سماج ڪيئن سڌارجي؟


                       
ڊائري جو ورق
             سماج ڪيئن سڌارجي؟           
(آزاد سمون)
          آئون هن سماج ۾ منفرد طبيعت رکندڙ آهيان، اهوئي سبب آهي جو سماج کي پنهنجو بنائي نه سگهيو آهيان، ۽ نه ئي وري سماج مونکي پنهنجو بنائي سگهيو آهي. ڪافي سماج جون گُهرجون، ضرورتون ۽ سوچون اهڙيون آهن جيڪي آئون پوريون ڪري نه ٿو سگهان انڪري ئي سماج ۾ فٽ ٿي نه سگهيو آهيان. هن سماج جون سوچون ۽ منهنجون سوچون پاڻ ۾ عتضاد ۽ ٽڪراءُ واريون آهن. هن سماج ۾ پرک، پروڙ، سوچ سمجهه ناهي رهي. پرت پيار پورو ٿي چڪو آهي. منافقت مڪاري، دوکي بازي ۽ دغا، ڪلفت ۽ ڪاوڙ، ڪلور ۽ قهر وڌي ويو آهي. قدر، شناس، محنت ۽ محبت رهي ناهي. حق سچ جي اهميت کان انڪار ڪيو ويو آهي. شرافت ته ڄڻ هئي ڪانه. صداقت جو ته نالو ئي ناهي، انهن لفظن اچارڻ سان محسوس ٿو ٿئي ته اهي ڄڻ خيالي لفظ آهن. اهي لفظ اچاريندي اوپرا پيا محسوس ٿين.
          سماج جي اهڙي حالت پيو پسان جو جي ڪو ٻڌائي ٿو ته ڪنهن وقت سچائي، سٺائي، سچائي وفائي، صداقت، شرافت هئي ته اعتبار ئي نه ٿو اچي. ڇو ته اسان جي شرافت، صداقت، سچائي وفائي ڏٺي ناهي ته ڪيئن اعتبار ڪريون. اسان کي ته رڳو دوکو ۽ دولاب، ناحق ۽ ناانصافي پلئه پئي آهي. انڪري ئي ته هن سماج مان باغي آهيان. ان کي ڏسڻ نٿو چاهيان. ڇو ته جنهن سماج ۾ ڪنهن مظلوم جي لاءِ احساس نه هجي. ڪنهن جي جذبن جو سري عام قتل ڪيو وڃي. سوچن ۽ لوچن تي بندش هجي. تقرير ۽ تحرير جي آزادي نه هجي ته اهڙي سماج کي ڇا ڪبو؟. جنهن سماج مان پرک پروڙ قدر قيمت موڪلائي وڃي ان مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. اهڙي سماج جي تبديلي لازم آهي. تبديلي لاءِ جدوجهد ڪبي آهي، جدوجهد زندگي جو نالو آهي. جدوجهد ۾ اهي ڀرپور حصو وٺندا جيڪي حساس طبيعت رکندڙ ۽ سماج جا ستايل هوندا. باقي جيڪي هن سماج کي پنهنجو سمجهن تا اهي ڪڏهن به انقلاب لاءِ اڳتي قدم ڪونه وڌائيندا. انهن جا پير پوئتي هوندا. تبديلي اهي آڻيندا جيڪي سورن سختين سهڻ جي صلاحيت پاڻ ۾ رکندٽ هوندا. هر مشڪل ۾ ماٺ ۾ رهندا. سورن ۾ صبر ڪند. ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍندا.
ڀٽ ڌڻي جي هن بيت تي عمل ڪند ته؛  نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
                                                    سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري. (شاهه)
مونکي اهڙا انسان پسند ايندا آهن، جيڪي سماج جون هر سُمهتون سهندي به ماٺ ته ويهندا آهن. جدوجهد کي زندگي ۽ بندگي سمجهندا. هونئن به جيڪي پنهنجي ذاتي جذبن احساسن امنگن ۽ اميدن کي مٽي ۾ ملائي ختم ڪري ڇڏيندا آهن سي ئي سڀ ڪجهه ڪري سگهندا آهن. اهي پنهنجا جذبا اجتمائي احساسن ۽ جذبن ۾ جذب ڪري وٺندا آهن، انڪري سماج جي طرفان مثبت موٽ نه ملڻ جي صورت ۾ به مايوس نا آهن ٿيندا، ۽ نه ئي وري ڪنهن کي ميار ڏيندا آهن ۽ نه ئي ڪنهن جي آسري ۽ سهاري لڳندا. هو فقط پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي، پنهنجو پاڻ تي ڀاڙي جدوجهد جو آغاز ڪندا آهن. ۽ ڪاميابي جي منزل به ماڻي وٺندا آهن. اسان کي انهن جي راهه تي هلڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونهي. اچو ته اهڙن انسانن جو ساٿ ڏئي سماج کي تبديل ڪريون. انقلاب آڻيون جنهن ۾ ئي سڀن جو ڀلو آهي. 






No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو