۽ پنهنجي ڪيترين ئي عزيزن ۽ ذات وارن سان گڏ هتي امن امان سان رهندو هو. هن انهيءَ موقعي تي هڪ عجيب ۽ انتهائي بهترين طريقي سان راجا ڏاهر جي مدد ڪئي هئي. انهن حملي ڪندڙن جو سڄو لشڪر اروڙ طرف وڌندو آيو پئي، ته محمد علائقي پنهنجي پنج سؤ عرب ساٿين سان يڪدم هڪ اهڙو راتاهو هنيو ۽ اهڙي تڪبير جو نعرو بلند ڪندي هنن تي اوچتو وڃي ڪڙڪيا جو سڀني جون وايون بتال ٿي ويون. اونداهي رات جو ڪنهن کان ڀڄڻ به نه پڳو ۽ عرب ٿوريءَ دير ۾ رامل وارن جا اسي هزار سپاهي تباهه ڪيائون، جن مان گهڻائي مارجي ويا ۽ ڪيترائي گرفتار ٿيا ۽ بي شمار بارود سان گڏ پنجاهه هاٿي به عربن جي هٿ لڳا. ائين هڪ غيبي مدد سان ڏاهر کي دشمنن تي فتح حاصل ٿي ته هن انهن عرب سڳورن جي عزت ۽ احترام ڪيو ۽ کين وڌيڪ عزت ۽ ادب سان پنهنجي بادشاهيءَ ۾ جڳهه ڏنائين.
هاڻي ڏاهر اطمينان ۽ واندڪائيءَ سان حڪومت ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي وفادار ۽ مدبر وزير کان ايترو خوش هو جو هڪ ڏينهن مٿس حد کان مٿي مهربان ٿيندي چيائين ته ”تنهنجي ڪا خواهش هجي ته ٻڌاءِ ان کي ضرور پورو ڪندس.“ وزير ادب سان پير چمي عرض ڪيائين ”خادم جو ڪو به اولاد ناهي جو سندس نالو هن دنيا ۾ ڪجهه ڏينهن اڃا رهي، ان لاءِ جيڪڏهن ڪا تمنا آهي ته هي ته ڪا تدبير منهنجي نالي جي باقي رهڻ جي هجي ۽ اها تمنا انهيءَ طريقي سان پوري ٿي سگهي ته حضور سلطنت جي چانديءَ جي سڪن تي هڪ پاسي منهنجي نالي جو چٽ ڪرڻ جو حڪم نافذ فرمائي ۽ ٻئي پاسي مهاراجا جو نالو رهي، ٿي سگهي ٿو ته اهو سڪو منهنجي نالي کي ڪجهه ڏينهن تائين زنده رکي.“ ڏاهر انهيءَ گذارش کي هڪدم منظور ڪيو ۽ ان وقت کان سنڌ ۾ هڪ طرف ڏاهر جو ۽ ٻي پاسي وزير جو نالو چٽايو. ان کان پوءِ ڏاهر کي ملڪي دشمنن سان ڪنهن قسم جو آزار نه پهتو، هر پاسي امن امان هو، پوءِ ڪجهه اهڙا سبب ٿيا جو عرب جي خلافت کان مخالفت ٿي ۽ هي هڪ اهڙي زبردست طاقت جو مقابلو هو جو ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ سنڌ ڌرتيءَ ۾ هندو بادشاهت جي پڄاڻي ٿي.
ان لاءِ ايندڙ باب ۾ اسان سنڌ کي پاسيرو ڇڏي عرب طرف ڌيان ڏينداسين، جنهن ۾ ٻڌائينداسين ته اسلامي سلطنت عرب ۾ ڇو قائم ٿي، ڇا جي ڪري هن جو عروج ٿيو ۽ سندس سپهه سالار وچ جو ميدان صاف ڪري ڪيئن سنڌ رسيا ۽ سنڌ ڳچ عرصو ڇو اسلامي خلافت جو هڪ زرخيز صوبو ٿي وئي ۽ سچ اهو اهي ته ان تاريخ جي جنهن حصي کي اسان وڌيڪ جستجو ۽ محنت سان ترتيب ڏنو اهي اهو هاڻي شروع ٿئي ٿو.
 
مڪي شريف ۾ اسلام جو جهنڊو بلند ٿيڻ کانپوءِ سرور ڪائنات کي مڪي جي مشرڪن ايترو تنگ ڪيو جو کين آزادي ۽ علي الاعلان اسلام جي تبليغ ڪرڻ ته ٺهيو پر هو ان جا به روادار نه هئا ته پاڻ سڳورا ڪعبي ۾ آزادي سان الله جي عبادت ڪري سگهن، پر ان ڳالهه تي به صبر نه ڪيائون ۽ جڏهن مشرڪن اها حد به اورانگهي ۽ حق جي پيغمبر ۽ پنهنجي هاديءَ جي جان جا گهورا ٿي پيا، تڏهن الله سائينءَ هڪ ٻئي شهر جي رهاڪن کي سندن صه جي مدد لاءِ مقرر ڪيو. مديني وارن مان ڪجهه ماڻهن ايمان آندو ۽ زور ڀريائون ته پاڻ سڳورا ان شهر کي سدائين آباد رهڻ جي دعا ڏيئي يثرب (مديني) جي ڌرتيءَ کي پنهنجي بابرڪت قدمن سان عزت بخشين.
انهيءَ زماني ۾ مديني وارن مان ڪجهه غريب ۽ توحيد وارن مديني جي ٻاهران هڪ ننڍي مسجد جوڙائي ۽ هڪ خدا ذوالجلال جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا. هيءَ اها ئي مسجد آهي جيڪا مسجد قبا جي نالي سان مشهور آهي ۽ جنهن جي شان ۾ الله جل شانه ”اسس علي التقويٰ“ (ان جو بنياد پرهيزگاري آهي) فرمايو. هيءَ ئي ڌرتي آهي جنهن تي توحيد جو سڀ کان پهرين قبضو ٿيو ۽ جنهن ۾ سڀ کان اڳ خدا جو نالو پڪاريو ويو.
مديني وارن جي زور ڀرڻ تي به پاڻ ڪريم اهو شان رسالت جي خلاف سمجهيو ته خدا جن ماڻهن کي تبليغ اسلام جو پهريون مخاطب بڻايو آهي انهن کي ڇڏي ڪنهن ٻي پاسي جو ارادو ڪيو وڃي، پر جڏهن مڪي وارن کان سواءِ جهالت ۽ بغاوت جي ٻي ڪنهن ڳالهه جي اميد نه رهي ته الله سائين پنهنجي پيغمبر کي مديني ڏانهن اسهڻ جو حڪم ڏنو ۽ جيتوڻيڪ کين دشمنن جي ڊپ کان واٽ ۽ جان بچڻ جي تمام گهٽ اميد هئي، پر پاڻ ڪريم جن خدا جو حڪم ملندي ئي روانا ٿيا ۽ پنهنجي تقدير ۽ الله جي رضا تي راضي رهي يثرب جي واٽ ورتائون. ان ڏينهن کان هجري سال شروع ٿيو. جنهن تي اڄ تائين اسلامي دنيا جي سڄي ڪاروبار ۽ معاملن جو دارو مدار آهي. مطلب ته هجرت جي پهرين سال جڏهن پاڻ ڪريم جن مديني شريف ۾ قدم رکيائون ته اسلام جي جانثارن مان هرهڪ جي تمنا هئي ته پاڻ سڳورا سندس ئي مهمان ٿين. پاڻ سڳورن پنهنجي سواريءَ کي خدا جي مرضي تي ڇڏي ڏنو ته جتي الله کي منظور هوندو پاڻمرادو بيهي رهندي. بني نجار جي درن تان سوار لنگهي رهي هئي ۽ هر شخص حسرت وچان پئي ڏٺو ته رسول خدا جي سواري سندس در تان اڳتي نڪري چڪي آهي. ويندي ويندي پاڻ سڳورن جي ڏاچي هڪ زمين جي ٽڪري تي پهتي جتي اٺن جي جهوڪ هئي ۽ اها زمين اروڙي هئي. مشرڪن جون ڪجهه قبرون هيون، ڪجهه کجيءَ جا وڻ هئا ۽ اها سهل ۽ سهيل نالي ٻن يتيم ڀائرن جي ملڪيت هئي، جيڪي معاذ بن عفراءِ جي نگرانيءَ ۾ زندگي گذاريندا هئا.
نبي ڪريم جي ڏاچي ڀٽاري ان زمين وٽ پهچندي ئي ويهي رهي. ڏاڍي ڪوشش ڪئي ويئي ته اڳتي وڃي پر نه وئي ۽ وئي به ته ٻه وکون وڃي وري موٽي اچي بيهي رهي. معلوم ٿيو ته الله جي مرضي به هتي آهي. ڏاچي ويهاري وئي ۽ پاڻ سڳورا لهي پيا. اهو ماڳ جيئن ته رهڻ جهڙو نه هو ان ڪري ابو ايوب انصاري رضه جنهن جي قبر تي اڄ تائين درالسلطنت قسطنطنيه فخر ڪري رهيو آهي، پاڻ سڳورن کي پنهنجي گهر وٺي آيا ۽ پاڻ سڳورا سندس مهمان ٿيا.
رهڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن ان زمين جو احوال پڇيو. ماڻهن ان جي حالت ٻڌائي ۽ پاڻ ڪريم جن ان جي خريداريءَ جا اميدوار ٿيا، دريا دل ۽ دلير ميزبانن آرزو ڪئي ته اوهان اها ائينءَ ئي قبول فرمايو. پر پاڻ سائين جن نه مڃيو، ابوبڪر صديق رضه جي ملڪيت مان ڏهه دينار ڏيئي ان کي خريد ڪري ورتائون ۽ اتي مسجد ٺاهڻ جو ارادو ڪيائون، مشرڪن جون قبرون ڊاهي سڌيون ڪيون ويون، وڻ وڍيا ويا ۽ زمين سنواري برابر ڪئي ويئي، پوءِ پٿرن سان بنياد کنيو ويو. ان تي ڪچين سرن جي ڀت ٺهي، کجيءَ جي ڪاٺ سان آڏورا ڏنا ويا ۽ ان تي کجيءَ جي ئي ڇڙين سان ڇت ڍڪي ويئي ۽ هڪ بناوٽ کان آجو سادو خدا جو گهر قائم ڪيو ويو. جنهن جا مزدور اصحابي رضه هئا. جن پنهنجي پورهئي جو اجورو الله پاڪ جي ذمي رکيو ۽ پنهنجي هٿن مبارڪن سان مسجد جوڙي راس ڪيائون. هيءَ ئي اها مسجد نبوي آهي جيڪا سڀ کان اڳ پاڻ سڳورن جي حڪم سان ٺهي ۽ جنهن تي سڀ کان پهريون اسلام جو اختيار هليو ۽ جيڪو اڄ تائين پرجوش ديندارن ۽ دلي عقيدتمندن جو آخري ٺڪاڻو ۽ پناهه گاهه آهي ۽ هيءُ ئي اهو پاڪ خطو آهي جنهن جي شان ۾ سرور ڪائنات فرمائن ٿا ”رضته من رياض الجنته“ يعني جنت جي باغن مان هڪ باغ آهي.
ان کان پوءِ اسلامي تبليغ جو ڪم آزاديءَ سان شروع ٿيو ۽ اسلام جون لاٽون چوڦير ڦهلجڻ شروع ٿيون. اسان جيئن ته رڳو فتوحات سنڌ لکڻ گهرون ٿا، جنهن ڪري هر انهي4 خطي تي نظر وجهڻ نٿا گهرون جنهن تي اسلام جي نور جون شعاعون پنهنجو جلوو ڏيکاري رهيون آهن،پر عرب جي فتح ٿيڻ کان پوءِ اوڀر طرف هلنداسين. ۽ انهن سڀني ملڪن تي هڪ مجموعي نظر وجهنداسين، جنهن مان گذري صحابه ڪرام هند جي حدن ۾ پهتا ۽ مٿاڇري نظر سان انهي مقدس گروهه جي نقش قدم کي ڏسندا هلنداسين.
سڀ کان اڳ عرب ملڪ جي شڪسته ۽ مفتوح ۽ اسلام جي جهنڊي جي ڇانو ۾ ٿيڻ جي مختصر سرگزشت هي آهي سن 4 هه ۾ بني نضير جي زمين تي حضرت سرور ڪائنات جو قبضو ٿيو. 5 هه ۾ بني قطريظه وارن اطاعت قبول ڪئي. 7 هه ۾ خيبر فتح ٿيو. انهيءَ سال فدڪ، يتماءَ ۽ القريٰ جي وادي اسلام جي جهنڊي هيٺ آيون. انهيءَ سال پاڻ ڪريم جن رسالت عام جو فرض پورو ڪرڻ لاءِ دنيا جي بادشاهن نالي تبليغي خط روانا ڪيا. 8 هه ۾ مڪو فتح ٿيو ۽ ڪعبو شرڪ جي پليتي کان پاڪ ڪيو ويو. پوءِ طائف، تبال ۽ جرش تي قبضو ٿيو. 9 هه ۾ تبوڪ، ايله ازرخ مقناجرياءَ ۽ دومته الجندل فتح ٿيو. انهيءَ سال نجران وارن پيش ٿي اطاعت جو اظهار ڪيو ۽ پاڻ تي جزيو مقرر ڪرايو. وري ان کان پوءِ يمن تي اسلام جو اختيار هليو. انهيءَ سال پاڻ سڳورن عمان وارن کي اسلام جي دعوت پيش ڪئي ۽ هنن ايمان آندو. جنهن کان پوءِ بحرين وارن به هدايت ورتي ۽ يمامه وارا به انهيءَ اسلام جي دولت سان مالا مال ٿيا. 10 هه ۾ عرب جي چئن طرفن کان ماڻهو مڙي آيا ٿي ۽ اسلام قبول ڪيائون پئي. پاڻ سڳورن جا خط پهتا ۽ هر هنڌ انهن جي اڳيان اطاعت سان سر جهڪيا ٿي. 11 هه جي شروعاتي زماني ۾ پاڻ سڳورن جي وفات ٿي، پاڻ سڳورن جي رحلت سبب عرب جي تازو ايمان آڻيندڙن تي خراب اثر ٿيو. هر هنڌ ماڻهن بغاوت جو جهنڊو کنيو. ڪن ته نبوت جي دعويٰ به ڪئي، ۽ اسلام پنهنجي حدن کي ڇڏي مڪي ۽ مديني تائين گهيرجي ويو. حضرت صديق اڪبر رضه خليفو ٿيو. جلد ئي هن ڏاڍي سرگرمي سان عرب جي مرتدن کي ماري مڃايو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ اسلام پنهنجون اهي ڪشاديون حدون هٿ ڪري ورتيون، جيڪي پاڻ سڳورن جي زماني ۾ قائم هيون، پوءِ ڪوشش ڪئي ويئي ته اسلام جو پيغام انهن قومن اڳيان به پيش ڪيو وڃي جيڪي عرب کان ٻاهر آهن- انهيءَ زماني ۾ مثنيٰ بن حارثه قبيلو بني شيبان سان گڏجي عراق جي سرحدي پرڳڻن تي ڦرلٽ ڪندا رهندا هئا.
حضرت ابوبڪر صديق رضه ماڻهن کان پڇيو ته اهو مثنيٰ ڪير آهي. خبر پئي ته رواجي ماڻهو ناهي، هر طرح سان سگهارو آهي. سندس نسب کي به ماڻهو اعليٰ مڃين ٿا ۽ ذاتي ڳڻن ۾ به مشهوري پري پري تائين اٿس. حضرت صديق رضه جي پڇڻ کان ٿورائي ڏينهن پوءِ خود مثنيٰ خليفي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته مون کي اوهان منهنجي قوم جو سردار مقرر ڪيو. پوءِ ڏسو انهن عجمين کي ڪهڙو سبق ٿو سيکاريان، حضرت ابوبڪر صديق رضه سندس درخواست قبول ڪئي ۽ هو پنهنجي قوم جو سردار ٿي مديني مان ٻاهر نڪتو. ۽ اوڀر اتر عرب جي پرڳڻن جي واٽ ورتائين جتي هن جو ۽ سندس قوم جو علائقو هو. مثنيٰ پنهنجي قوم کي حضرت ابوبڪر صديق رضه جو فرمان ڏيکاريو، جنهن جو اثر اهو ٿيو ته جيڪي ماڻهو اڃا اسلام جي دولت کان محروم هئا اهي به مالا مال ٿيا. ۽ ايرانين تي حملو ڪرڻ جي لاءِ بني شيبان جي سڄي قبيلي هڪ وڏي بهادر لشڪر جي حيثيت اختيار ڪري ورتي. هيڏانهن مثنيٰ لشڪر کي تيار ڪيو ۽ هوڏانهن حضرت ابوبڪر صديق رضه خالد بن وليد کي جيڪو تازو مسيلمه ڪذاب جو ڪم پورو ڪري هلي اچي پهتو هو، عراق ڏانهن وڌڻ جو حڪم ڏنو ۽ مثنيٰ کي لکيائون ته سڀني ڪمن ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضه جي اطاعت ڪريو. مطلب ته خالد پهتو. عراق جي حدن م سندس تلوار چمڪي ۽ فتحن جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حضرت خالد رضه کي حضرت ابوبڪر صديق رضه جي حڪم سان شام جي مهم تي روانو ڪيو ويو. ۽ عراق جي فتحن جو مسئلو فقط مثنيٰ جي معمولي سپاهه گيري جي مشق تي ڇڏيو ويو. تان جو 13 هه ۾ حضرت ابوبر صديق رضه وفات ڪئي. حضرت عمر فاروق رضه جي ڏينهن ۾ سعد بن ابي وقاص رضه عراق طرف روانو ٿيو. حضرت سعد رضه ويندي ئي معرڪن ۾ مشغول ٿي ويو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ دجله درياءَ کي پار ڪري ايران جي زبردست فوجن سان مقابلي لاءِ قطارون ٺاهڻ لڳو. وڏي رتوڇاڻ ۽ بهادريءَ کان پوءِ 14 هه ۾ قادسيه ۽ مدائن جي برجن تي اسلام جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو، هي واقعو فاروقي خلاف جي ٻئي سال جو آهي. ان کان پوءِ فاتحن ۽ مجاهدن جا قدم اڳتي وڌندا ئي رهيا.
جيتوڻيڪ زرتشتي ڌرتي ڌڻين رت جي ندي وهائڻ کان پوءِ به هڪ قدم پوئتي نه هٽيا. 14 هه ۾ حضرت عمر رضه کي معلوم ٿيو ته ٻاهرين ملڪن جي آب هوا عربن جو رنگ روپ مٽائي ڇڏيو آهي. حضرت عمر رضه سعد بن وقاص رضه کان ان جو سبب پڇيو، سعيد رضه لکيو ته مختلف علائقن جي آبهوا سندن صورتون بدلائي ڇڏيون آهن ۽ ٻيو سبب هي آهي ته عرب کي انهن هنڌن جي آبهوا راس اچي ٿي جتي سندن اٺ خوشحال رهن ٿا. خلافت فاروقيءَ جي ٽئين سال 15 هه ۾ اتفاقاً ۽ بنا ارادي ۽ سواءِ ان جي جو حضرت عمر رضه ڪو حڪم ڪري هڪ دلير آفيسر پاڻ مرادو هندوستان تي خشڪيءَ رستي حملو ڪري ڏنو، عثمان بن ابي عاص ثقفي بحرين ۽ عمان جو والي مقرر ٿيو. انهيءَ پنهنجي ڀاءُ حڪم کي پنهنجو نائب مقرر ڪري بحرين روانو ڪيو ۽ پاڻ عمان جي واٽ ورتائين.
خليج عمان جي ڪناري تان جيتوڻيڪ واپاري ٻيڙا هندي ڪناري تي ايندا ويندا هئا ۽ قديم واپار هتان کان هڪ دريائي رستو کولي ڇڏيو هو. تنهن ڪري عثمان بن ابي عاصي کي بهادري ڏيکارڻ جو بهتر موقعو ملي ويو. دريائي سفر جيڪو تن ڏينهن ۾ ڏاڍو خطرناڪ هو ۽ عرب وارا بحري حملن کان ڏاڍو لهرائيندا هئا. جيتوڻيڪ پوءِ جي زماني ۾ انهن کان وڏو ڪو جهاز ران به نه هو. حضرت عمر رضه علمه بن محرز مدلجي کي اسلامي لشڪر سان تقريباً ويهن ٻيڙن تي سوار ڪري روم جي جهاد تي روانو ڪيو هو. اهي سڀئي ٻيڙا سامونڊي طوفان ۾ مبتلا ٿي غرق ٿي ويا. ۽ ڪو به منجهانئن نه بچيو. حضرت عمر رضه کي جڏهن انهيءَ حادثي جي خبر پهتي ته پاڻ غم جي جوش ۾ اچي قسم کنيو ته اڄ کان پاڻي رستي ڪا به فوج رواني نه ڪندس. ايستائين جو عمرو بن عاص رضه نيل درياءَ جي ٻيءَ ڀر خيره شهر آباد ڪيو ته حضرت عمر رضه اهو ٻڌندي کيس لکيو ته ”اهڙي هنڌ قيام نه ڪيو جو اوهان ۽ اسان وچ ۾ واهر وهندو هجي. پر اهڙو هنڌ هجڪي جو جڏهن مرضي پوي آئون پنهنجي اٺ تي چڙهي تو وٺ پهچان.“
مطلب ته حضرت عمر رضه ڪڏهن به ڪنهن آفيسر کي پاڻيءَ رستي ڪنهن به ملڪ تي ڪاهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو هو. پر پوءِ به عثمان بن ابي عاص همٿ ڪري هڪ ٻيڙو ترتيب ڏنو ۽ ان تي اسلام جي بهادرن کي سوار ڪري سنڌ طرف روانو ڪيو. انهن ماڻهن سنڌو ڪناري پهچندي ئي تانه شهر تي حملو ڪيو ۽ غنيمت جي مال سان ڀريل تريل واپس آيا. اهو لشڪر جڏهن ڪاميابيءَ سان آيو ته عثمان بن ابي عاص ڊڄندي ڊڄندي حضرت عمر رضه کي اطلاع ڪيو ته شايد انهيءَ ڪاميابيءَ جي خبر آئيندي لاءِ سامونڊي جهاد جو در کولي ڇڏي. پر دار الخلافت مان جيڪو جواب ويو انهيءَ سندس اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. حضرت عمر رضه لکيو هو ته ”اي ثقفيءَ جا ڀاءُ تو اها فوج نه موڪلي هئي پر جهروڪ هڪ ماڪوڙي کي ڪاٺيءَ تي ويهاري سمنڊ ۾ وجهي ڇڏيو. خدا جو قسم! جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪنهن آفت ۾ وڪوڙجي وڃن ها ته سندن عيوضو آءٌ تنهنجي قوم کان ڀرايان ها.“ حضرت عمر رضه جهڙي رعبدار ۽ عظيم خليفي جي حڪم کان منهن موڙڻ اصل ۾ وڏي خوفناڪ جرئت جو ڪم هو. پوءِ به عثمان بن ابي عاص پنهنجي ارادي تي اٽل رهيو. هن ان کان پوءِ به پنهنجي ڀاءُ مغيره بن ابي عاص کي هڪ ٻيڙي جو اڳواڻ ڪري موڪليو، جنهن ديبل شهر تي حملو ڪري دشمنن کي شڪست ڏيئي سوڀ حاصل ڪئي ۽ ڌن دولت کڻي واپس وريو. جنهن وقت معيره ديبل تي حملو ڪري رهيو هو ان وقت سندس ٻيو ڀاءُ حڪم عثمان بن ابي عاص جي فرمان سان سنڌ کان  به اڳتي وڌي گجرات جي شهر بڙوچ تي حملي آور ٿيو. معلوم ٿئي ٿو ته مغيره بن ابي عاص ديبل شهر جي جنگ ۾ پساهه پورا ڪيا ۽ شهر تي عرب جي هڪ واپاري ٽولي جو قبضو ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ديبل تي ديوائج جو پٽ ساميو حڪومت ڪري رهيو هو، جنهنکي انهيءَ عهدي تي چچ مقرر ڪيو. خود راءِ چچ تن ڏينهن ۾ سنڌ جو راجا هو ۽ کيس حڪومت ڪندي پورا پنجٽيهه سال ٿي چڪا هئا.
اهي ته ٻه سامونڊي حملا هئا جيڪي حضرت عمر رضه جي دؤر ۾ پندرهين هجريءَ ۾ ڪيا ويا ۽ جيتوڻيڪ اهڙي طرح جهاز راني رستي پوءِ به ڪجهه حملا هندستان تي ٿيا، جنهن جو احوال اڳتي هلي بيان ڪنداسين پر اصل مسلمانن هندوستان تي خشڪيءَ رستي ان وقت ڪاهه ڪئي جڏهن وچ جي سڀئي ملڪن کي لتاڙيندا ۽ دشمن کان رستو صاف ڪندا هو هندوستان جي حدن ۾ پهتا ۽ انهي سبب اسان انهن ملڪن جي فتحن جو احوال بيان ڪريون ٿا جيڪي عراق ۽ هند جي وچ ۾ واقع آهن.
فاروقي خلافت جي نائين سال ايڪيهه هجريءَ ۾ سخت جهڙپن کان پوءِ نهاوند فتح ٿيو. ٻاويهه هجريءَ ۾ مسلمان اڳتي وڌي ۽ تلوار آبدار جا جوهر ڏيکاري همدان، وماونڊ، فارس، خراسان تي قبضو ڪيو ۽ انهن شهرن تي اسلامي جهنڊو ڦڙڪايو. دراصل هاڻي ساساني شهنشاهيت پڄاڻيءَ تي پهتي، رڳو ٽي ملڪ ڪرمان، سيستان ۽ مڪرانم رهيا ٿي، جيڪي انهيءَ عظيم الشان سلطنت جا سرحدي پرڳڻا هئا ۽ جن تي خسروي بادشاهت جي مٽجڻ کان پوءِ اتي جا صوبيدار جيڪي انهيءَ عهد جي اصطلاح ۾ مرزبان سڏبا هئا، اهي حڪومت ڪرڻ لڳا. سن ٽيويهه هجري آيو ۽ پاڻ سان گڏ انهن جي خودمختياري کي به وٺي ويو. اسان چاهيون ٿا ته انهن ٽن صوبن جي فتح ٿيڻ جو حال تفصيل سان لکون. ڇاڪاڻ جو اهي هندوستان سان دنگائي آهن. انهن جي فتح ٿيڻ سان رڳو ايترو ئي نه ٿيو جو هندوستان جو رستو کلي ويو يا عربن هندوستان جي در تي اچي ڌڪ هنيو پر ان جي ڇانئجي وڃڻ سان ئي هندوستان تي عرب فتحن جو اثر ٿي ويو ۽ اسلام جي بلند جهنڊي جي جهولڻ جون هوائون هندستان جي شهرن تائين پهچي ويون. جيتوڻيڪ مڪران تي سڀ کان اڳ ابو موسيٰ اشعري رضه پنهنجي گورنريءَ جي ڏينهن ۾ ربيع بن زياد کي موڪلي قبضو ڪري ورتو هو پر جيئن ته ڪنهن مبضوط قبضي کانسواءِ حملي آور پنهنجي علائقن ڏانهن واپس هليا آيا، تنهن ڪري ماڻهن بغاوت ڪري هڪ ننڍڙي خودمختيار حڪومت قائم ڪري ورتي. ٻاويهه هجريءَ ۾ جڏهن سڄي ايران تي قبضو ڪيو ويو هو، انهيءَ سال عبدالله بن عامر بن ربي ڪرمان تي حملو ڪيو، ڪرمانين پنهنجي بهادر ڪوهستاني قومن ڪوڄ ۽ بلوچ کان مدد گهري پر انهن جي مدد سان ڪو فائدو حاصل نه ٿيو ۽ عبدالله برابر ڪرمان ۾ گهڙي ۽ سرڪشن کي تلوار سان ماريندو هليو ويو. عبدالله جي رفتار ڏاڍي تيز هئي ۽ انهيءَ ڪارڻ سندس فتحن خلافت کي ڪو مستقل فائدو نه پهچايو. هي فوج جهڙوڪ هڪ وڄ هئي جو هتي ڪري هتي پهتي ۽ وري هتي وڃي ظاهر ٿي.
عبدالله ڪرمان جي خودمختياري جو خاتمو آڻي سيستان ۾ داخل ٿيو، اتي جي مرزبان کي گهيرو ڪيائين ۽ جڏهن هن آڻ مڃي ته هڪدم وڃي مڪران تي هلان ڪئي. مڪران وارن سنڌ جي راجا کان مدد گهري پر ڪو به فائدو نه ٿيو مڪراني ۽ سنڌي ٻنهي فوجن کي شڪت آئي ۽ مسلمانن سڄي ملڪ ۾ ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ جو نغارو وڄائي ڇڏيو، پر انهيءَ ڪاميابيءَ جي نغاري جو آواز گونجندي ئي هوا ۾ واچوڙو ٿي ويو. ان لاءِ ته عبدالله واپس آيو ۽ اهي هنڌ وري اڳي وانگر سرڪشيءَ تي آماده ٿيا. نيٺ 23 هجريءَ ۾ ڪافي بندوبست ڪيو ويو ۽ ٽنهي ملڪن تي جوان مرديءَ سان ڌار ڌار فوجون موڪليون ويون. هڪ طرف، سهيل بن عدي، عبدالله بن عبدالله بن عتيان سان گڏجي ڪرمان تي حملو ڪيو. هڪ عرب بهادر نسير بن عمرو عجلي جي هٿان اتي جو مرزبان ماريو ويو ۽ مسلمانن ملڪ جي سڄي حصي تي راڄ قائم ڪيو. ٻئي طرف عاصم بن عمرو، عبدالله بن عمير سان گڏجي سيستان جو رخ ڪيو. پهرئين ئي لڙائيءَ ۾ دشمن کي شڪست ٿي جيڪي پنهنجي شهر زرنج ۾ گهيرجي ويا، نيٺ گهيري جي سختين کان تنگ اچي اتي جي سربراهه آڻ مڃي ۽ مسلمان ڏن مقرر ڪري واپس روانا ٿيا. انهن ٻنهي ملڪن جي فتح ٿيڻ کان پوءِ حڪم بن عمرو تغلبي مڪران تي ڪاهه ڪئي. حڪم جي مڪران ۾ داخل ٿيندي ئي شهاب بن مخارق ۽ سهيل بن عدي ۽ عبدالله بن عبدالله عتبان جيڪي ڪرمان ۽ سيستان جون مهمون پوريون ڪري اچي هن سان مليا. مڪران جي بادشاهه سنڌ جي راجا کان مدد گهري، سنڌ جو راجا هڪ جابلو فوج وٺي وڏي جوش ۽ جذبي سان هن جي مدد لاءِ اچي پهتو.
جنگ لڳي ڌرتي ڌڻين جو ستارو آڏو ابتو هو، جيتوڻيڪ ڏاڍي دليريءَ سان مقابلو ڪيائون مگر نيٺ مڪران جو حاڪم جيڪو اتي جي زبان ۾ رت بيل سڏبو هو مارجي ويو، گڏ ئي سنڌ جو راجا به هلي چريو! مڪراني ۽ سنڌي فوجن شڪست کاڌي. اهي ماڻهو اهڙي طرح مٺيون ڀيڙي ڀڳا ۽ هر پاسي پکڙجي ويا ۽ دشمنن پويان جنهن کي جتي ڏٺائون ان کي اتي ئي قتل ڪيائون. اهو درياءَ جيڪو سنڌ ۽ مڪران وچان وهي ٿو، ان تائين سندن پويان لڳا ۽ جنگ جي ميدان کان درياءَ جي ڪناري تائين سڄي زمين لاشن سان سٿجي وئي ۽ رت ريلا ڪري وهڻ لڳي،. اها فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ حڪم غنيمت جي مال مان پنجون حصو الڳ ڪيو ۽ صحار عبدي جي حفاظت ۾ حضرت عمر رضه جي خدمت ۾ روانو ڪيو، جنهن جي پهچندي ئي دار الخلافت مديني ۾ ڏاڍي خوشي ملهائي وئي ۽ الله سائين جو شڪر ادا ڪري اهو مال بيت المال ۾ داخل ڪيو ويو. صحار عبدي جيتوڻيڪ مڪران جي سرزمين کي ڏسندو هليو آيو ٿي ۽ جڏهن بارگاه خلاف ۾ پهتو ته حضرت عمر رضه ان کان اتي جون حالتون پڇيون. صحار عرض ڪيو ”امير المؤمنين آءٌ انهيءَ سرزمين جون حالتون پنهنجي اکين سان پاڻ ۽ خوب پڇي حاضر ٿيو آهيان. اتي پاڻيءَ جي ته کوٽ آهي پر ميون سان وڻ جنجهيل آهن ۽ چور بهادر آهن. مطلب ته جيڪڏهن فوج گهٽ هوندي ته ضايع ٿيندي ۽ وڌيڪ هوندي ته بک مرڻ جو کٽڪو آهي. ان ڪري رسد جو انتظام ڏکيائيءَ سان ٿيندو. حضرت عمر فاروق رضه چيو ته ”اوهان اتي جون حالتون بيان ڪري رهيا آهيو يا شاعري ڪري رهيا آهيو“ پر جڏهن صحار عبدي سنجيدگيءَ سان پڪ ڏياري ته حضرت عمر رضه فڪرمند ٿيو ۽ مسلمانن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيائين. ڪجهه بيانن مان پتو پوي ٿو ته انهيءَ حملي آور فوج جي عرب سردارن بارگاه خلافت کان به پڇيو هو ته جيڪڏهن اجازت هجي ته اسان سنڌو درياءَ مان لهي هند ملڪ تي فوج چاڙهيو. غالباً انهيءَ بنياد تي حضرت عمر فاروق رضه صحار کان مڪران جا حالات پڇيا ۽ جڏهن اهڙين مشڪلاتن جو ٻڌو ته صفا انڪار ڪيو ۽ سخت تاڪيد سان لکيو ته ڪڏهن به اڳتي وڌڻ جو ارادو نه ڪيو وڃي، پر مشڪل آهي ته جن ماڻهن هي واقعو بيان ڪيو آهي ته جن ماڻهن هي واقعو بيان ڪيو آهي هن لڙائيءَ ۾ مسلمانن جو سپه سالار عبدالله بن عامر بن ربيع کي ڄاڻائين ٿا. غالباً ان بيان ۾ غلطي نالي جي ٿي آهي، نه ته سڄو واقعو بالڪل ٺيڪ آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته مسلمان هند جي سرحدن کان اڳتي نه وڌي سگهيا ۽ اهي شروعاتي جوشيلا مجاهد جنهن جي تلوار ٿوري ئي وقت ۾ سڄي دنيا کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو هو.
سندن لشڪر اوڀر طرف هند جي حدن کان اڳتي نه وڌي سگهيو، ڇو ته سامونڊي جهاد جي منع اڳ ئي ٿي چڪي هئي، فقط خشڪيءَ جو رستو باقي رهيل هو جنهن کي مسلمانن چڱي نموني طئي ڪيو. هاڻي صحار عبدي جي بيان اهو رستو به بند ڪيو. انهيءَ سال 23 هجري جي پڄاڻيءَ تي حضرت عمر فاروق رضه ٻئي جهان ڏانهن سفر ڪيو ۽ 3 محرم 24 هجري تي چونڊ جو ڪڻو حضرت عثمان رضه جي نالي نڪتو،. جنهن پنهنجي خلاف جي ٻي سال 25 هه ۾ پنهنجي سؤٽ عبدالله بن عامر بن ڪريز کي جهاد تي روانو ڪيو،. جنهن سيستان جو رخ ورتو ۽ ڪابل تي حملو ڪيائين. جيڪو انهيءَ زماني ۾ جاگرافيائي ورهاست جي حساب سان سيستان علائقي ۾ شامل هو. سيستان جيتوڻيڪ حضرت عمر فاروق رضه جي ڏينهن ۾ فتح ڪيو ويو هو، پر ڪابل اڃا تائين خودمختاريءَ جو جهنڊو جهولائي رهيو هو. عبدالله بن عامر وڌي وڃي ڪابل جي ڀتين هيٺان ڏاڍي سخت لڙائي وڙهيو. نيٺ عربي سپاهه گيرن ڪابلي جوانن جو منهن ڦيري ڇڏيو. جنهن مرندي آڻ مڃي ۽ ڪابل مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويو. هي هندوستان جو ٻيو دروازو آهي، جنهن تي مسلمان پهتا. پر ان ۾ شڪ آهي، ڇو ته عبدالله بن عامر جو تقرر 25 هه کان ڪيترائي سال پوءِ جو آهي. ها اها ممڪن آهي ته بصره جو والي ٿيڻ کان اڳ هو بطور سپه سالار روانو ڪيو ويو هجي. تنهنڪري ان ۾ شڪ ناهي ته ان حملي ۾ مسلمانن ڪابل تي جيڪو پنهنجو مذهبي اثر نه وڌو ۽ ڪابل وارن کي رڳو فرمان مڃيندڙ ٺاهي هليا ويا. پر اهو اثر ٿورا ئي ڏينهن قائم رهيو جو ڪابلي پنهنجي فطري عادت مطابق بغاوت ڪري وري خودسر ٿي ويا.
ڪابلين کي انهيءَ خود سريءَ مان ٿورو ئي وقت فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. ڇو ته چئن سالن کان پوءِ سن 29 هه ۾  ماڻهن بصره جي والي ابو موسيٰ اشعريءَ رضهه بابت شڪايت اهڙي زور شور سان ڪئي جو عثمان ذوالنورين رضه کيس هٽائي ان جي جاءِ تي عبدالله بن عامر کي مقرر ڪيو. عبدالله بن عامر ابو موسيٰ اشعري وانگر راتيون جاڳندڙ ۽ پاسيري زندگي گذارڻ وارو شخص نه هو، ننڍپڻ کان ئي کيس سپهه گيري جي مشق هئي ۽ جواني جا ڏينهن هئا، پنجويهن سالن جي عمر هئس ۽ سندس دل ۾ بهادري ۽ بلند حوصلي جا جذبا ڀريل هئا. جنهن جي آزمائڻ لاءِ بصري جي گورنري جو ميدان ڏاڍو ڪشادو هو، انڪري جو اسلام جا اهي سڀئي مقبوض علائقا جيڪي اوڀر طرف هئا سڀ بصره جي واليءَ جي هٿ هيٺ هئا ۽ هيڏانهن سڀني ملڪن ۾ جيترا به والي مقرر هوندا هئا سڀني کي خلافت جو حڪم بصره جي والي وٽان ملندو هو ۽ اڪثر سندن مقرري به بصري جي واليءَ جي چونڊ سان هوندي هئي يا اڄ ڪلهه جي ٻوليءَ ۾ ائين کڻي چئجي ته بصره جو والي گورنر جنرل هوندو هو، جنهن جي هٿ هيٺ سڀني اڀرندي جي ملڪن جا والي گورنر هوندا هئا. اهڙي طرح سڀني اولهه جي ملڪن جي لاءِ مصر جي گورنري هئي، سڄو آفريڪا ۽ ان زماني کان پوءِ جڏهن اندلس (اسپين) فتح ٿيو ته اتي به مصر جي واليءَ جي چونڊ سان علائقن جا والي مقرر ٿيندا هئا. اهو ئي انتظام حضرت علي ڪرم الله وجهه جن پنهنجي عهد ۾ به قائم رکيو ۽ بنو اميه جي آخري دؤر تائين بالڪل اهڙي طريقي سان مقرريون ٿينديون رهيون. بني عباس جي ڏينهن ۾ اهو طريقو بدلايو ويو ۽ خراسان جي گورنر کي گورنر جنرل جي حيثيت حاصل ٿي، ابن عامر انهيءَ عهدي تي مقرر ٿيندي ئي هرهنڌ انتظام ڪرڻ گهريو، ڇو ته اوڀر جي سڀني ملڪن ۾ توڙي جو فتح ڪري مقرريون ڪيون وينديون هيون، ٿورن ڏينهن کان پوءِ باغي وري بغاوت ڪندا هئا ۽ فوجي چڙهائي کانسواءِ انهن کان ڏن ۽ جزيو نه وصول ٿيندو هو. اصل حقيقت هيءَ آهي ته ماڻهن عرب فاتحن جي مزاج کي سڃاڻي ورتو هو. ان ڳالهه جو تجربو ٿي ويو هئن ته انهن سان مقابلو ڪرڻ ۾ ڪاميابيءَ جي اميد ناهي پر گڏ اهو به سمجهي ويا هئا ته جيڪڏهن انهن جي اڳيان آڻ مڃي ويئي، ته انهن کان وڌ رحمدل ۽ درگذر ڪرڻ وارو به ٻيو ڪو ناهي. هن سوچ اها خرابي پيدا ڪئي ته سيستان، ڪرمان، مڪران ۽ ٻين اڀرندي ملڪن جي حڪمرانن بلڪل انهن ملڪن مان هرهڪ شخص جي رعيت جو قائدو هوندو هو ته عربي فوجون آيون ۽ انهن ٿورن ڏينهن جي مقابلي کان پوءِ آڻ مڃي، فاتحن رحم کائي سندن خطا معاف ڪئي ۽ جزيو تجويز ڪري ٻئي طرف هليا ويا ۽ انهن جو وڃڻ ٿيو ته انهن ماڻهن وري بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. عام طور اهڙا شهر پر ملڪ گهڻائيءَ سان ملندا جن کي عربن اَٺ اَٺ ڏهه ڏهه دفعا فتح ڪيو ۽ هو وري ايئن جو ايئن باغي بڻبا رهيا.
جڏهن ابن عامر بصري جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي ته ڏٺائين ته کيس سڀئي اڀرندي وارا ملڪ فتني فساد ۽ بغاوت جي حالت ۾ نظر آيا. هن سڀ کان پهريان عبدالله بن عمر ليثيءَ کي سيستان جو والي مقرر ڪيو. ابن عمير هڪ بهادر آفيسر هو، وڄ وانگر چمڪندو ۽ گجندو اچي پهتو ۽ ڪابل تائين سيستان جي سڀني شهرن تي قبضو ٿي ويو. ٻن ٽن سالن کان پوءِ عبيدالله بن عامر ابن عمير کي هٽائي عمران بن فضيل برجميءَ کي سيستان جو والي مقرر ڪيو. ٻئي پاسي ابن عامر عبدالله بن معمر کي مڪران جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. ابن معمر به ڪنهن ڳالهه ۾ ابن عمير کان گهٽ نه هو، هن مڪران جي ڌرتيءَ تي جيڪا هلان ڪئي ته سرڪشن کي هند جي دنگن تائين ماريندو ۽ بريون شڪستون ڏيندو هليو ويو. ٽئين پاسي ڪرمان تي ابن عامر عبدالرحمان بن عيين کي والي مقرر ڪيو. جنهن هن سڄي علائقي کي آڻ مڃائي اسلام جو اطاعت گذار ڪيو. جيتوڻيڪ اهي انتظام ڏاڍي بهتري ۽ جٽاداريءَ سان ڪيا ويا هئا پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ ابن عامر ڏٺو ته انهن علائقن ۾ اهو ئي گوڙ ۽ گهمسان وري ساڳيءَ طرح بغاوت جو جهنڊو ۽ خودسري هر طرف کان بلند ٿي رهي هئي، فقط مڪران البته انهن خرابين کان بچيل هو. عبدالله بن عامر اهو رنگ ڏسي پاڻ سفر جو ارادو ڪيو ۽ خراسان جي واٽ ورتائين جتي ويهي انهن ملڪن جو انتظام ۽ سهولت هوشياريءَ سان ڪري سگهيو ٿي، خراسان ۾ پهچي ابن عامر مجاشع بن مسعود سلمي کي ڪرمان ڏانهن روانو ڪيو ۽ اتي جي حڪومت به کيس سونپي. هن سيستان تي ربيع بن زياد حرثيءَ کي والي مقرر ڪري روانو ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته باغين کي ماري مڃائڻ ۾ ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي. مجاشع بن مسعود ڪرمان جو رخ ڪيو ۽ ويندي ئي هميد شهر تي حملو ڪيو. مقابلي کان پوءِ جلد ئي شهر فتح ٿيو، ڇو ته شهر وارن پنهنجي حالت مطابق آڻ مڃي.
جيتوڻيڪ مجاشع جي دل ۾ ڏاڍي ڪاوڙ ڀريل هئي مگر هن کي اسلامي اصولن کان مجبور ٿي سندن درخواست منظور ڪرڻي پئي. مطلب ته مجاشع شهر تي قبضو ڪيو شهر وارن کي پناهه ڏني پر هن دفعي جٽادار حڪومت قائم رکڻ جي غرض سان هن هميد ۾ پنهنجي لاءِ هڪ عاليشان محل جوڙايو جيڪو ڳچ وقت تائين ”قصر مجاشع“ جي نالي سان مشهور رهيو. هتي جو بهتر انتظام ڪري مجاشع اڳتي قدم وڌايو ۽ قديم دارالسلطنت ڪرمان جي شهر سيرجان تي حملو ڪيو. شهر وارن شهر جا ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيا پر مجاهدن جلدي شهر کي گهيري ورتو. ٿورن ڏينهن جي گهيري ۾ سيرجان وارا بدحواس ٿي ويا ۽ نيٺ مجبور ٿي هنن پنهنجي قسمت فاتحن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي. مجاشع شهر تي قبضو ڪري جيتوڻيڪ رحمدليءَ سبب ڪنهن جي حياتي وڃائڻ پسند نه ڪئي پر مصلحت خاطر ايترو ضرور ڪيو جو گهڻن شهر وارن کي جيڪي فتني ۽ فساد ۾ اڳڀرا هئا انهن کي جلاوطن ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ مجاشع وڌي جيرفت تي حملو ڪيو. هتي جي ماڻهن به مقابلو ڪيو. پر مسلمانن پاران ڇتي ويڙهه سبب هو عربي تلوارن اڳيان هٿ ٻڌي بيهي رهيا. انهن تي به ترس ڪيو ويو ۽ فاتحن شهر تي قبضو ڪري گهوڙن کي اڳتي ايڙي هنئي. جڏهن مجاشع شهر قفص پهتو ته سيرجان جي جلاوطنن جيڪي هتي اچي رهيا هئا تن مقابلو ڪيو مجاشع کين اهڙي شڪست ڏني جو گهر ڇڏي ڀڄي روانا ٿيا ۽ مجاشع جي دهشت سبب، ٻين شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا. مجاشع انهن جي جڳهه تي عرب خاندانن کي هتي آباد ڪيو. مطلب ته اهڙي طرح مجاشع سڄو ميدان دشمنن کان خالي ڪرايو ۽ قصر مجاشع ۾ ويهي ڪرمان تي حڪومت شروع ڪئي.
اهي ته مجاشع جون ڪار گزاريون هيون. هيڏانهن سيستان ۾ ربيع بن زياد حرثي جيڪا جنگ شروع ڪئي ته ان جو سلسلو ائين قائم ٿيو جو ربيع ويندي ئي سڀ کان اڳ زالق قلعي تي اهڙي تيزيءَ سان هلان ڪئي، جو کيس دشمنن وٽان ڪابه جهل پل نه ٿي ۽ اُتي جو قلعي دار مسلمانن هٿان گرفتار ٿيو، قلعي دار تمام گهڻو مال ۽ دولت فديي طور نظر ڪيو تڏهن سندس جان بچي ۽ آڻ مڃڻ جي واعدي تي پنهنجي قلعي تي مقرر ڪيو ويو. زالق قلعي کان اڳتي ربيع شهر ڪرڪوڪ تي حملو ڪيو، شهر وارن اطاعت ۾ ڪنڌ نمايو ته هو اڳتي وڌيو ۽ زرنج پاسي روانو ٿيو. رستي ۾ شهر راشت آيو. هتي جي ماڻهن مقابلو ڪيو سخت لڙائي لڳي ۽ راشت وارن کي ٿوري دليريءَ سان وڙهڻ جي سزا ملي ۽ سندن ڪيتريون ئي حياتيون ضايع ٿيون ۽ پنهنجون باقي بچيل جانيون فاتحن جي حوالي ڪيون. ربيع هتان کان اڳتي روارويءَ ۾ ناشروذ ۽ شرواذ ٻن مضبوط شهرن تي قبضو ڪيو ۽ نيٺ زرنج جي ديوارن هيٺ وڃي پهتو. زرنج وارن مقابلي لاءِ آمادگي ڏيکاري. ربيع سندن چئن طرفن کان گهيرو ڪيو. اتي جي مرزبان پنهنجي ڪوششن ۾ ٿڪي ٽٽي نيٺ اچي صلح جو سڏ ڏيئي، اطاعت جو اظهار ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته اجازت هجي ته آءُ پاڻ امير لشڪر جي خدمت ۾ حاضر ٿي پنهنجي جان بخشي ۽ شهر وارن جي لاءِ امان جو طلبگار ٿيان، ربيع کيس اجازت ڏني ۽ جنهن وقت هو حاضر ٿيو ته هن سڀني مسلمانن کي ربيع کان وٺي هڪ ننڍي سپاهيءَ تائين هڪ اهڙي خوفناڪ بيهڪ ۽ حالت ۾ ڏٺو جو ڏسندي ئي سندس وار اڀا ٿي ويا. دراصل هي مسلمانن جي هڪ حڪمت عملي هئي جيڪا پنهنجي هيب وهارڻ جي لاءِ ڪئي ويئي هئي، سندس نظر جڏهن مسلمانن تي پئي تڏهن هن ڏٺو ته ربيع هڪ لاش تي ويٺو آهي ۽ هڪ لاش جو وهاڻو لڳل آهي، رڳو ربيع ئي نه سڀ مسلمان انهيءَ حالت ۾ هئا، انهيءَ اٽڪل پنهنجو پورو اثر ڏيکاريو ۽ مٿي بيان ڪيل مرزبان عربن سامهون بيٺي ڏڪي رهيو هو، دستور مطابق صلح ٿيو، شهر مسلمانن حوالي ڪيو ويو، رعيت سڳوريءَ تي جزيو مقرر ٿيو ۽ مسلمان فاتح واري جوش ۽ جذبي سان شهر ۾ داخل ٿيا. زرنج فتح ڪري ربيع سٽاروذ درياءَ ڏانهن وک وڌائي ۽ درياءَ مان لهي ان مشهور ڳوٺ ۾ خيما کوڙيا جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته جتي رستم دستان پهلوان جو طنبيلو هو، اتي رستم جي نالي جو ڀرم رکندي ڳوٺاڻا مقابلي لاءِ نڪري آيا، پر جڏهن وڏا وڏا شهر سٽ نه سهي سگهيا ته هنن جي وس ۾ ڇا هو!؟ شڪست کاڌائون ۽ آڻ مڃيائون.
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو